سارين جي فصل ۾ کس جو لڳڻ

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ رضا ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2019۔

  1. رضا ٻرڙو

    رضا ٻرڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 جولائي 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سموري دنيا جا ماڻهو چانورن کي پنهنجي کاڌ خوراڪ طور استعمال ڪن ٿا، پر خاص ڪري ايشيا جا ماڻهو سستي پروٽين ۽ ڪاربوهائڊريٽ چانورن وسيلي حاصل ڪن ٿا، انهي ڪري سارين جي گهڻي پوکي ۽ استعمال به ايشيا ۾ ئي ٿئي ٿو. سنڌ جي ڏهن ضلعن ۾ ساريون پوکيون وڃن ٿيون. اتر سنڌ ۾ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ دادو وري ڏکڻ سنڌ ۾ ٽنڊومحمدخان، ٺٽو، بدين، ۽ سجاول ۾ مطلب ته سموري سنڌ ۾ هزارين ايڪڙن تي سارين جو فصل آبادگار پنهنجي زمينن ۾ پوکن ٿا، سنڌ جي ماڻهن جو معاشي ڪاروهنوار گهڻي ڀاڱي زراعت تي ئي آهي، جنهن سال فصل ۾ بيماري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري فصل تباھ ٿيندو يا جنسن جا اگھ گهٽ هوندا آهن ته ان سال بازارون ٻُسيون نظر اينديون آهن ۽ واپاري دانهون ۽ ڪوڪون ڪندي نظر ايندا آهن. موجوده وقت ۾ اتر سنڌ جو آبادگار، هاري ناري دڪاندار، واپاري پير، مير مطلب ته سڀ ماڻهو خوش هيا ته مهيني اڌ ۾سارين جو فصل لھڻ شروع ٿيندو ته باغ بهاريون ٿينديون پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيندو. بس ڪجھ ڏينهن پهريان آبادگارن جي چهري تان اميدن ۽ خوشين سان سجايل چهرا اٻاڻڪا ۽ اداس نظر آيا ٻڌڻ ۾ آيو ته سارين جي فصل کي کس لڳي آهي، کس مان مراد اها آهي ته سارين سنگ ته جهليا پر انهن سنگن ۾ داڻا نه ٺهيا، هاڻي جڏهن داڻا ئي نه ٺهيا ته مطلب فصل تي ٿيل سمورو خرچ ۽ محنت ضايع ٿي وئي، اڳ ۾ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن کي چيباٽي ڇڏيو آهي وري هيءَ مصيبت خبر ناهي الائي ڪيترن مسئلن کي جنم ڏيندي؟. زراعت جي سائنس ۾ سارين ۾ کس ٿيڻ جا مکيه سبب ته ٽي ٿين ٿا جن ۾، پاڻي جي ڪمي، ٻج ۾ مسئلو ۽ ٽيون آهي گرمي جو وڌڻ يا صفا گهٽ ٿيڻ.

    اتر سنڌ ۾ هن دفعي گهڻن علائقن ۾ سارين جي فصل کي پهرين پن ويڙهو جيت لڳو، ان تي دوائن جا ڦوهارا ۽ ڇٽا ڪيا ويا وري ڪن علائقن ۾ ڏانڊي وارو جيت لڳو ان تي پڻ دوائن جا وسڪارا ڪيا ويا. ڪجھ وقت کان بعد وري جڏهن نيسر جي مند آئي تنهن کان بعد ڏٺو ويو ته سارين جي سنگ ۾ داڻو لڀي ئي نه پيو صرف پاپڙ هئي، ڪجھ علائقن ۾ته 80 سيڪڙو فصل کس جو شڪار ٿي ويو ۽ ڪجھ ۾ وري گهٽ مطلب ته سراسري ڪڍبي ته منهنجي اندازي موجب اتر سنڌ ۾ تقريبن 50 سيڪڙو فصل کس جو شڪار ٿيو آهي. پر ڏکڻ سنڌ ۾ هن سال جيتن وڏو نقصان ڪيو ايتري قدر جو زرعي دوائون استعمال ڪرڻ کان بعد به فصل کي ڏانڍي واري ۽ پن ويڙهي جيت ڄڱو خاصو ڌڪ رسايو ڪن علائقن ۾ اتي به کس جو مسئلو نظر آيو. پهرين ته ماڻهن اهو پئي سمجهو ته شايد ٻاهران آيل هائبرڊ ٻج هن دفعي ناڪام ٿيا آهن تنهن جي ڪري سارين ۾ کس ٿي آهي پر بعد ۾ جڏهن مشاهدو ڪيو ويو ته جيڪي جنسون هائبرڊ نه هيونمثال اري 6، اري 9، ڪي ايس ڪي 133، سپر باسمتي، ڍينگلو (ڍيڻي) ۽ لاڙيون (چاري لاءِ استعمال ٿيندڙ جنس) وغيره تائين تقريبن سڀني جنسن ۾ کس جو مسئلو ڏٺو ويو. جيڪڏهن ٻاهرين ٻجن جي خرابي سمجهون به ته پوءِ اسان جيڪي پنهنجون سالن کان وٺي عام جنسون پوکيندا ٿا اچون انهن کي ته ڪمپنين ناڪام نه ڪيو هوندو ان کان پوءِ خبر پئي ته مسئلو ٻج جو ناهي.

    سارين ۾کس جو مسئلو سوچجي يا دعويٰ به ڪجي ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري ٿيو آهي ته هن سال پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ايترو نه هيو، پر کس جو ڪاپاري ڌڪ ته اتي به نظر آيو آهي جتي پاڻي جي هڪ ڏينهن به کوٽ نه رهي، ان مان واضح ٿيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري به اهو مسئلو پيش نه آيو.

    آبهوا جي تبديلين)(Climate Change جتي پوري فطرت ۽ ماحول تي پنهنجا اثر چٽيا آهن، اهي هاڻي ڪنهن کان لڪڻ جهڙا ناهن اها ته اڃا شروعات آهي خبر ناهي ته ڪٿي وڃي دنگ ٿيندو، پوري دنيا جي ساڃاھ وندن ان حوالي ِسان حڪمت عمليون جوڙڻ لاءِ تجويزون پئي ڏنيون تنبيهون پئي ڪيون پر پوري دنيا جي پاليسي ساز ماڻهن انهن جي ڳالھ کي سنجيدگي سان نه ورتو، اڃا به ڪجھ آهن جيڪي اڃا تائين ان حقيقت جي نفي ڪن ٿا، پوءِ اڄ اهي آبهوا جي تبديلين جا اثر ڏينهون ڏينهن چٽا نظر ايندا پيا وڃن ڏينهون ڏينهن جاندارن لاءِ هن ڌرتي تي جياپي جو نئون سوال ۽ نئون مسئلو ڪر کڻي بيهي ٿو رهي. ايتري قدر جو عمران خان اقوام متحده جي اداري جي هڪ پروگرام ۾ ويهي اهي لفظ چيا ته موسمي تبديلين جا ناڪاري اثر پوندڙ ملڪن جي سرفهرست ۾ پاڪستان ڏهين نمبر تي آهي. جيتوڻيڪ ته اهو آبهوا جي تبديلين وارو سوال صرف هڪ ملڪ يا خطي جو نه بلڪه پوري عالم جو مسئلو آهي. انهي حوالي سان هن سال جتي مونسون جون برساتيون گهڻيون هليون پوري دنيا جي مختلف خطن ۾ ٻوڏيون ته ڪٿي وري اٻس ۽ گهٽ رهي مطلب آبهوا جي تبديلي هن وقت هڪ رستي تي ناهي جو ان کي سمجهي سگهجي اها هن شعر جيان آهي ته “ آهي يار ته منهنجو هيءُ ته ڪنهن مهل ڪيئين ته ڪنهن مهل ڪيئن”. سارين جي فصل دوران هڪ ته پاڻي زمين۾ بيٺل رهيو، جڏهن ڏينهن جوسج پنهنجي گرمي جون تجليون ڏئي زمين کي تپائيندو رهيو ته ان وقت پاڻي ٻاف جي صورت ۾ ڄر بڻجي ماحول کي وڌيڪ گرم ڪري ڇڏيو. اتر سنڌ ۾ خاص ڪري جنهن وقت سارين جي لڳ جي عمل جو وقت هيو ته ان وقت اسان وٽ هواءَ نه هجڻ گهٽ ۽ اٻس وارو ماحول جڙيو جنهن جي ڪري اها ڄر سارين کي وڪوڙي ويتر گرمي پد ۾ اضافو ڪيو.

    سارين جو لڳ جو عمل پاڻ مرادو (Self pollinated) ٿيندو آهي، سارين کي لڳ جي عمل (Pollination) لاءِسراسري ڏينهن رات ملائي ڪري 36 سينٽي گريڊ کان گهٽ گرمي پد گهربل هوندو آهي، سائنسدان اينڊو. ايم موجب ته “ گرمي پد مخصوص حد کان وڌي وڃڻ ڪري سارين جي ٻوٽي جي اهم حصي نر (Anther) جي ڪارگردگي گهٽجي ويندي آهي. ٻيو وري گرمي پد وڌي وڃڻ ڪري ٻوٽي جي نر منجهان نڪرندڙ ٻُور (Pollen grains)پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪري سگهندو ۽ اهو ٻُور ٻوٽي جي مادِي حصي (Stigma) تائين پهچڻ واري صلاحيت وڃائي ويهندو آهي نتيجي طور ٻوٽي ۾ لڳ جو عمل متاثر ٿيندو آهي”. هڪ ٻئي سانسدان چِن جُو لِن جو چوڻ آهي ته لڳ جي عمل واري وقت تي جيڪڏهن گرمي پد 35 کان وڌيڪ ٿيندو ته ان سان پيداوار ۽ سارين جي داڻن جو وزن پڻ گهٽجي ويندو، نه صرف ايترو پر چانورن ۾ سختيءُ بجاءِ نرمي پيدا ٿي جيڪا اڳتي هلي ڪري سارين جي ڪارخانن ۾ سارين مان چانورن بڻجڻ واري عمل کي پڻ متاثر ڪندي آهي.

    ممنهجو اهو هرگز به خيال ناهي ته جيڪي ٻاهرين ملڪن منجهان ٻج ۽ دوائون اچن ٿيو يا ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ ٻج، دوائون ڀاڻ وغيره وڪرو ڪن ٿيون اهي معياري آهن ٿي سگهي ٿو انهن ۾ به ڪا هيرا ڦيري به هجي پر ان لاءِ اها سنڌ سرڪار جي زرعي توسيع کاتي جي ذميوري آهي ته انهن جي جاچ پڙتال ڪري جيڪي ڪمپنيون معيار مطابق نه لهن ته انهن جا لائيسن منسوخ ڪيا وڃن. پر هتي ته حالت اها آهي جو ڪمپنين ۾ اڪثر آفيسر به عطائي آهن جنهن وٽ زراعت جي ڊگري به ناهي نه ئي انهن وٽ ان بابت ڪا ڄاڻ آهي پر ڪو پڇڻ وارو ناهي، عطائي ماهر۽ ميٽرڪ پاس ڊيلر حوالي سنڌ جي زراعت آهي پوءِ جيڪو نقصان ٿئي پيو ان تي حيران ٿيڻ نه گهرجي.

    وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن ملڪ ۾ زراعت جا ادارا هوندي به هن وقت تائين هڪ به سارين جي هائبرڊ جنس ناهن ٺاهي سگهيا جيڪا سنڌ ۾ پوکي وڃي. وري انهن ادارن جا ماڻهو چون ٿا ته هائبرڊ نه پوکڻ گهرجي هلو سائين هائبرڊ جيڪڏهن سائنسي حوالي سان درست ناهي ته ڀلا پنهنجي ملڪ ۾ انڊيا، چائنا ۽ ٻين ملڪن منجهان جيڪي هائبرڊ ٻج اچن ٿا انهن تي سرڪاري طور بندش وڌي وڃي ته جيئن هن ملڪ جي ماڻهن جا ڪروڙين رپيا ضايع نه ٿين.

    سموري دنيا ۾ مسئلي کان پهرين قدم کنيا ويندا آهن، سڀني کي خبر به هئي آبهوا جي تبديلي جي ڪري مسئلا پيش اچي سگهن ٿا، انهي مسئلي جي ڪري ٽن چئن سالن کان ٿورو نقصان ڏيندو پيو اچي پر اسان وٽ تحقيق جو نالو ئي ناهي، سنڌ جي زرعي تحقيقي اداري ۾ آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو عملي ڪم ڪن ٿا، هن وقت به سنڌ جي تحقيقي اداري ۾ سَون جي تعداد ۾ جايون خالي آهن پر انهن کي ڀرڻ لاءِ نوان اهل ماڻهو رکڻ لاءِ تيار ناهن باقي بجيٽ جو استعمال هاڻي وري پروجيڪٽن جي نالي ۾ پيسا ڦٻائڻ وارو نئون طريقو ايجاد ٿيو آهي جنهن سان ڪم پروجيڪٽن جي رپورٽن ۾ ته هوندو پر حقيقت ۾ ڪاريءَ وارا ڪک نظر ايندا.

    سارين ۾ کس واري مسئلي جو حل هڪ اهو آهي ته زرعي ادارن کي گهرجي ته اهڙيون جنسون تيار ڪن جيڪي گرمي جو مقابلو ڪرڻ جي سگھ رکن ٻيو حل اهو آهي ته سارين ۾ کس جو مسئلو انهن علائقن ۾ گهٽ نظر آيو جن علائقن ۾ پوکائي پاڇاٽي ٿيل هئي انهي ڏس ۾ زرعي ادارن کي آبهوا جي تبديلي کي نظر ۾ رکندي سارين سميت سڀني فصلن جي پوکائي جي وقت جو نئون ڪلينڊر ٺاهن ۽ ان کي هر ٻئين نئين سر ٺاهن. ٽيون حل، بي راحم ذُلڪرامي نالي سائنسدان جي چوڻ موجب ته گرمي جي اثر جي ڪري سارين جا سنگ کسي ٿي وڃن ٿا انهن کي ڀرڻ لاءِ امائينو ايسڊ جو اسپري ڪيو وڃي ته جيئن سارين ۾ نشاستي (Starch) ٺهڻ جو عمل وڌيڪ هٿي وٺي ٿو جنهن سان کس جوڪنهن حد تائين ازالو ڪري سگهجي ٿو پر وري به سوال اهو ٿو پيدا ٿي تحقيق منجهان ڪي نتيجا اچن اهي آبادگارن تائين پهچائڻ وارو ڪم به سنڌ سرڪار جي زرعي توسيع کاتي جو آهي پر اتي به زرعي آفيسرن جو سوين جڳهون خالي پيل آهن پر انهن جو به زرعي تحقيقي اداري جهڙو ئي حشر آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو