ذوالفقار علي ڀٽو : تخت کان دار تائين

'مقالا' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ذوالفقار قادري

    ڊيلي ڪاوش: حيدرآباد

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت بابت مختلف ماڻهن جا مختلف رايا آهن، سندس تعلق بر صغير هند سنڌ جي انهي جاگيردار ڀٽو خاندان سان هو جتي ٻار جنم وٺندي ئي سونن چمچن ۾ ستيون پيئندا آهن، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ويو، سندس والد سر شاهنواز ڀٽو جهونا ڳڙهه رياست جي وزيراعظم سان گڏ راجائن ۽ مهاراجائن سان اٿڻ ويهڻ کان علاوه برٽش سرڪار جي اعليٰ حڪومتي عملدارن سان سير سفر ڪرڻ وارو فرد هو، ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن اک کولي ته قائد اعظم محمد علي جناح، گانڌي، راجائن، مهاراجائن، وائسراءِ کي هن پنهنجي گهر ۾ ايندي ڏٺو، ڀٽو طبيعتن نفيس ۽ نازڪ ماڻهو هو، جڏهن ته طعام، قيام، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ لباس جي حوالي سان ڀٽو صاحب دنيا جي انهن چند ماڻهن ۾ ليکيو ويندو جيڪي خوش لباس سڏيا ويندا هئا پر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جاءِ تي ارڏو، هٺيلو، ضدي، جذباتي هئڻ سان گڏ انتهائي ذهين، هوشيار، چالاڪ، خطابت ۽ بلاغت وارو ماڻهو پڻ هو. ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي انهن چند فردن ۾ شمار ڪيو ويندو هو، جن سموري دنيا گهمي ڏٺي، ڪئين عالمي اڳواڻن سان سندس ذاتي واسطا ۽ دوستيون به رهيون، چيني انقلاب جي باني مائوزي تنگ کان علاوه شاهه فيصل، چوائن اين لاءِ، سربرٽرينڊرسل، شهنشاهه ايران، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي، آمريڪي صدر نڪسن، ڪينيڊي، بومدين، اندرا گانڌي، حافظ الاسد ۽ شيخ زيد پارن سان ته ڀٽي صاحب جي ذاتي ڄاڻ سڃاڻ هئي، پنجين جولاءِ 1977ع تي جڏهن جنرل ضياءَ جي اڳواڻي ۾ ملٽري بغاوت ذريعي مارشل لا مڙهي ذوالفقار علي ڀٽي جي جمهوري سرڪار ختم ڪئي وئي ته فوجي دستن ڀٽي صاحب کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ ڀٽي صاحب جي زندگي جو هڪ ٻيو روپ ظاهر ٿيڻ لڳو، 5 جولاءِ 1977ع کان 4 اپريل 1979ع ڦاهي جي ڦندي چمڻ تائين جو مختصر جائزو ۽ جيل اندر گهاريل ڏينهن هڪ مڪمل تاريخ جو درجو رکن ٿا.
    فوجي بغاوت جو آغاز: 4 جولاءِ 1977ع جي شام پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڏهين ڪور جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي ۽ ملٽري انٽيليجنس جو ڊائريڪٽر جنرل ميجر رياض هڪ گاڏي ۾ ميجر جنرل خالد محمود عارف جي گهر پهتا ۽ تڙ تڪڙ ۾ ٽئي ڄڻا گاڏي ۾ سوار ٿي جنرل ضياءَ جي رهائشگاهه آرمي هائوس روانا ٿيا، جتي جنرل ضياءَ کين ”آپريشن فيئرپلي“ بابت آگاهي ڏني. جنرل ضياءَ جو پرنسپل سيڪريٽري برگيڊيئر خاور لطيف بٽ آرمي چيف جي ملٽري فون تان تمام ڪور ڪمانڊرن، پرنسپل اسٽاف آفيسرن، فارميشن آفيسرن کي هنگامي طور آرمي چيف جي گهر طلب ڪري رهيو هو، ٿورڙي دير ۾ جنرل شريف ليفٽيننٽ جنرل فضل حق، جنرل سوار خان، جنرل اقبال خان، آءِ ايس آءِ چيف ليفٽيننٽ جنرل غلام جيلاني خان سميت سينيئر ملٽري قيادت جنرل ضياءَ جي گهر گڏ ٿي چڪي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي خوف ۾ ورتل جنرل ضياءَ آخرڪار پنهنجي فوجي رفقاءِ ڪار کي فوجي ڪارروائي بابت اعتماد ۾ وٺي، چوٿين ۽ پنجين جولاءِ جي وچ واري رات ٿيندڙ فوجي ڪارروائي جو انچارج ڏهين ڪور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي کي مقرر ڪيو، جنهن وري پنهنجي چيف آف اسٽاف برگيڊيئر اسلم شاهه ۽ ٽرپل ون برگيڊ جي ڪمانڊر برگيڊيئر امتياز وڙائچ کي ڪارروائي جا احڪام جاري ڪري ڇڏيا، ٿورڙي دير بعد فوجي دستا حرڪت ۾ اچي ويا، راولپنڊي ۾ واقع وزيراعظم هائوس ڏانهن ويندڙ سمورن رستن تي ٽينڪون نظر اچي رهيون هيون، ٻئي طرف وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، وزيراعظم جي ڪمري ۾ جاڳي رهيو هو ۽ حڪومتي فائيل چيڪ ڪري رهيو، ڀرسان واري ڪمري ۾ سندس شريڪ حيات بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ٻچڙن بينظير، مرتضيٰ، صنم ۽ شاهنواز سان اگهور ننڊ ۾ ستل هئي ته ايتري ۾ ڀٽو صاحب جي ذاتي نوڪر نورمحمد عرف نوري مغل کيس اچي ٻڌايو ته هٿياربند دستا وزيراعظم هائوس کي گهيرو ڪري چڪا آهن، ايتري ۾ ٽرپل ون برگيڊ جو ڪمانڊر برگيڊيئر امتياز وڙائچ ڀٽي صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿي چڪو هو. ٻئي طرف فون جي گهنٽي وڳي لائين تي جنرل ضياءَ هو، جنهن کيس ٻڌايو ته هٿياربند فوج ڪارروائي ڪري چڪي آهي، اوهان کي مري ريسٽ هائوس منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اوهان جي فيملي کي 70 ڪلفٽن ڪراچي منتقل ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا آهن. انهيءَ لمحي ڀٽي صاحب کي شايد شيخ مجيب ياد آيو هوندو، جنهن بنگلاديش کي آزادي ته وٺي ڏني پر وقت اچڻ تي انهيءَ بنگلاديش جي فوج کيس سموري ڪٽنب سميت ماري ڇڏيو. ڀٽو صاحب اطمينان سان فوري طور ڪوهه مري وڃڻ جي تياري ڪئي. ٻئي طرف سموري ملڪ تي مارشل لا مڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو.
    ڀٽو – ضياءَ ملاقات: 15 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضياءَ پي اين اي ۽ پ پ اڳواڻن سان ملاقات لاءِ ڪوهه مري پهتو. مولانا مفتي محمود، نوابزاده نصرالله خان، پير صاحب پاڳاري، ايئر مارشل اصغر خان ۽ ٻين پي اين اي اڳواڻن کي هٿياربند فوج جي ٻارهين ڊويزن جي هيڊ ڪوارٽر ڪوهه مري ۾ گڏ ڪيو ويو، جتي جنرل ضياءَ سان ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي، ميجرل جنرل ڪي ايم عارف ۽ ميمبر جنرل اختر عبدالرحمان گڏ هئا، پي اين اي اڳواڻن جنرل ضياءَ تي پنهنجي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. ان ملاقات بعد جنرل ضياءَ ڀٽي صاحب کي ملاقات ڪئي، چون ٿا ته اها ئي ملاقات هئي، جنهن ڀٽي صاحب ۽ جنرل ضياءَ ۾ تلخيون پيدا ڪيون، ڀٽي صاحب جنرل ضياءَ تي واضح ڪيو ته هن ملڪ جي آئين سان غداري ڪندي فوجي بغاوت ڪئي آهي، کيس آئين جي آرٽيڪل ڇهين سان منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جي سزا موت آهي. ڀٽي صاحب جي اهڙي ست سرين بعد جنرل ضياءَ فيصلو ڪري ڇڏيو ته بجاءِ جو هو آئين ٽوڙڻ واري الزام هيٺ ڦاهي کائي ڇو نه ڀٽي کي ڦاهي ڏني وڃي بس پوءِ جنرل ضياءَ فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڀٽي صاحب کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻو ناهي پر عالمي دٻاءَ هيٺ 28 جولاءِ 1977ع تي ڀٽي صاحب کي آزاد ڪيو ويو. ڀٽي صاحب آزاد ٿيندي ئي عوامي رابطا مهم شروع ڪئي، 3 سيپٽمبر 1977ع تي علي الصبح 70 ڪلفٽن کي گهيرو ڪري ذوالفقار علي ڀٽي کي نواب محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري لاهور پهچايو ويو، 7 سيپٽمبر تي ڀٽي صاحب کي ڪوٽ لکت جيل موڪليو ويو پر 13 سيپٽمبر 1977ع ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حمداني ڀٽي صاحب کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڀٽي صاحب آزادي بعد جنرل ضياءَ خلاف باضابطا مهم جو آغاز ڪري عوام ۾ نڪري پيو، لاهور، ملتان، فيصل آباد کان ٿيندو ڀٽو صاحب ڪراچي پهتو، اتي پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس بعد ڀٽي صاحب پنهنجي زندگي جي آخري پريس ڪانفرنس 70 ڪلفٽن ۾ ڪئي پوءِ هو عيد ڪرڻ لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي لاءِ روانو ٿي ويو، جتي 17 سيپٽمبر 1977ع تي آخري گرفتاري کان اڳ سندس ساٿي رفيع رضا ساڻس ملاقات ڪري کيس آگاهه ڪيو ته جنرل ضياءَ کيس نه ڇڏيندو بهتر آهي ته هو ملڪ ڇڏي هليو وڃي پر ڀٽي صاحب ملڪ ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، 17 سيپٽمبر 1977ع تي المرتضيٰ هائوس مان گرفتاري بعد کيس پهريائين سکر سينٽرل جنرل پوءِ ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو، جتان کيس وري ڪوٽ لکپت جيل لاهور منتقل ڪري نواب محمد خان قصوري ڪيس ۾ قيد ڪيو ويو، 9 آڪٽوبر 1977ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق ڀٽي صاحب جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.
    ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل جي تاريخ وار ڪهاڻي
    10 نومبر 1974ع تي رڪن قومي اسيمبلي احمد رضا قصوري پنهنجي گاڏي ۾ شادمان ڪالوني لاهور ۾ هڪ شادي ۾ شرڪت بعد واپس گهر وڃي رهيو هو ته شاهه جمال چوڪ تي ان جي ڪار مٿان نامعلوم هٿياربند فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ سندس پيءُ نواب محمد احمد خان قصوري زخمي ٿيو، جيڪو اسپتال پهچڻ بعد گذاري ويو. احمد رضا قصوري اهڙي واقعي جو ڪيس اڇره ٿاڻي تي وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي مٿان داخل ڪرايو.
    13 ڊسمبر 1975ع تي جسٽس شفيع الرحمان جي سربراهي ۾ ٽربيونل جوڙيو ويو، ان ٽربيونل پنهنجي رپورٽ سرڪار حوالي ڪئي پر اها رپورٽ شايع نه ڪئي وئي، لاهور پوليس ۽ سي آءِ اي تحقيقات بعد ان ڪيس کي بلائنڊ ڪيس قرار ڏئي داخل دفتر ڪري ڇڏيو.
    5 جولاءِ 1977ع تي مارشل لا نافذ ٿيڻ بعد احمد رضا قصوري ان ڪيس کي ري اوپن ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
    24 جولاءِ 1977ع ايف ايس ايف جي انسپيڪٽر ارشد اقبال ۽ اي ايس آءِ راڻا افتخار کي گرفتار ڪيو ويو.
    31 جولاءِ 1977ع تي ايف ايس ايف جي انسپيڪٽر صوفي غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪيو ويو.
    11 آگسٽ 1977ع ايف ايس ايف انسپيڪٽر غلام حسين جي اقبالي بيان بعد ايف ايس ايف جي ڊائريڪٽر جنرل مسعود محمود ۽ ڊائريڪٽر آپريشن ميان عباس کي شامل تفتيش ڪيو ويو.
    16 آگسٽ 1977ع تي ميان عباس کي باضابطا گرفتار ڪيو ويو.
    3 سيپٽمبر 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي نواب محمد خان قصوري قتل ڪيس ۾ 70 ڪلفٽن مان گرفتار ڪيو ويو.
    4 سيپٽمبر 1977ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست دائر ڪئي.
    7 سيپٽمبر 1977ع تي ڀٽو صاحب کي ڪوٽ لکپت جيل لاهور منتقل ڪيو ويو.
    13 سيپٽمبر 1977ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حمداني ڀٽي صاحب کي ضمانت تي آزاد ڪيو.
    17 سيپٽمبر 1977ع تي ڀٽو صاحب آخري دفعو المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو.
    9 آڪٽوبر 1977ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ ڀٽي صاحب جي ضمانت رد ڪئي.
    18 مارچ 1978ع: لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ جنهن ۾ جسٽس آفتاب حسين، جسٽس ذڪي الدين پال، جسٽس گل باز خان ۽ جسٽس ايم ايڇ قريشي شامل هئا، نواب محمد احمد خان قصوري قتل ڪيس ذوالفقار علي ڀٽو، ميان عباس، ارشد اقبال، صوفي غلام مصطفيٰ ۽ رانا افتخار کي موت جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ايف ايس ايف جي ڊائريڪٽر جنرل مسعود محمود ۽ غلام حسين کي وعدا معاف گواهه ٿيڻ تي معاف ڪيو.
    25 مارچ 1978ع تي ڀٽي صاحب جي وڪيلن يحيٰ بختيار، دوست محمد اعواڻ، غلام علي ميمڻ ۽ ٻين تي مشتمل وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي.
    18 مئي 1978ع تي هڪ هيلي ڪاپٽر وسيلي ڀٽي صاحب کي ڪوٽ لکپت جيل مان راولپنڊي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويو.
    18 ڊسمبر 1978 تي ڀٽي صاحب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پنهنجو تاريخي بيان رڪارڊ ڪرايو، جيڪو 21 ڊسمبر تائين جاري رهيو.
    6 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس انوار الحق جي سربراهي ۾ جڙيل فل بئنچ ڀٽي صاحب جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
    14 فيبروري 1979ع تي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي وئي.
    24 مارچ 1979ع تي سپريم ڪورٽ نظرثاني جي اپيل رد ڪئي.
    واضح رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو اهو فيصلو اختلافي فيصلو هو، جنهن ۾ چيف جسٽس انوار الحق، جسٽس نسيم حسن شاهه، جسٽس اڪرم، جسٽس ڪرم الاهي چوهاڻ موت جي سزا برقرار رکي، جڏهن ته جسٽس صفدر شاهه، جسٽس حليم ۽ جسٽس دراب پٽيل ڀٽي صاحب کي باعزت بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، جڏهن ته بئنچ جي ٻن ميمبرن جسٽس قيصر خان کي رٽائر ڪيو ويو، جڏهن ته جسٽس وحيد الدين کي بيماري سبب بئنچ مان الڳ ڪيو ويو.
    3 ۽ 4 اپريل جي وچ واري رات ذوالفقار علي ڀٽي کي راولپنڊي ڊسٽرڪٽ جيل اندر ڦاهي چاڙهيو ويو.
    قيدي ڀٽي جي ڪهاڻي
    لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڀٽي صاحب لاءِ خصوصي طور قيدي وارو ڪٽهڙو جوڙايو ويو، کيس جيل کان ڪورٽ قيدين جي گاڏي ۾ آندو ويندو هو. ڪوٽ لکپت جيل اندر قيد ذوالفقار علي ڀٽي کي جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي ته ڀٽو صاحب پنهنجي مشقتي سان شطرنج کيڏي رهيو هو، ڀٽي صاحب کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مولوي مشتاق جي خاص هدايتن تي ڦاهي گهاٽ ۾ رکيو ويو. ڪوٽ لکپت جيل جا قيدي ٻڌائن ٿا ته ڀٽي صاحب کي جيل ۾ خراب کاڌ خوراڪ سبب ڊائريا ٿي وئي ته جيل جو هڪ قيدي اصغر ڀٽي جي پيرن کي زور ڏيڻ لڳو، تنهن تي ڀٽي صاحب کيس منع ڪري ڇڏيو ته خوامخواهه سرڪار توتي ڏمرجي پوندي مون کي زور نه ڏي، ڀٽي صاحب کي جنهن کولي ۾ رکيو ويو ان جو بيت الخلا به اتي ئي ٺهيل هو کولي جي چوڌاري خطرناڪ جوابدار ۽ پاگل قيدي رکيا ويا، جيڪي رات جو ڀٽي صاحب جي کولي جي ڇت تي چڙهي گوڙ ڪندا هئا. هاءِ پاور بلب رات ڏينهن کولي اندر ٻرندو رهندو هو، جنهن سبب ڀٽو صاحب جي اکين ۽ نظر تي به ڏاڍو اثر پيو.
    ڀٽي صاحب سان آخري ڏينهن ۾ راولپنڊي ڊسٽرڪٽ جيل اندر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، بيگم نصرت ڀٽو، شيرين امير بيگم ۽ ٻين آخري ملاقاتون ڪيون، جن هيٺين ريت بيان ڏنو.
    محترمه بينظير ڀٽو مطابق: مون کي ۽ امڙ بيگم نصرت ڀٽو کي سهالا پوليس ڪئمپ ۾ نظر بند ڪيو ويو هو، جڏهن به ڀٽي صاحب سان ملاقات جو شيڊول طئه ٿيندو هو ته هر ڪنهن کي الڳ الڳ وٺي ويندا هئا پر 3 اپريل تي مارشل لا اختيارين اسان کي چيو ته جلدي تيار ٿيو ڀٽي صاحب سان اوهان جي ملاقات آهي، امڙ نصرت جي طبيعت صحيح ڪونه هئي ۽ مون کيس دوا ڏئي آرام ڪرايو هو، بيگم نصرت پنهنجي طبيعت جي ناسازي سبب هلڻ کان انڪار ڪيو پر جڏهن مارشل لا اختيارين زور وڌو ته اسان ٻئي تيار ٿي جيل پهتيون سين. جيل جي ليڊي اهلڪار اسان جي تلاشي وٺي اسان کي اندر ڀٽي صاحب جي کولي پهچايو، جتي بابا اسان ٻنهي کي گڏ ڏسي حيرت مان پڇيو ته اوهان اڄ ٻئي گڏ ڪيئن پهتيون آهيو، ڇا هيءَ آخري ملاقات آهي، امڙ نصرت خاموش رهي ته بابا وري مون کان پڇيو مون کيس چيو ”ممڪن آهي.“ تنهن تي بابا جيل سپرنٽينڊنٽ کان پڇيو يار محمد ڇا هيءَ آخري ملاقات آهي، تنهن تي هن وراڻيو ”جي سائين“ ڀٽي صاحب کانئس پڇيو ته ڇا ڦاهيءَ جي تاريخ مقرر ٿي چڪي آهي، تنهن تي جيل سپرنٽينڊنٽ جواب ڏنو جي سڀاڻي، ڀٽو صاحب پڇيو ڪيتري وڳي جواب مليو پنجين وڳي، تنهن تي ڀٽي صاحب کانئس پڇيو ته ملاقات لاءِ ڪيترو ٽائيم ڏنو ويو آهي ته جواب ۾ چيو ويو ته اڌ ڪلاڪ، تنهن تي ڀٽي صاحب کيس چيو جيل قائدي مطابق ته هڪ ڪلاڪ ڏنو ويندو آهي پر اڌ ڪلاڪ به صحيح آهي مان کين رحم جي درخواست نه ڪندس، چڱو هاڻ منهنجي شيو ۽ وهنجڻ جو بندوبست ڪيو، بابا جي ڪمري ۾ سمهڻ واري گدي ۽ وهاڻي کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي، بابا کولي ۾ پيل رسالا ۽ ڪتاب منهنجي حوالي ڪيا، ٻه چار سگار پاڻ وٽ رکيا، شاليمار سينٽ پرفيوم پڻ رکيائين، هٿ جي آڱر ۾ پيل منڊي لاهي امڙ کي ڏيڻ پئي چاهيائين ته امڙ کيس منع ڪئي ته في الحال تو وٽ هجي اها اسان جي شادي جي نشاني آهي، بابا امڙ کي چوڻ لڳو توهان ٻنهي منهنجي ڪري ڏاڍيون تڪليفون ڪاٽيون آهن، اڄ هو مون کي قتل ڪرڻ ٿا چاهين، اها هاڻ اوهان جي مرضي آهي ته پاڪستان ۾ رهو يا ٻاهر هليا وڃو، مير شاهه ۽ صنم کي پيار ڪجان، ڪاش مان انهن کي به الوداع چئي سگهان ها. پنڪي جي تون چاهين ته يورپ هلي وڃجان پر مون انڪار ڪيو ساڻس وچن ڪيم ته پاپا جيسين زندهه آهيان هت رهنديس ۽ تنهنجي مشن لاءِ ڪم ڪنديس، بهرحال بينظير صاحبه جي بقول پاپا کي مون باهمت ۽ باحوصلا ڏٺو، آخري ڏينهن ۾ ڀٽي صاحب جي جيل جي سيڪيورٽي انچارج ڪرنل رفيع مطابق ڀٽي صاحب بهادري، حوصلا مندي سان ڦاهي گهاٽ جا ڏينهن گهاريا، اهو ڀٽو جنهن جا ڪپڙا لنڊن، نيويارڪ ۽ پيرس مان ٺهي ايندا هئا پر جڏهن اٽل ٿي بيٺو ته جيل جون سختيون کيس جهڪائي نه سگهيون، آخري ڏينهن ۾ ڀٽو صاحب پنهنجا ڪپڙا به جيل جي ڦاهي گهاٽ واري وارڊ ۾ لڳل نلڪي تي پاڻ ڌوئندو هو، آخري ڏينهن ۾ بک هڙتال سبب جسماني طور ڪمزور ٿي ويو هو پر سندس حوصلو بلند هو. کيس ڦاهي ڏيندڙ جلاد تارا مسيح مطابق چڱا ڀلا ماڻهو ڦاهي وقت پريشان هوندا آهن پر ڀٽو صاحب بلند حوصلي سان ڦاهي گهاٽ کان تخته دار تائين سفر طئه ڪيو، آخر ۾ جڏهن تخته دار کي سندس ٻانهون ٻڌي ڪارو ڪپڙو ويڙهيو ويو ته چيائين جلد ڪيو هاڻ اهو قصو پورو ڪيو، ڪن مطابق ڀٽي صاحب چيو يا خدا مان بيقصور آهيان، اڄ ذوالفقار علي ڀٽو اسان ۾ موجود ڪونهي پر سندس حوصلو بهادري ۽ جدوجهد اڄ به هن ملڪ جي ماڻهن کي حوصلو بخشي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو