ڪمپيوٽر وائرس جا قسم ۽ نقصان

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪمپيوٽر وائرس جا ڪيترا قسم آهن ۽ ڪهڙو وائرس ڪيترو نقصانڪار آهي اچو ته سمجهون.

    وائرس جا سوين قسم آهن پر مان اڄ ميل ويئر وائرس جي باري ۾ لکندم جيڪو تمام خطرناڪ قسم آهن، جنهن جا مختلف شاخ پڻ آهن.

    1: adware / ايڊوئير
    ايڊوئير اهڙو وائرس آهي جيڪو اوهان جي ڪميپوٽر تي مختلف قسم جا اشتعار ڏيکاريندو رهندو آهي، اگر اوهان ڪجهه به ويب برائوزر تي لکو ٿا ته اوهان اوهان سڌو ٻي ڪنهن لنڪ تي وٺي ويندو جتي رڳي اشتعار هوندا آهن، هي وائرس پڻ اوهان جي ڊيٽا کي چوري ڪندو آهي، هِن وائرس کي اوهان خود اجازت ڏيندا آهيو.

    2: Spyware / اسپائيوئر
    اسپائي ويئر هر وقت اوهان کي نطر رکندي آهي هي وائرس ان وقت ايڪٽو ٿيندو آهي جڏهن اوهان پنهنجي انٽرنيٽ ڪنڪيشن کي اوپن رکندا آهيو. ۽ برائوزر تي ڪجهه ڳولهيندا آهيو. هِن جو خاص ڪم ڊيٽا گڏ ڪرڻ آهي، جيئن بينڪ اڪائونٽ، سوشل ميڊيا اڪائونٽ، ڪريڊ ڪارڊز، پاسورڊ يا ٻي ڪا ڄاڻ، هي خاص ڪري برائوزر تي ڪم ڪري ٿو، نه ڪي اپريٽنگ سسٽم تي.

    3: Trojan / ٽروجن
    ٽروجن وائرس هڪ سافٽوئر مثل آهي، اوهان اگر ڪو ڊائونلوڊر سافٽوئر، فوٽو ايڊٽنگ سافٽوئر يا اهڙو ڪو سافٽوئر جيڪو ڪنهن 2 نمبر ڪمپني جا ٺهيل آهن اهو ڊائونلوڊ ڪندا ته ان سان گڏ اهو ٽروجن وائرس پڻ پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آهي، هي وائرس اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ بيڪ اينڊ تي ڪم ڪندو آهي، هِن کي وائرس کي يونان جي اڳاٽي زماني جي جنگي ڪهاڻي مان ٺاهيو ويو. اتي جا جنگجو هٿرادو گهوڙا ٺاهي ان جي اندر ماڻهون وجهي دشمن جي قلعي اندر موڪليندا هُئا. پوءِ اهو ماڻهون اتان جي مختلف معلومات گڏ ڪندو هو ۽ قلعي جي ماڻهن کي نقصان پهچائيندو هو.
    هي وائرس اوهان جي پوري ڪمپيوٽر مان ڪريڊ ڪارڊ، پاسورڊ، ايميل، نيٽفليڪس آڊيون ۽ ڪم جا فائيل گڏ ڪري پنهنجي سرور ۾ موڪليندو آهي، هِن وائرس مان آٽوميٽڪ ڪي لوگر ٺهندا آهن جيڪي اوهان جي ڊيٽا گڏ ڪندا آهن،
    هي وائرس پاڻ سان گڏ هڪ ٻيو وارئرس پڻ گڏ کڻي ايندو آهي جنهن کي ransomware وائرس چوندا آهن، هي اوهان جا سمورا فائيل انڪرپٽ مطلب لاڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته فلاڻي لنڪ تي وڃي اسان کي پئسا موڪليو پوءِ اوهان جا فائيل اوهان کي واپس پنهنجي ساڳي حالت ۾ موڪليا ويندا،
    اڄوڪي دور ۾ هِن وائرس کي سڀني کان خاص وائرس پڻ سڏيو ويندو آهي.

    4 Rootkit / روٽ ڪٽ
    روٽ ڪٽ هڪ سافٽوئر سيٽ آهي، ماليشز جو هڪ قسم آهي، جيڪو اوهان جي ڪمپيوٽر تي ٻيا ماڻهون داخل ڪندو آهي، هڪ دفعي هي وائرس اوهان جي ڪمپيوٽر تي انسٽال ٿي ويو. ان کان پوءِ هِن ذريعي اوهان جي سسٽم سيٽنگ ڇيڙ ڇاڙ ڪري سگهجي ٿو. هي صرف اوهان جي آپريٽنگ سسٽم تي انسٽال تي نه ٿو ٿئي. پر هي اوهان جي بايوس تي پڻ اسٽال ٿي ويندو آهي، هِن کي ڪثڻ مشڪل آهي، ڀلي اوهان نئين سر ونڊوز ڪريو، پر هي وائرس هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندو آهي، هِن وائرس مان جند ڇڏائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي جو اوهان پنهنجي سموري هارڊ ڊسڪ کي فارميٽ ڪريو، پر هڪ دفعي نه، شروعات ۾ فارميٽ ڪري، ان ۾ ونڊوز ڪري ٻيهر اوهان کي فارميٽ ڪرڻو پوندو، هي سلسلو تقريبن اوهان کي 3، يا 4 دفعا ڪرڻو پوندو. پوءِ اوهان هِن وائرس ۾ اجو ٿي سگهو ٿا.

    5 Ransomware / رينسموئير

    هِن وائرس جو اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان، هي وائرس اوهان جي ڪمپيوٽر تي ڊيٽا کي لاڪ ڪري ڇڏيندو آهي انڪرپشن ذريعي، پوري ڪمپيوٽر جا فائيل .txt, .docm جهڙن فائيلز ۾ ڪنورٽ ٿيو وڃن، انهن ۾ ايميل ڏنل هوندا آهن ته اگر اوهان پنهنجا فائيل ساڳئي حالت ۾ چاهيو ته ٿا ته اسان سان رابطو ڪري اسان کي پئسا موڪليو بعد ۾ اوهان کي اوهان جا فائيل ملي ويندا، پر ان جو پڪو ثبوت ناهي هوندو جو اوهان کي فائيل واپس موڪل، ڪجهه ماڻهون پئسا موڪليندا به آهن پر انهن کي پنهنجا فائيل ناهن ملندا، هو پيمينٽ ڊجيٽل ڪرنسي مان ڪرائيندا آهن، جيئن بٽ ڪوائين وغيره جيئن جنهن کي ڳولهي نه سگهجي.
    ٻيا ڪيترائي قسم آهن وائرسن سان پر مان ڪجهه مشهور لکيا آهن، اگر ٻيا لکان ها ته پوسٽ تمام وڏو ٿي وڃي ها دوست پڙهندي بور پڻ ٿين ها،

    هي وائرس اوهان جي ڪمپيوٽر تي ڪيئن ايندا آهن؟
    اوهان ٽورينٽ تان فلمون ڊائونلوڊ ڪندا اهيو پر ڪڏهن ڪڏهن اتي اوهان کي وائرس پڻ ملي ويندا اهن يا اوهان ڪنهن پيڊ سافٽوئر لاءِ مفت جا پيچ، ڪريڪيڊ ورجن ڳولهيندا آهيو اهي تقريبن انهن وائرسن سان ڀريل آهن،
    سو براءِ مهرباني ڪا سٺي اينٽاءِ وائرس سافٽوئر ڳولهي انسٽال ڪريو ۽ ونڊيو 10 جو نئون ورجن استعمال ڪريو، جيڪو تمام وڌيڪ سڪيورٽي مهيا ڪندو آهي. ايتري قدر اوهان جي يوٽورينٽ کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيندو آهي.


    شمشير نظاماڻي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
     
  2. عبدالقيوم.

    عبدالقيوم.
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    43
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    سامارو موري سنڌ
    بھترين ڄاڻ
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجي ڪمپيوٽر ۾ mp3 فائلون MONEY. ۾ تبديل ٿي ويون آهن. فارميٽ بدلي ته ڪري ڇڏيون آهن، پر ڪم نه پيون ڪن. ڇا ڪيان؟؟
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڪمپوٽر مان وائرس ڪيئن ختم ڪيو وڃي
     
  5. amresh kumar

    amresh kumar
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    271
    بھترين ڄاڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو