سوٽھڙ يا سوٽار ذات بابت

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2019۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    *سوٽھڙ يا سوٽار ذات بابت*

    تحرير *سردار ظھير حسين ملوڪاڻي*

    سوٽهڙ سوٽاڙ
    سوٽهڙ/ سوٽاڙ (ذات/ قبيلو): سوٽهڙ يا سوٽاڙ، هند، سنڌ ۾ رهندڙ هندن جي هڪ مشهور ذات آهي. هن ذات/ قبيلي جا ماڻهو گجرات، راجسٿان، مهاراشٽر ۽ سنڌ کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به رهن ٿا. لفظ سوٽهڙ جي بڻ بنياد بابت دنيا جي قديم ترين ڪتابن رِگ ويد ۽ اَٿر ويد ۾ معلومات ملي ٿي. هي لفظ بنيادي طرح سُوتراڌارا مان سُوتر ۽ پوءِ سوتراڙ، سوٽاڙ ۽ سوٽهڙ بڻيو آهي. سوٽهڙ کي واڍو، ڊکڻ، سُوٽار، ڪاريگر، وشوڪرما، جانگيڙ ۽ گڻيش جي نالن سان به سڏيو ويو آهي. هندن جي آڳاٽي پُستڪ اٿر ويد ۾ جنگين ۾ رَٿ جوڙيندڙ ڪاريگر کي سُوتر سڏيو ويو آهي، جڏهن ته رِگ ويد ۾ ڪاٺ جي ڪم ڪندڙ کي تُوستر/ تُوشتر سڏيو ويو آهي.
    مشهور محقق ۽ عالم، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، پنهنجي ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ سوٽهڙن بابت لکيو آهي ته: ”رگ ويد واري زمـانـي ۾ ٻيا مکيه ڪاسبي واڍا هوندا هئا، جي ’تُوستر‘ (Taustra) (منڊل ڏهون: 119، 5) ۽ ’تڪشت‘ (ڊکڻ) سڏبا هئا (منڊل نائون: 112، 1). اهي گهر ته جوڙيندا هئا، پر گهرن لاءِ سامان (صندل وغيره) ۽ گهر جي ورتڻ جا باسڻ (ٿانوَ) به ٺاهيندا هئا، جي ’درون‘ (ڪاٺ جا ٿانءَ) سڏبا هئا (منڊل نائون: 65، 6) . اهي واڍا رٿ يا گاڏيون، ٻيڙيون ۽ دنگيون به جوڙيندا هئا. رٿن جي مٿان ڌمڻ چمڙي جي ٺهيل هوندي هئي، پر جنگ ۾ ڪم اچڻ لاءِ رٿن جي ڌمڻ ڪنهن ڌاتوءَ جي ٺهيل هوندي هئي. رواجي گاڏين ۾ گهوڙا ۽ ڍڳا ٻڌندا هئا. گاڏين ۽ رٿن جوڙيندڙن جو ججهو مانُ هوندو هو، جو گاڏيون اَنُ وغيره ڍوئڻ لاءِ ۽ رٿ جنگين مهل ۽ شرطن پُڄائڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندا هئا.“
    مارڪنڊيه پراڻ جي اڌياءُ 77 ۾ ’توشتر‘ کي ’وشوڪرما‘ ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو برهما جي ڏهن پٽن مان هڪ انگيرا جي خاندان مان هو، جيڪو جانگڊ/ جانگڙ برهمڻ هو. وشوڪرما ئي اڳتي هلي ’سوٽهڙ‘ قبيلي جو بنياد وڌو. برهما پراڻ مطابق به سوٽهڙن کي ڀڳوان وشوڪرما جو اولاد ڄاڻايو ويو آهي، جيڪي ڪاٺ جو ڪم ڪندڙ ۽ ماس مڇي نه واپرائيندڙ هئا، جڏهن ته گجرات جي ڪجهه علائقن توڙي سنڌ ۾ رهندڙ سوٽهڙ، پاڻ کي راجپوت ونس يعني ’کتري‘ سڏائين ٿا ۽ اهي ماس مڇي به واپرائين ٿا. اهڙيءَ ريت سوٽهڙن جي شناخت جانگڊ براهمڻن توڙي راجپوتن طور ڪئي وڃي ٿي. ٿر جي سگهڙن جي روايت موجب به سوٽهڙ جاتيءَ جون ڪجهه نکون برهمڻ ۽ ڪجهه راجپوت سڏائين ٿيون. ڪرنل ٽاڊ ’تاريخ راجسٿان‘ ۽ رائچند راٺوڙ ’تاريخ ريگستان‘ ۾ سوٽهڙن کي ڀاٽي راجپوتن مان ڄاڻايو آهي.
    سوٽهڙ جاتي، ننڍي کنڊ جي پورهيت جاتي آهي، جنهن جو سنڌو تهذيب ۾ بنيادي ڪردار رهيو آهي. سندن هنرمندي ۽ ڪاريگري بادشاهت واري دؤر کان تسليم ٿيل آهي.
    شري ڪرشن لاءِ روايت آهي ته هن مهاڀارت جي جنگ دوران هڪ موقعي تي ’سوٽهڙ‘ جو روپ اختيار ڪري رٿ جوڙيو هو، جنهن جو ذڪر نوجوان محقق ۽ شاعر ڀارو مل امراڻيءَ به ڪيو آهي ۽ شاهديءَ طور هيٺيون دوهو پيش ڪيو آهي:
    ڪَر بانسولو پڪڙيو، ٽُوٺو ڪِرشن مُرار،
    رَٿ گهَڙيو سُورج تَڻو، وَنس پاليو سُوٿار.
    [شري ڪرشن، واهولو کڻي، سوٽهڙ جو روپ ڌاري، سورج جيڏو رٿ ٺاهيو هو.]
    وقت گذرڻ سان گڏ هن جاتيءَ جا ماڻهو سِنڌ، گُجرات ۽ راجسٿان جي قديم مندرن جي اڏاوت ۽ ڪاٺ جو ڪم شاندار نموني ڪرڻ لڳا. هڪ روايت آهي ته وڪرمي سنبت 989 (1067ع) ڌاري گجرات جو راجا جئسنگهه سولنڪي بيمار ٿي پيو، جنهن تي ڪنهن پنڊت کيس شِوَ جو هڪ مندر جوڙائڻ لاءِ چيو ته جيئن هو چاڪ ٿي سگهي ۽ هن اُهو مندر جوڙايو، جنهن جا آثار اڄ تائين موجود آهن. راجا جئسنگهه، مندر جي اڏاوت لاءِ راجسٿان ۽ مهاراشٽر جي رهاڪو ’وشوڪرما‘ جاتي جي ماڻهن (سوٽهڙن) کي گهرايو هو، پر مزدوريءَ ۽ ڪم کي تيز اُڪلائڻ لاءِ گجرات جي مقامي قبيلن ۽ ذاتين جي ماڻهن به اُن ڪم ۾ حصو ورتو. مندر جي جُڙي راس ٿيڻ کان پوءِ ڪم جي نوعيت مطابق سڀني ڪاريگرن جي نُکن جا نالا رکيا ويا، جن ۾ گهڻائي مهاراشٽر ۽ راجسٿان جي آريا پنٿين ۽ وشوڪرما ڀڳوان جي پوئلڳن جي هئي، جيڪي اڄ به مهاراشٽر ۽ راجسٿان ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهن، انهن ۾: گجرات جا گُجر سوٽهڙ، پانچل ديش، راجسٿان جا پانچول سوٽهڙ، سُورت جا سورتيا سوٽهڙ وغيره شامل هئا. ان بعد، گجرات جي کتري ونس سان تعلق رکندڙ مختلف قبيلن جو نالو ’سوٽهڙ‘ ٿيڻ کانپوءِ، اُهي اُتي ئي (گجرات ۾) رهي پيا، پوءِ انهن مان ڪي لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا، جيڪي اڄ به سنڌ جي مختلف علائقن ۽ شهرن ۾ آباد آهن، جن مان ڪيترا تعليم يافته شخص وڏن عهدن تي به فائز آهن. علائقي جي حساب سان، ٻوليءَ جو فرق ٿيڻ ڪري، سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ رهندڙ سوٽهڙ، ’سنڌي سوٽهڙ‘ سڏائين ٿا. ’تاريخِ ريگستان‘ ۾ رائچند راٺوڙ ڄاڻايو آهي ته، ”سوٽهڙ مارواڙ کان آيل آهن. اهي ڪاٺ مان فرنيچر ٺاهڻ ۽ جنڊيءَ جو ڪم ڪن ٿا.“
    ‘Encyclopaedia of Indian Tribes & Castes’ جي تيرهين (13) جلد (S) جي ص 6214 تي 1901ع ننڍي کنڊ جي قبيلن ۽ ذاتين جو ذڪر ڪندي سوٽهڙن جي ڪُل آبادي 211183 ڄاڻائي وئي هئي، جنهن ۾ 107918 مرد ۽ 103265 عورتون شامل هيون. ساڳئي ڪتاب ۾ سوٽهڙن جي احوال ۾ سندن اصلوڪو ماڳ گجرات ۽ سندن 10 قبيلا ڄاڻايا ويا، جن ۾: (1) آهر (Ahir)، (2) بادگ (Badig)، (3) ديشي (Deshi)، (4) گُجر (Gujar)، (5) ڪونڪاڻي/ وادِوَ (Konkani/ Vadve)، (6) مارواڙي (Marvawi)، (7) ميواڙا (Mevada)، (8) پانچل (Panchal)، (9) پانچولي (Pancholi) ۽ (10) وئش (Vaishya).
    سنڌ ۾ سوٽهڙن جون 27 جاتيون ۽ 120 نُکون آهن، جن مان چار ذاتيون: ڌير، ونس، جوتينگ ۽ سون پُري، وشوڪرما جو اولاد سڏائين ٿا، جڏهن ته ٻين جاتين/ نُکن وارا پاڻ کي راجپوتي نُکن ۾ شمار ڪري، ’کتري ونش‘ سان ڄاڻائين ٿا. سوٽهڙن جون رسمون به گهڻي ڀاڱي راجپوتن/ ٺڪرن سان ملندڙ آهن. سندن پوشاڪ ۽ اُٿي ويٺي به راجپوتن جهڙي آهي، پر اڄڪلهه تعليم يافته طبقي جون عورتون توڙي مرد، شهري ماحول ۾ رهڻ ڪري ثقافتي لباس بدران شهري لباس طرف وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا. سوٽهڙن ۾ پئسي عيوض توڙي بدي وارين شادين جو رواج نه آهي. سوٽهڙ هندو ڌرم جي روايت موجب اڪثر لاش کي ساڙين ٿا، پر ڪي جاتيون جهڙوڪ: جوپاڙيا، اوڍاڻا (ڪي اوڍاڻا به ساڙين ٿا)، ۽ ڏيپاڙ، لاش کي پورين ٿا. جوپاڙيا، پير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو