*هڪ باد شاه جو نصيب هڪ غريب عورت جي دعا ۾*

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2019۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    *هڪ باد شاه جو نصيب هڪ پينو عورت جي دعا ۾*

    تحرير *ظھير حسين ملوڪاڻي*

    ڪنهن پڙاڻي زماني جي ڳالھ آهي
    هڪ بکاري عورت پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر لا۽ ڪنهن امير جي گهر خيرات گهرڻ لا۽ وئي امير هن کي سئو رپيا ڏنا ۽ بکاري عورت الله آباد رکي اهو چئي هلي وئي. ٻئي ڏينهن انهي ئي امير خواب ڏٺو تہ گهر جي آسي پاسي ۾ ڪا سون جي ديڳ پوريل آهي جنهن ۾ هيرا موتي پيل آھن امير همراھ پنهنجي نوڪرن کي ۽ زال کي حڪم ڪيو تہ اج جيڪڏھن ڪو بکاري پنڻ اچي تہ انهي کي پنج هزار خيرات ۾ ڏجو تہ جئين منهنجو خواب سچو ٿيئي ۽ آئون سون جي ديڳ ڏسان ۽ امير مان ڪروڙ پتي ٿي وڃان ٻي ڏينهن ساڳي عورت پنڻ لا۽ آئي ۽ چيائين اللہ جي نالي ڏيو نوڪرن ۽ زال گڏجي سڀني پنج هزار ڏنا ۽ عورت هلي وئي، ۽ امير نوڪرن کي حڪم ڪيو هاڻي کوٽائي شروع ڪئي وڃي سون جي ديڳ ڪڍڻي آهي، صبح کان شام تائين کوٽڻ کان پو۽ ڪا شيۡ امير کي هٿ نہ آئي امير کي يڪدم ڪاوڙ اچي وئي ۽ نوڪرن کي حڪم ڪيو هاڻي ڪير بہ پنڻ اچي انهي کي ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍجو ڪنهن کي هڪ رپيو بہ نہ ڏيو منهنجو خواب سچو ناهي ٿيو، ڪجھ ڏينهن بعد وري بکاري عورت آئي ۽ خيرات گهريائين تہ امير هن کي ڌڪا ڏئي لتون هڻي بکاري عورت کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ وراڻيو اوهان بکارين جي حيثيت ڇا آهي اسان امير آهيون. بکاري عورت ويچاري روئندي اٿي جواب ڏنوس تہ هن دنيا ۾ هر انسان بکاري آهي.
    امير وراڻيو اهو وري ڪئين؟
    بکاري عورت چيو امير کي دولت جي بک هوندي آ فقير ۽ غريب کي پيٽ جي بک هوندي آ ڪنهن کي ڪرسي جي بک تہ ڪنهن کي جسماني بک ڪنهن کي عزت جي بک تہ ڪنهن کي حرام کائڻ جي بک مطلب هر انسان کي ڪنهن نہ ڪنهن شي جي بک آهي انڪري هر انسان بکاري آهي، پر اوهان امير صرف نچندڙ ۽ رنڊين عورتن تي پئسا اڇلندا آهيو اوهان اهو نٿا ڄاڻو انهي بکاري عورت ۽ نچندڙ يا رنڊي عورت ۾ ڪيترو فرق آهي. پنج رپي لا۽ جيڪو عورت پنندي آهي اها هڪ تہ مجبوري ۾ ۽ ٻيو ٻچن جي پيٽ گذر لا۽ رنڊي ۽ ناچو عورت ۽ اوهان اميرن ۾ ڪو فرق ناهي صرف دولت جي ئي بک هوندي آهي عورت اٿي جئين هلڻ لڳي تہ امير انجي پيرن تي ڪري پيو ۽ ان کي هڪ لک رپيا ڏنائين ۽ گهر ۾ نوڪرياڻي ڪري ۽ پنهنجي امڙ نہ هجڻ جي ڪري پنهنجي امڙ سمجهي گهر ۾ رکيائين ۽ اها عورت سماج جي برن ڪوٺن کان بچي پنهنجو اولاد پڙهائي وڏي عھدي تہ پھچائي وئي، جيترو پئسو ناچو عورتن ۽ رنڊين تي خرچ ڪيو ويندو آ ايترو جيڪڏھن غريبن کي خيرات ڪيو وڃي تہ ڪير بہ غريب ڪون هجي ها سماج ۾ سڀ برايون ختم ٿي وڃن ها.
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا سائين السلام عليڪم .تمام سادن الفاظن ۾ هڪ سٺي نصحيت وارو ليک توهان هن فورم جي ڪينئوس تي چٽيو آهي.توهان جا لک لائق.هميشه خوش رهو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو