شيخ اياز جي وائيءَ ۾ فن!

'شيخ اياز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيخ اياز جي وائيءَ ۾ فن!

    تحرير: ـ سعيد حاوي

    حصو پھريون!

    اھڙي ڪويتا جيڪا پنھنجي جوھر سان سماج تي اثر ڇڏي اھا تاريخي ٿي ويندي آھي ۽ هميشه زندهه رھندي آھي!
    جديديت صرف نيون تشبيهون،
    تمثيل (Allegory)
    علامت نگاريءَ (Symbolism) سان ڪونهي، انهيءَ سان گڏ فن - هنر (Art) به نئون ھجڻ لازمي آھي.
    اھا ئي اھا ڳالهه آھي جيڪا اسان کي روايتن
    کان ٻاھر ڪڍي ٿي. پر وري انهن سڀني کي
    (Post Mordernism)جديديت پڄاڻان جديديت جو تخليقي عمل رد ڪري ٿو. اھي ٻئي ڊگھا الڳ بحث آھن،
    شيخ اياز وائيءَ ۾ گھڻا تجربا ڪيا آھن!
    شيخ اياز جي وائي تي لکڻ کان اڳ وائي بابت ڪجهه رايا ٻڌائڻ چاھيان ٿو جيڪي وائي جي شروعات ۽ ان جي فن تي آھن
    مرحوم محبوب علي چنا وائيءَ متعلق پنهنجو رايو لکندي هيئن لکيو آهي ته ”عام اصطلاح ۾ ڪنهن ڳالهه ۽ ٻوليءَ کي وائي سڏبو آهي هن جو ڌاتو پراڪرت لفظ ”وايا“ ۽ سنسڪرت جي لفظ ”وارتا“ مان نڪتل آهي. سنسڪرت ۾ ”ورت“ لفظ جي معنيٰ آهي ”هجر“ (نئين زندگي ڊسمبر 1958ع)
    مخدوم طالب الموليٰ سائين جو رايو ورجائيندي مرحوم غلام حمد گرامي صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ”وايا“ ۽ وارتا“ جي معنيٰ آهي، رهت، حالت ۽ ماجرا. ان طرح ”وايو ۽ ”وائي“ معنيٰ هوا، پران يا پساهه، ”وائي“ ”اهوئي“ هڪ آهن.“
    ان کان پوءِ اڳتي لکي ٿو ته خدا نٿو ڀلائي ته ”واڻي“ مان وائي ٺهيو آهي.“ (ادبي اوسر- مرتب غلام علي الانا 1967ع) هندن جي مذهبي اوتار باباگرو نانڪ صاحب جي قولن يا ڪلام کي به ”واڻيون“ يا ”ٻاڻيون“ چئبو آهي. انهن جي چَوَتِ به وائي سان مشابهت رکي ٿي.
    جگت بهکاري بهرت هي، سب کو داتا رام
    کهه ”نانک“ من سمرتهه، پورن هوئي کام.
    وائيءَ کي ڏسجي ته ان جو گهاڙيٽو به ٻاڻين وارو ئي آهي. (حوالو ڪتاب ”ڪافي“ مصنف طالب الموليٰ).
    ۽ فارسي جو مهان تاريخدان پير حسام الدين شاهه راشديءَ پنهنجي تحقيق ۾ لکيو آهي ته ”ڪافي تي نالو لطيف وائيءَ جو رکيو،
    ڪافي“ جو وجود شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان تقريباً ٻه صديون اڳ ۾ هيو. مطلب ته ”ڪافي“ شاهه صاحب کان ٻه صديون اڳ ۾ متعارف ٿي. شاه صاحب جي ڄمڻ کان ٻه سو سال اڳ هڪ بزرگ لاڏ جيئو برهانپوري ۽ ان کان پوءِ مير معصوم شاه بکري تاريخ معصوميءَ جو مصنف ۽ معصوم شاه جي مناري سکر واري جي بانيءَ جو ڀاءُ مير محمّد فاضل بکريءَ جا نالا تاريخ ۾ ملن ٿا جيڪي تمام سٺا ڪافي جا شاعر ٻڌايا وڃن ٿا.
    وائي سنڌي ۾ پهرين ڪنهن لکي؟ ان بابت ميون شاهه عنات کان پهرين رڳو حوالا ۽ ذڪر ملن ٿا پر ميون شاهه عنات جي ڇپيل ڪلام ۾ ڪيتريون ئي وايون ملن ٿيون، ان حوالي سان مليل تاريخ مطابق ميون شاهه عنات وائيءَ جو پهريون شاعر آهي.
    پروفيسر محرم خان لکي ٿو، ” وائي ميان عنات رضويءَ جي وقت ۾ نسري نروار ٿي، ۽ بلال شاهه ۽ لطيف سائينءَ جي دور ۾ وڃي اوج کي پهتي آهي،!
    شيخ اياز وائيءَ ۾ فني حوالي سان نوان تجربا. ڪيا جيڪي ھن دور جي شاعرن قبوليا ۽ انھي سرفھرست ھلندا اچن پيا!
    شيخ اياز وائيءَ کي ڇند کان آزاد ڪري به لکيو آھي!
    جڏهن ته وائي سنڌ جي نج صنف آھي سنڌي شاعري ءَ ۾ توڙي جو ڌارين صنفن تيزيءَ سان ارتقا ڪئي. پر وائي اھا صنف آھي جيڪا ڀٽائيءَ کان ھن وقت تائين لکبي اچي پئي.
    وائي اھا ڪلاسيڪل صنف آھي جيڪا گھاڙيٽي جي حوالي سان اسان کي ڇند وديا تي لکيل ملي ٿي، پر اسان صرف شيخ اياز جي وائيءَ تي ڳالھايون پيا.
    شيخ اياز جي وائيءَ ۾ اسان کي ڇند سان گڏ عروض به ملي ٿو.
    پھريان ڇند ۽ عروض تي ننڊڙي ڳالهه ڪيون!
    ڇند عروض کان پراڻو علم آھي ۽ عروض کان وسيع به آھي!
    جڏهن ته ويد جي چئن قسمن مان سم ويد سڄو جو سڄو ڇند ۾ رچيل آھي آھي. گھاڙيٽي جي حوالي سان اسان شيخ اياز جي وائيءَ واري فن کي ڏسون ٿا اھي وايو ن جيڪي ڇند تي آھن اھي صرف ماترڪ ڇند ۾ آھن.
    مان اھو ھتي ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته.
    ماترڪ ڇند به ٽن قسمن جا آھن!
    1: سم ماترڪ ڇند.
    2: ارڌ م سم ماترڪ ڇند.
    3: وسم ماترڪ ڇند.
    گھڻي ڀاڱي سنڌي ڪلاسيڪل شاعري مٿي ڏنل ٽن قسمن ۾ ملي ٿي!
    جڏھن ته ڇند اڃان به وسيع آھي!
    ( ارڌم سم ماترڪ)
    ۾ لکيل رچنائون.
    دوھو،،،، 13، 11 ماترا. سورٺو،،،،،، 11، 13 ماترا. برري،،،، 12، 7 ماترا. اولالا،،،،، 15، 13 ماترا وغيره وغيره!
    ( سم ماترڪ ڇند)
    ۾ لکيل رچنائون
    چوپائي،،،، 16، 16 ماترا
    رولا،،،، 24، 24 ماترا
    گيتڪا،،،، 26، 26 ماترا
    ھري گيتڪا،،،،،،، 28، 28ماترا وغيره وغيره!
    ( وسم ماترڪ ڇند)
    ۾ لکيل رچنائون
    ڪنڊلي،،، 13، 11،،، 24،24 ڇپئي،،،، وغيره وغيره!
    اھڙي طرح سان ڪافي ٻيا به ماترڪ ڇند آھن.
    ھتي انھن جي وضاحتَ لکڻ ضروري ناھي!
    اچون شيخ اياز جي وائيءَ تي
    لڙيو سج لڪن ۾!
    ھي ڪتاب شيخ اياز جو سڄو وائيءَ تي آھي
    *وائي
    موتَ ڪيا سَڀُ ماتِ
    هُوندا ڪيرِ حيات-
    ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان؟
    11، 13 ماترا
    شيخ اياز جي ھي وائي دوھي جي ماترڪ سنکيا تي لکيل آھي!
    اهڙيون کوڙ وايون شيخ اياز انهيءَ گھاڙيٽي ۾ لکيون آھن!
    وائي
    ڪُٺا رات ڪَلالَ،
    ميڙو ناهي مَڌُّ تي.
    11،13 ماترا
    وائي

    هُو جي سيڻَ ڪَيام
    ڪهڙيءَ واٽَ وَيام؟
    آءٌ ته پُنَس پَنڌَ ۾
    11،13 ماترا
    وائي
    *
    لڦوُن لالُ ليار،
    ڪيرُ چُميندو چاهَه مان؟
    11 13 ماترا
    وائي

    ڌرتي! ڪوئيِ دانُ؟
    مون کان گيتَ رُسي ويا
    11، 13 ماترا
    وائي

    اَچُ، اَچُ گهُوري گهاءِ!
    تو بِن چَين نه آئيو
    چيري چَندن ڪاٺَ جئن
    مون کي اَڄ مَهڪاءِ!
    تو بِن چَين نه آئيو
    11، 13 ماترا
    وائي
    وارٖي پنهنجو پاڻُ،
    آءٌ اَمرُ ٿي گيت ۾!
    11، 13 ماترا
    وائي
    تُون ئي نانهه مليِرُ
    آءٌ اُها ئي مارئِي!
    11،13 ماترا
    وائي
    تُون ته وسين ٻي پارَ، موُن
    ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان
    ڀِڪّوُن سامهون سيِر جي
    ڀَڄن ڪونه ڀتارَ، موُن
    ڏينهُن نه اُلهي ڏَمَّ سان
    11، 13 ماترا
    وائي
    آءٌ سدا ٻي پارِ!
    سُهڻيءَ سوچيو سيِرَ ۾
    11، 13 ماترا
    وائي
    آرٽِ نه اوبيهءِ اُنَّ
    اَڄُ ڇا کان ڪاپائتي؟
    11،13. ماترا
    وائي
    هِيءَ جا ڏَؤنرن ڏات،
    لـــوئــــڙيــــارن لات،
    منهنجي مُلڪ ملير جِي!
    11،13 ماترا
    وائي
    ڪاريهر جو ٻَکُّ
    ڏُکِيّ ننڊَ ڏُهاڳَ جيِ
    11،13 ماترا
    وائي
    تنهنجيءَ جوڙ جهلڪ
    موهن، مون من موهيو.
    11،13. ماترا
    وائي
    اُڏر، اڙي او ڪانگ
    نرڄا، ڇالئه ٿو لنوين؟
    11، 13ماترا
    وائي
    ڀُنءِ ڀاري، گهَرُ ڏوُر،
    ڪَرها اَرها پنڌ ۾
    11 13 ماترا
    شيخ اياز جون ھي سڀ وايون ارڌ م سم ماترڪ ڇند ۾ رچيل آھن ۽ اهڙيون ٻي به کوڙ وايون آھن جيڪي ان گھاڙيٽي اندر لکيل آھن.
    ( لٿو سج لڪن) ۾ ڏنل اھي ۽ اھڙيون، کوڙ وايون ملن ٿيون. جيڪي انھي گھاڙيٽي ۾ آھن!
    مون مٿي لکيو آھي ته ڇند جو علم وسيع آھي!
    شيخ اياز جي ڪابه وائي ورڻڪ ڇند ۾ لکيل ناھي! جڏهن ته عروض ۾ شيخ اياز وائي لکي آھي پر ان ارڪان تي جيڪو ورڻڪ ڇند جي قريب آھي ليڪن ان کي ڇند نه سڏبو،
    ڪتاب( ڪونجون ڪرڪن روح تي )مان ھي وائي ڏسو.
    سرو َ جا وڻ ائن اڀا ڄڻ وار ڌرتيءَ جا پٽي
    ٿو آسمان!
    ڪيفيت ڪھڙي ازل جي رنگ نيري ۾ جھٽي
    ٿو آسمان!
    ھي عروضي وائي آھي. بحر رمل مثمن محذوف
    ھن بحر جو ارڪان ڇند سان ملي ٿو پر پو به مٿي وائي عروض ۾ لکيل آھي. جيڪڏهن اسان بحر جي ارڪان. فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن جون ماترا ڳڻيندا سين ته اھي 26 آھن. 26 ماترائن جو اسان کي ھڪ ورڻڪ ڇند ملي ٿو جيڪو انهيءَ بحر تي پورو آھي. جنهن جو نالو آھي( سيتا ڇند )ھي ھڪ ورڻڪ ڇند آھي! ڪو به ورڻڪ ڇند پنهنجن گڻن سان سڃاتو ويندو آھي.
    مان اھو ضروري ٿو سمجھان ته ھتي ورڻڪ ڇندن جي گڻ جو فارمولو ٻڌايان!
    گڻن جو جنم
    ”يه ماتا راجڀا نسلگا “سنسڪرت جا ھي لفظ ئي گڻن کي جنمن ٿا.! ڇالئہ ته سنڌي ٻولي ان نسل مان آھي.
    ڪل گڻ اٺ آھن باقي گڻ چوڻ غلط آھي!
    1:يگڻ( ي)سان” يه ماتا “221 ھڪ لگو ٻه گرو ماترا.
    2: مگڻ( م)سان ”ماتارا“222 ٽي گرو ماترا.
    3: تگڻ( ت)سان ”تاراج“122 ٻه گرو ھڪ لگو ماترا.
    4: رگڻ( ر)سان ”راجڀا “212 وچ ۾ لگو ۽ٻہ گرو ماترا.
    5: جگڻ( ج)سان ”جڀان “121 وچ ۾ گرو ٻه لگو ماترا.
    6: ڀگڻ( ڀ)سان ”ڀانَسَ“112 ھڪ گرو ٻه لگو ماترا.
    7: نگڻ( ن) سان ”نسل “111 ٽي لگو ماترا.
    8: سگڻ( س)سان ”سلگا “211 ٻه لگو ھڪ گرو ماترا.
    ڪنھن به ورڻڪ ڇند کي سمجھڻ لاءِ ھي ياد ڪرڻ ضروري آھي.
    ھاڻي ڏسون سيتا ڇند جي گڻن کي!
    رگڻ، تگڻ، مگڻ، ڀگڻ، رگڻ: ھنن گڻن جي ماترائن کي ڏسندا سين ته اھي انهيءَ بحر تي پوريون آھن گڻن جون ماترا مٿي لکيل آھن! پوءِ به انھي وائي کي عروضي ئي چئبو.
    جيڪڏهن شيخ اياز انهيءَ وائي ۾ لگو گرو ماترا کي يڪسانيت سان لکي ھا ته پو ان کي سيتا ڇند چئون ھا!
    ھي ڳالھ به ياد رکڻ کپي ته ڪو به گڻ ماٿرڪ ڇند ۾ ڳڻپ دوران ناھي رکبو ۽ وري ورڻڪ ڇند جي ڳڻپ ۾ دوڪل ترڪل چوڪل وغيره وغيره ناھي ڳڻبو!: ھا البته ڪي ماترڪ ڇند اھڙا به آھن جن ۾ لگو گرو ماترا جي ترتيب سان به ڳڻپ ڪبي آھي. اسان وٽ ڇند جا عالم نالي ماتر آھن جيڪي آھن انھن کي اھڙي فرق جي خبر ڪونھي!! بحرحال اھو به الڳ موضوع آھي.
    شيخ اياز لکي ٿو، ” وائيءَ جو گهاڙيٽو بلا شاهه جي پنجابي شاعريءَ تان ڀٽائيءَ ورتو هو، ۽ ڀٽائيءَ تان مون وٺي، ان ۾ نئين جان پيدا ڪئي.“
    شيخ اياز جيڪڏهن جيئرو ھجي ھان ته مان اھو ضرور پڇانس ھا! ته ڀٽائيءَ جي ڪھڙي وائي عروضي آھي؟
    جڏھن ته ڀٽائيءَ جو سڄو رسالو فني حوالي سان ماترڪ ڇندن ۾ جڙيل آھي جيڪي ماترڪ ڇند مان مٿي لکي آيو آھيان!
    ڪتاب( سانجھي سمنڊ سپون ) مان ھي عروضي وائيون.!
    وائي
    ڪا ته ٻي نوري ڏٺي مون ڪالهه ڪينجهر جي ڪناري،
    ڇانوري ۾ شام ٿي وئي
    وائي
    ترِ مِرائي ٿي ندي،
    سجّ جا تِڙڪا پون ٿا!
    چيٽ ۾ ٿا چهچائن، پاٽ تي اُڏري پکِي!
    وائي
    هي سرءُ جو وائرو،
    ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.
    هي هوا جو سرد جهونڪو، ڄڻ ته ڇاتيءَ ۾ ڇُرو!
    وائي
    انڊلٺ جن تي کُٽي ٿي، سي ٻَٻُر ڦلڙيون ته ڏِسِ!
    وَنّ ڏس وڻراهه جا!
    وائي
    آهه اَهَڏ منجهه پاڻي، آءُ گهوڙي کي پيارِ،
    ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!
    هان لسيءَ جو ڍُڪ ۽ ڍوڍي ڳڀو، ڪجهه ڌيرُ ڌارِ.
    ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!
    وائي
    آسمانو اِنڊلَٺِ،
    ٻانهن ڪنهنجيءَ وانگيان!
    هي نهارون ناز واريون، مون پڄاڻان تون نه پَٺِ!
    وائي
    پيءُ پوڙهو، ماءُ، ڌيءَ،
    سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.
    ولهه چوڌاري وَسي ٿي، سَر سُڪايا ڪالهه سيءَ
    وائي
    آ ويو ڪيڏانهن خسرو، روز ڳولي ٿي سِتار،
    ڇا رڳو حيرت رهي ٿي؟
    ھي سڀ وايون عروضي آھن. جڏھن ته ڇند وديا ۾ انھن واين جي ماترا جيترا ورڻڪ ڇند موجود آھن! پر شيخ اياز ائين نه ڪيو. جو انھن واين کي لگو گرو ماترا جي پابندين ۾ پوئي ھا ته سنڌي وائيءَ کي ورڻڪ ڇند جي پذيرائي ملي ھا! اھا پابندي ڪٿي به ناھي ته ورڻڪ ڇند ۾ وائي نٿي لکي سگھجي! ورڻڪ ڇند وائيءَ لاءِ موضوع آھن! ورڻڪ ڇند ۾ وائي لکي سگھجي ٿي!!
    شيخ اياز جون اڃان ٻي به خوبصورت وايون آھن جن ۾ خوبصورت النڪار، خوبصورت ڀاءَ رس سان اڪريل چٽ ملن ٿا!!
    ھي وائي ڏسو جنھن ۾ جنهن ۾ اچرج رس ملي ٿو.!
    آ ويو ڪيڏانهن خسرو، روز ڳولي ٿي سِتار،
    ڇا رڳو حيرت رهي ٿي؟
    تون لتاڙيندو وڃين ٿو، سِر هزارين شهسوار.
    پوئتي عبرت رهي ٿي؟
    ادڀت رسMarvellous Song ساڳيئي وائي ءَ ۾ موجود آھي!
    شيخ اياز جون اهڙيون کوڙ وايون آھن جيڪي مختلف ڀاءَ رس ۾ ملن ٿيون!!
    ھي وائي ڏسو
    توڙي مُنهنجي وَسَ ۾، مون کان ايڏو ڏورُ!
    تون جا مايا اولڙو.
    جِيئين چَنڊُ تَلاوَ ۾ ائين تُنهنجو پورُ
    تون جا مايا اولڙو.
    ووڙي تو لئه ويسِري پيرَ ڪيا مون چورُ
    تون جا مايا اولڙو.
    ريٽو ڏاڙهونءَ وَڍَّ جئن مُنهنجو مَن مجبور
    تون جا مايا اولڙو.
    11،13 ماترا ۾ ھي خوبصورت وائي ڏسو!
    جھٽمل ڀاوناڻي پنھنجي ڪتاب ڇند سڳند ۾ لکي ٿو ته ڪاويہ شاستر ۾ اٽڪل 150 النڪار ٻڌايا ويا آھن! جيڪي ٻن پرڪارن جا آھن. ھڪڙا شبد النڪار ٻيا ارٿ النڪار!
    النڪار جا ڪجھ قسم مٿين وائيءَ ۾ ڏسي سگھجن ٿا. وائي ءَ جي ھن 13، 11 ماترائن ۾ ڏسو!
    ريٽو ڏاڙهونءَ وَڍَّ جئن مُنهنجو مَن مجبور
    1: اپمييہ ـ جيڪا شيءِ ڀيٽيل ھجي( من )
    2: اپمان ـ جنھن شيءِ سان ڀيٽ ڪيل ھجي( ريٽو ڏاڙھو )
    3: ڌرم ـجنھن گڻ جي ڀيٽ ڪيل ھجي( وَڍَ)
    4: واچڪ شبد ـجيڪو شبد ڀيٽ لئه آندل ھجي( جئن)
    النڪار ۽ ڀاءَ رس جھڙي خوبيون شيخ اياز جي کوڙ واين ۾ موجود آھن!!
    حوالا: ڪتاب
    1: شيخ اياز جا ڪتاب
    2: مختلف مضمون رسالن جا
    3: ڇند سڳند، جھمٽمل ڀاوناڻي
    4: اردو اور ھندي ڪي جديد مشترڪ اوزان، سميع الله اشرفي
    5: عروض پنگل، ڪندن لال ڪندن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو