عجیب انسان

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ علي عباس جمالي لعلورائنڪ طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2019۔

  1. علي عباس جمالي لعلورائنڪ

    علي عباس جمالي لعلورائنڪ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ذرعي ڪمپني ۾ ملازمت
    ماڳ:
    سنڌ لعلورائنڪ
    گنيز بوڪ آف د ورلڊ ۾ نالو داخل ڪرائيندڙ عجيب ماڻهو.

    آمريڪا جو شهري جوناٿن لي رچرڊ
    هي دنیا جو عجیب ۽ غریب انسان هو
    هن جو نالو گنيز بوڪ آف د ورلڊ ۾ سڀ کان زياده ڪيس ( مقدمات) وڙهڻ جي وجه سان پيو. .

    ان سڀ کان پهرين ڪيس پنهنجي ماءُ خلاف درج ڪرايو ته منهنجي ماءُ منهنجي تربيت سٺي طرح نه ڪئي آهي ۽ هن ماءُ خلاف ڪيس کٽيو هن جي بدلي ۾ ان کي 20 ھزار ڊالر معاوضو مليو .

    ان پنهنجي دوستن، استادن، پاڙيسرين، رشتيدار، منڱ ( منگيتر) پوليس، آفيسرن، ججن ، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ مشهور ڪمپنين ايستائين جو جارج بش تي به ڪيس داخل ڪرايو..

    مختلف عدالتن ۾ ان جي طرفان داخل ڪيل ڪيسن جو تعداد 2600 ٿي وئي هئي ،ان جو نالو گنیز بڪ آف ورلڊ ۾ شامل ڪيو ويو هن گنیز بڪ آف د ورلڊ جي مالڪن خلاف مقدمو درج ڪيو ته انهن هن جي اجازت کان بغیر ان جي ذاتي زندگي متعلق مواد ڇو شائع ڪيو هو ؟

    مختلف ڪيسن (مقدمات) ۾ هن کي هرجانن ۽ معاوضن جي صورت ۾ اٺ لک پنجاه هزار ڊالر حاصل ٿيا .

    هن کي هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ گهرايو ويو هن انهتائي ڏک ۽ رنج جي عالم ۾ ميزبان کان سوال ڪيو ته ڇا وجهه آهي جو ايتري شهرت جي باوجود آئون تنها زندگي گذاري رهيو آهيان ڪو مون سان پيار ڪرڻ وارو نه آهي.

    نوٽ : ظاهر آهي ته جيڪو هر هڪ تي ڪيس ڪندو ان سان ڪير پيار ڪندو؟. يقيني اهو تنها ئي رهندو.

    ٽي وي میزبان ان سوال تي کلندو رهيو ۽ هن جي اها کل ڪافي دير هلندي رهي هن کي ڪاوڙ آئي ٽاڪ شو ڇڏي ڪري اٿيو ۽ ٽي وي چينل خلاف ڪيس ڪري ڇڏيائين. ڪيس کٽيائين ڏنڊ ۾ 50 هزار ڊالر انهن کان حاصل ڪيائين.
     
  2. علي عباس جمالي لعلورائنڪ

    علي عباس جمالي لعلورائنڪ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    ذرعي ڪمپني ۾ ملازمت
    ماڳ:
    سنڌ لعلورائنڪ
    تحرير پسند اچي ته دوست ڪمينٽ ڪن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو