ٿيسز، تحقيقي بيان جو نالو آهي يا ڪتاب جو

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,809
    ورتل پسنديدگيون:
    27,197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٿيسز، تحقيقي بيان جو نالو آهي يا ڪتاب جو‘

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو

    سنڌ جي يونيورسٽين ۾، خاص ڪري سنڌي ڊسيپلين ۾، اڪثر اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته ’ٿيسز مان مراد هڪ ڀلو ڪتاب لکڻ آهي.‘ اها ڳالهه ان بنياد تي ڪئي ٿي وڃي، جو جيڪي به ٿيسزون ڏٺيون ويون آهن، سواءِ چند ٿيسزن جي، باقي ڀلا ڪتاب لکيل آهن. ڪتاب به ڇا رڳو لکڻ جو مظاهرو ڪيل هوندو آهي، يعني پنن جو پيٽ ڀرڻو آهي. گهڻي قدر، ٿيسزن جي نالي، تاريخي (Historical) ۽ شخصياتي (Biographical) موضوعن تي ڪتاب لکيل ملندا. حالانڪ ٿيسز هڪ اهڙي منطقي بحث جو بيان آهي جيڪو هڪ نئون تصور ڏيندو هجي يا هڪ اهڙي ڪم جي لکت واري صورت، جيڪا توهان خيالن ۽ تحقيق جي بنياد تي ڪئي هجي. يعني ڪنهن عنوان (Topic) کي جڏهن موضوع واري حالت ۾ آڻجي ٿو، ته ان جو تفصيل وار ۽ ترتيبوار بيان لکڻ کي ٿيسز ٿو چئجي. بين الاقوامي طور تي ان کي هڪ فارميٽ ۾ رکڻ لاءِ ان جا جزا متعين ٿيل آهن ۽ ان ۾ سڌاري جا امڪان به رهندا آيا آهن. مقصد ته جيئن اينڊرائيڊ موبائيل يا ڪمپيوٽر اپڊيٽ ٿيندو آهي، ائين اهي دائرا به پيا اپڊيٽ ٿيندا آهن. ساڳئي وقت ٽريننگ يا فريشر ڪورسن ذريعي استاد به اپڊيٽ ڪيا ويندا آهن.
    اسان وٽ سنڌ ۾ وري ماحول اتي جو اتي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. علمي ميدان ۾ اهڙا پوپ بڻجي ويندا آهن جو ان جي جوڙيل فارميٽ يا ڪيل ڪم جي انداز سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ يا ان تي علمي تنقيد ڪرڻ ڄڻ ته ڪفر ۾ شامل سمجهيو ويندو آهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڪم ڪندڙ چند دوستن جا ڪم ڪرڻ جا ڍنگ ڏسڻ ۾ آيا آهن ۽ ڏسجن ٿا پيا، جيڪي فرسوده موضوعن تي لکڻين جا ڍير گڏ ڪري ڊگريون وٺي ويا ۽ وٺن ٿا پيا. هڪ ايم.فل جي دوست کان پڇيم ته اوهان جي تحقيق (Research) جو سوال ڇا آهي، جنهن کي توهان وضع ڪرڻ وڃو پيا؟ دوست پورو منٽ سوچ ۾ پئجي ويو، حوصلي ۾ اچي چيائين ته ”فلاڻي جي علمي ۽ ادبي ڪم جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“. سوچ ۾ هو ڇا پئجي ويو، سوچ ۾ ته مان پئجي ويس. کڻي مٿي تي هٿ ڏئي، وائڙو ٿي ويم ته هن ويچاري کي اها ئي خبر ناهي ته ’مسئلي جو سوال‘ به ٿيندو آهي ۽ ان سوال کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ميٿاڊالاجيءَ هيٺ ڪم ڪبو آهي. وڌيڪ پڇيومانس ته ”ڪيترو ڪم ٿي چڪو آهي؟“ وراڻيائين ته ”ٽي باب پورا ٿي چڪا آهن ۽ منهنجي نگران پڻ ڏٺا آهن.“ ظاهر آهي ته جنهن کي ٿيسز جي اهم نڪتن جي ئي خبر ناهي ان باوجود هن ڪافي لکيو آهي ۽ سندس سپروائيزر به نگراني ڪري چڪو آهي. رهندو پريشانيءَ واري ڳالهه!
    يعني اسان وٽ ٿيسز مان وڃي مراد بيٺي ’گهڻي کان گهڻو لکڻ جو مظاهرو ڪرڻ‘ ۽ سپروائيزن جو ٽارگيٽ وڃي اهو رهيو ته ’گهڻي کان گهڻا اسڪالر پيدا ڪرڻ‘ ته جيئن انهن جي ڪرڪردگيءَ ۾ اضافو رهي.
    وري عنوان اهڙا ڳورا جو ان کي موضوع ۾ آڻڻ لاءِ به هڪ وڏي ايپروچ جي ضرورت آهي. خود ’عنوان‘ کي وضع ڪرڻ لاءِ سوالن جا جواب گهربل رهن ٿا، جيئن: ’علمي ۽ ادبي ڪم‘ کي ڪهڙن بنيادن تي الڳ ڪبو؟‘، ’تحقيقي جائزو‘ ڇا ٿيندو آهي؟‘ ۽ ’تنقيدي جائزو ڪئين وٺبو آهي؟‘ اهڙن سوالن هيٺ کوڙ سوال جنم وٺن ٿا. اڳتي هلي ٿيندو ائين ته جڏهن اهڙن علمي ڏيئن مان ٻيا ڏيئا ٻرندا ته پوءِ ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ’رسرچ ڪلچر‘ پيدا ٿيندو!
    يعني اسان وٽ اڃا عنوان جي بيهڪ ئي مسئلو آهي ته مسئلن جي چونڊ ڪيئن درست رخ ۾ ٿي سگهندي؟ هڪ دؤر هيو جو ڪتابن لکڻ وارا اديب، عالم ۽ ماهر تحقيقي ڪمن جي پئي نگراني ڪئي. اهي ٿيسزون هن وقت به ڪٻٽن جون زينت بڻيل آهن. ظاهر آهي ته سماجي طور تي ڪنهن مسئلي تي ڪم ٿيل هجي ته ٻين لاءِ ڪارگر ٿين، ٻي صورت ۾ لائبريريءَ جي سکڻي سونهن!
    هن وقت به ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ٿيسز جي فارميٽ تي توجه ڏنو وڃي ۽ ان جي ميٿاڊالاجيءَ تي زور ڏنو وڃي ته جيئن اسڪالر ان کي پنهنجي ذهن ۾ ويهاري، ڪو ڪم ان دائري اندر ڪري سگهن. ٿيڻ ائين کپي ته ٿيسز جي فارميٽ بابت اسڪالرن جا ورڪشاپ ڪرايا وڃن ۽ اسائنمينٽن جي صورت ۾ اڳ لکيل ٿيسزن تي تنقيدي جائزا لکرايا وڃن ته جيئن هڪ ’ريسرچ ڪلچر‘ پيدا ٿي سگهي.
    ائين ناهي ته سائنسي ڊسيپلين ۾ ٿيسز جي فارميٽ تي توجه ڏنو ويندو آهي، باقي سوشل سائنس جي ڊسيپلين يا سنڌي سبجيڪٽ ۾ اهڙي فارميٽ جي گهرج پيش نه ايندي آهي. ٿيسز جو فارميٽ عام هوندو آهي، جيڪو سڀني علمن سان لاڳو رهي ٿو.
    هاڻي به جيڪڏهن موجوده حالت ۾ ڪورٽ جي ڪيسن جيان سائيٽيشن ڏئِي، اها ڳالهه ڪئي وڃي ته اهڙي انداز سان اڳ به ٿيسزون لکيل آهن ته منهنجي خيال ۾ ان کان وڌيڪ قوم سان ٻي مذاق نٿي ٿي سگهي.
    منهنجي اڀياس آهر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پهريون چيئرمين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مقرر ڪيو ويو، جيڪو ان وقت آمريڪا مان ايجوڪيشن ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪري آيو هو. بنيادي طور سنڌي ڊسيپلين جو ماڻهو نه هيو، ليڪن ڪم جي لحاظ کان سائنسي طور ميٿاڊالاجيءَ جي سکيا وٺي آيو هو. ان جي وقت ۾ جيڪي به پي.ايڇ.ڊي ۾ رجسٽر ٿيا، سي تڳي نه سگهيا. علمي توڻي ادبي ماحول ۾ اهو شوشو ڇڏيو ويو ته ’ڊاڪٽر بلوچ نه ٿو چاهي ته سندس وقت ۾ ڪو ٻيو به پي.ايڇ.ڊي بڻجي.‘ اصل ۾ معاملو سڄو علمي انداز سان ڪم ڪرڻ جو هيو، جيڪو سؤلو نه هيو. ان بعد ته ڊگرين جي ديڳ چاڙهي وئي، ڪتاب سان گڏ ڪيڪ هوندو هو ۽ ڊگري ملي ويندي هئي. هن دؤر ۾ اهي ئي ٿيسزون وري ٻيهر تنقيدي نظر سان جاچي سگهجن ٿيون، ته جيئن نوجوان اسڪالر پنهنجو تصور جوڙي سگهن.
    مون کي ياد آهي ته اسان جي سپروائيزر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي چند شاگردن کي اسائنمينٽ طور اڳ لکيل ٿيسزن تي تنقيدي پيپر لکي اچڻ لاءِ چيو. مون کي ڊاڪٽر غلام علي الانا جي لکيل ٿيسز ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ وارو عنوان مليو. مون جنهن انداز ۾ ڪم ڪيو، سو ڊاڪٽر ٻگهيي کي وڻيو ۽ چند مشورا به ڏنائين. مون محسوس ڪيو ته اها هڪ مشق آهي، جنهن سان ڪم ڪرڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي.
    ڊاڪٽر ٻگهيو، جيئن ته ٻاهر جو پڙهيل آهي، ان لاءِ هو فارميٽ تي گهڻو زور ڏيندو رهيو. سندس ٻڌايل فارميٽ ذهن ۾ ايترو ته ويهي ويو جو هاڻي عام پيپر به لکجن ٿا ته ان ۾ به فارميٽ جا ڪي جزا شامل ڪري وٺندو آهيان.
    عام طور ٿيسز جي مختصر فارميٽ بابت اهم نڪتا هن ريت بيان ڪيا ويا آهن:
    پهرئين باب ۾ ڪم جو تعارف (Introduction) ڏبو آهي، جنهن ۾ پس منظر (Background)، مقصد (Objectives)، مفروضو ۽ سوال (Question/s)، ضرورت ۽ اهميت (Significance) وغيره اچي ويندي آهي.
    ٻئين باب ۾ موضوع سان سلهاڙيل ٿيل ڪم جو جائزو (Literature Review) ڏبو آهي.
    ٽئين باب ۾ ڪيل ڪم کي اڳتي کڻڻ ۽ ان ڪم تي ڪرڻ جي انداز کي بيان ڪرڻ لاءِ تحقيق جو طريقو بيان ٿيندو آهي. ان باب ۾ ڪم جي ڇنڊڇاڻ ۽ حد بندي (Limitation) پڻ بيان ڪئي ويندي آهي.
    چوٿين باب ۾ ڳولهيل ڪم (Findings) عنوان موجب واضح ڪبو آهي.
    پنجين باب ۾ نتيجو، حاصل مطلب ۽ مشورا (Suggestions) ڏبا آهن. نتيجي ۾ به ان اڀياس مان جڙيل معيار (Standards) ڏبا آهن، جيڪي ٻين لاءِ اصول بڻجي بيهندا آهن.
    ٿلهي ليکي ته ٿيسز ۾اهم ڳالهه ڪم جو تعارف هوندو آهي، جنهن ۾ مفروضو ۽ سوال، هڪ پس منظر مان اخذ ڪري نمايان ڪبو آهي. سوال مان مراد ته جيڪو ڪم ڪيو ويندو، ان جو محور صرف سوال هوندو. ائين نه ٿئي جو هيڏانهن هوڏانهن جو فالتو مواد وڃي گڏ ٿيندو. ڪنهن جو حوالو به صرف ايترو کڻبو آهي، جيترو موضوع سان سلهاڙيل هجي، ۽ ڪنهن بيان ٿيندڙ نڪتي کي تقويت ڏئي، ائين نه هجي ته فلاڻو لکي ٿو يا ڄاڻائي ٿو ته.... هڻ جو کڻي ته صفحو ٻه صفحا حوالي جي مد ۾ کڻجن.
    ٻي اهم ڳالهه ڪيل ڪم جو جائزو آهي، جنهن کي پڻ ترتيب سان سهيڙي ان جي اهم نڪتن تي بحث يا علمي انداز ۾ تبصرو ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن سوال جي جواب کي ويجهو ٿجي. اهڙي بحث يا تبصري کي اڳتي ڪرڻ لاءِ تحقيق جو ڪو طريقو کڻبو آهي، جنهن سان ڪم جو دائرو واضح رهندو آهي.
    آخري ۽ اهم ڳالهه آهي نتيجو، جنهن مان مراد ته اوهان جيڪو ڪم ڪيو، ان مان ڪهڙا اصول جڙيا؟ ڪهڙا نوان معيار بيٺا؟ ائين ناهي ته اوهان جيڪو ڪجهه پوئتي لکڻ جو مظاهرو ڪيو آهي، سو بس اهم نڪتن ۾ سهيڙڻ کي ٿو نتيجو چئجي! نتيجي مان مراد ئي اها آهي ته اوهان جيڪو ڪم ڪيو آهي، ان سان جيڪي معيار/ اصول بيٺا آهن سي نڪتن ۾ بيان ڪريو ته جيئن ٻيا ان مان لاڀ پرائي سگهن.
    ٿيسز جي بابن جي ورهاست، ڪنهن جواز تحت، سپروائيزر جي صلاح سان مختلف به ٿي سگهي ٿي، ليڪن ٿيسز جو سوال ۽ ڪم جو نتيجو نهايت اهم هوندو آهي. بهرحال، سنڌ جي يونيورسٽين کي گذارش ٿي ڪجي ته شروعاتي ڪورس ورڪ ۾ سائناپسز کان وٺي ٿيسز جي فارميٽ تائين وارن اهم معاملن تي ڪي ورڪشاپ ڪرايا وڃن ته جيئن اسان جو اسڪالر ڪنهن درست رخ سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري سگهي.


    روزاني سوڀ آڪٽوبر 22، 2019
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو