گنيز بوڪ آف د ورلڊ ۾ نالو داخل ڪرائيندڙ عجيب ماڻهو. آمريڪا جو شهري جوناٿن لي رچرڊ هي دنیا جو عجیب ۽ غریب انسان هو هن جو نالو گنيز بوڪ آف د ورلڊ ۾ سڀ کان زياده ڪيس ( مقدمات) وڙهڻ جي وجه سان پيو. . ان سڀ کان پهرين ڪيس پنهنجي ماءُ خلاف درج ڪرايو ته منهنجي ماءُ منهنجي تربيت سٺي طرح نه ڪئي آهي ۽ هن ماءُ خلاف ڪيس کٽيو هن جي بدلي ۾ ان کي 20 ھزار ڊالر معاوضو مليو . ان پنهنجي دوستن، استادن، پاڙيسرين، رشتيدار، منڱ ( منگيتر) پوليس، آفيسرن، ججن ، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ مشهور ڪمپنين ايستائين جو جارج بش تي به ڪيس داخل ڪرايو.. مختلف عدالتن ۾ ان جي طرفان داخل ڪيل ڪيسن جو تعداد 2600 ٿي وئي هئي ،ان جو نالو گنیز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل ڪيو ويو هن گنیز بڪ آف د ورلڊ جي مالڪن خلاف مقدمو درج ڪيو ته انهن هن جي اجازت کان بغیر ان جي ذاتي زندگي متعلق مواد ڇو شائع ڪيو هو ؟ مختلف ڪيسن (مقدمات) ۾ هن کي هرجانن ۽ معاوضن جي صورت ۾ اٺ لک پنجاه هزار ڊالر حاصل ٿيا . هن کي هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ گهرايو ويو هن انهتائي ڏک ۽ رنج جي عالم ۾ ميزبان کان سوال ڪيو ته ڇا وجهه آهي جو ايتري شهرت جي باوجود آئون تنها زندگي گذاري رهيو آهيان ڪو مون سان پيار ڪرڻ وارو نه آهي. نوٽ : ظاهر آهي ته جيڪو هر هڪ تي ڪيس ڪندو ان سان ڪير پيار ڪندو؟. يقيني اهو تنها ئي رهندو. ٽي وي میزبان ان سوال تي کلندو رهيو ۽ هن جي اها کل ڪافي دير هلندي رهي هن کي ڪاوڙ آئي ٽاڪ شو ڇڏي ڪري اٿيو ۽ ٽي وي چينل خلاف ڪيس ڪري ڇڏيائين. ڪيس کٽيائين ڏنڊ ۾ 50 هزار ڊالر انهن کان حاصل ڪيائين.