سيد غلام مصطفيٰ شاھ : سنڌ لاءِ زندگي ارپيندڙ شخص

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سيد غلام مصطفيٰ شاھ : سنڌ لاءِ زندگي ارپيندڙ شخص

    محمد ابراھيم جويو

    سيد غلام مصطفيٰ شاهه، هزارن ۾ هڪ- منهنجي خوش نصيبي آهي، جو آئون سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ سندس هم مڪتب رهيو آهيان. هو مون کان هڪ ٻه سال/ درجا هيٺ هو. سندس وڏو ڀاءُ قادر ڏنو شاهه، ۱۹۳۱ع ۾ اسٽيڊرڊ IV ۾ منهنجو هم ڪلاسي هو، ۽ سندس وڏي ۾ وڏو ڀاءُ علي قطب شاهه، تڏهن اِن ساڳئي ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ ڪري رهيو هو. هو ٽيئي ڀائر الله کي پيارا ٿي ويا آهن. اسين چارئي ڄڻا قادر ڏني شاهه جي هم ڪلاسي هئڻ ڪري مدرسي جي بورڊنگ هائوس مان هڪڙي ڀيري هڪ ڏينهن جي موڪل وٺي نڪتاسين، ۽ هفتيوار موڪل تي سندس چاچي سائين عبدالرحيم شاهه جي ڪراچيءَ واري رهائش تي، جيڪا لئمبيٽ مارڪيٽ، موجوده پاڪستان چوڪ جي سامهون هئي، هليا وياسين. هونئن اسين هر ڇنڇر جي شام تي سندس چاچي جي ڪراچيءَ واري رهائش کان ڏکڻ طرف ٿورو اڳتي برنس گارڊن ويندا هئاسين، ۽ اتي ٻن ٻن آنن ۾ ناريل جي پاڻيءَ جو ڀريل پيالو پي، سج لٿي واريءَ نماز لاءِ وقت سر بورڊنگ هائوس موٽي ايندا هئاسين، جتان رات جي مانيءَ لاءِ سڌو ڊائننگ هال ويندا هئاسين، جيڪو ٽالپر هائوس جي هيٺينءَ منزل تي هوندو هو. مدرسي اندر ٽالپر هائوس اصل ۾ ٽالپر سردارن جي پُٽن جي رهائش لاءِ تعمير ڪيو ويو هو، جيڪي سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو اولاد هئا، جيڪي ۱۸۴۳ع ۾ برطانوي فوجين هٿان بي گهر ڪيا ويا هئا. هڪڙو ڏينهن اهڙو ٿيو، جو بورڊنگ هائوس ۾ اسان کان به پراڻو رهائشي علي محمد بروهي (بعد ۾ اي ڪي بروهيءَ جي طور سڃاتو ويندڙ، جيڪو سنڌ جو ناليوارو قانوندان بڻيو)، کي هڪڙيءَ اک ۾ پنهنجي ڀيچيءَ عبدالڪبير انڙپوريءَ هٿان هاڪيءَ جو ڌڪ لڳو، ۽ ساري زندگي هڪڙيءَ اک کان محروم ٿي ويو. اسان سردار هائوس جي هالَ جي رهائشين، قادر ڏني شاهه ۽ مون گئلريءَ ۾ ويٺي هاڪي راند ڏٺي، جيڪا اسان جي ئي سامهون اسڪول جي ميدان ۾ کيڏي پئي وئي. اسين جيڪي اڃا نوان رهائشي هئاسين، تن کي هاڪي کيڏڻ کان سختيءَ سان منع ٿيل هئي، جيستائين اسين اسٽئنڊرد VI يا VII تائين نه پهچون. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، آءٌ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيس، ۽ غلام مصطفيٰ شاهه گريجوئيشن لاءِ علي ڳڙهه روانو ٿيو. تنهن بعد پوسٽ گريجوئيشن لاءِ هو انگلنڊ ويو، ۽ مون سنڌ مدرسي ۾، جتان جو آءٌ شاگرد هوس، اسسٽنٽ ٽيچر طور شموليت اختيار ڪئي. ٻن سالن کانپوءِ مون بمبئيءَ مان ٽيچرس ٽريننگ ڪورس ڪيو، ۽ اتان واپسيءَ تي مون سنڌ مدرسي ۾ پنهنجو ڪم وري شروع ڪيو، جتي ٿورڙو ئي پوءِ مون کي ليسلي ولسن مسلم هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ جا اضافي فرض سونپيا ويا، جيڪا هاسٽل اندرون سنڌ مان ايندڙ ڪاليجي شاگردن جي رهائش لاءِ سنڌ سرڪار طرفان تازو ئي تعمير ڪئي وئي هئي. ان دوران غلام مصطفيٰ شاهه انگلنڊ مان ايم اي ايڊيو ڪيشن ۽ ايم اي انگريزي ادب ڪري واپس اچي ويو. سنڌ مدرسي بورڊ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم ڪاليج آف آرٽس ۽ سائنس قائم ٿي چڪو هو، جنهن جو افتتاح خود سنڌ مدرسي جي پراڻي ناليواري شاگرد محمد علي جناح جي هٿن سان ڪيو ويو هو. غلام مصطفيٰ شاهه ان ڪاليج ۾ سينئر ليڪچرار طور شموليت اختيار ڪئي، ۽ مون کان ايل ڊبليو مسلم هاسٽل جي چارج به ورتائين، ڇاڪاڻ ته اها ئي ڳالهه مناسب هئي ته ڪاليج جو استاد ئي ڪاليج جي هاسٽل جي چارج سنڀالي.
    ان وقت ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو خاتمو ٿي چڪو هو، ۽ برطانوي سرڪار هندستان ڇڏڻ لاءِ تيار بيٺي هئي، ۽ ”پاڪستان“ وجود ۾ اچڻ وارو هو. تڏهن مون ڪتابSave Sindh, Save the Continent-From Capitalists, Feudals and their Communalism لکيو هو. ان وقت برطانوي بيٺڪ هندستان جي ورهاڱي جي رٿا بابت ٻين لکڻين کان سواءِ مون ڊاڪٽر سر محمد اقبال جو الهه آباد (۱۹۳۰ع) وارو خطبو پڙهيو هو، جنهن ۾ هن سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب کي ملائي ”انڊيا جي هندو- مسلم مسئلي جو حل“ تجويز ڪيو هو. منهنجي ڪتاب ۾ اهڙي گهڻ رخيءَ سوچ کي انتهائي غلط سوچ قرار ڏنل هو. ان ڪتاب لکڻ جي نتيجي ۾ مون کي ان وقت جي وزير تعليم پير الاهي بخش سنڌ مدرسي جي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏني. وري به منهنجي خوش نصيبي هئي، جو مون کي ترت ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ هيڊماستر طور نوڪري ملي وئي. ٻن سالن کان پوءِ منهنجي قسمت کلي، جو سنڌ سرڪار سنڌيءَ لاءِ هاءِ پاور اگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ جي چونڊ ۾، آءٌ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي مقابلي جي امتحان ۾ چونڊجي ويس. هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ هڪ سال اندر سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) ۾ تبديل ڪيو، جيڪو هڪ خود مختيار نيم سرڪاري ادارو هو، ۽ سنڌ سرڪار طرفان منهنجون خدمتون ان اداري لاءِ وقف ڪيون ويون، جتي مون ۱۹۶۱ع تائين ۱۰ سال ڪم ڪيو. انهن سالن دوران، جيڪو ون يونٽ جو دؤر هو، مون کي بورڊ جي معاملن جي اڪلاءَ لاءِ لاهور وڃڻو پوندو هو. غلام مصطفيٰ شاهه پڻ انهيءَ دوران سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پنهنجي نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري چڪو هو، جتي هو پرنسيپال جي عهدي تائين پهچي ويو هو، ۽ آخر ۾ هُن،The Papers of a Principal هڪڙو بي مثال ڪتاب به شايع ڪرايو. هن پوءِ لاهور ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ويسٽ پاڪستان جو عهدو سنڀاليو. اتان جو ڊائريڪٽر جنهن سان هن کي گڏ ڪم ڪرڻو پيو، سو هڪڙو مشهور تعليمي ماهر ۽ هڪ انتهائي معزز شخصيت ڊاڪٽر جهانگير هو، جيڪو اسان جي جڳ مشهور ڪرڪيٽر عمران خان (هاڻوڪي وزيراعظم) جو چاچو هو. آءٌ جڏهن به لاهور ويندو هئس، تڏهن غلام مصطفيٰ شاهه وٽ مهمان طور ترسندو هئس. اڳتي هلي مون کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن جو چيئرمين غلام مصطفيٰ شاهه هو. جلد پوءِ کين سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلري ملي، ۽ پاڻ مون کي اتي رجسٽرار طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائون. مون پنهنجي ڪن اڻٽر مجبورين جي ڪري ان آڇ جو اهو چئي مؤدبانه نموني انڪار ڪيو ته مون ڀانيو ٿي ته جتي آءٌ هئس، اتي بهتر نموني ڪم ڪري سگهيس ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجا پنج سال نه رڳو تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون، علامه آءِ آءِ قاضي کان پوءِ پنهنجي دور ۾ وڌ ۾ وڌ تعميراتي ڪم ڪرايا ۽ نوان شعبا قائم ڪيا، جيڪي تاريخ جو اڻ وسرندڙ بابَ آهن. وائيس چانسلريءَ جي چارج ڇڏڻ بابت شاهه صاحب پاڻ هن ريت لکن ٿا: ”۱۹۷۳ع جي ڊسمبر مهيني جي پنجين تاريخ، مون سنڌ يونيورسٽيءَ کي خيرباد چيو، پنهنجي سامان جا ٿيلها کنيا ۽ پنهنجيءَ جيپ ۾ ڪراچيءَ واپس هليو ويس. ڀُٽي (وزيراعظم) مون کي منهنجي گهر فون ڪيو ۽ چيو: مون سمجهيو هو ته تون اڃا وائيس چانسلر رهندين....مون وراڻيو، ڇا اوهان وائيس چانسلريءَ جا پنج سال هڪڙي خوش اخلاق، ساڃهه وند، هڪ غريب شهريءَ ۽ انسان لاءِ سزا طور ڪافي نٿا سمجهو؟ ڀُٽي وراڻيو: اوهان ڇا ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا؟ مون کيس جواب ڏنو، آءٌ لکڻ پڙهڻ، ۽ سير سياحت ڪرڻ، پنهنجي زمين سنڀالڻ ۽ ڪجهه سماجي- تعليمي ڪم ڪرڻ گهران ٿو...ڀٽي چيو: ڇا توهان سفير ٿيڻ پسند ڪندا....“ آخري ويڙهه، جيڪا غلام مصطفيٰ شاهه فائيلن سان ڪئي، سا پ پ پ جي گذريل مختصر حڪومت (۱۹۸۸ع ۾ وزير تعليم طور هئي. اُن عهدي تي رهندي آخري فرض ادائيءَ طور هن هڪڙو رهبر ڪتابڙو لکيوEducation of Pakistan, some principles and practices that should govern our Thinking Action and Decisions-An Appeal and Prayer (پاڪستان جي تعليم ڪجهه اصول ۽ عمل جيڪي اسان جي سوچ، ڪردار ۽ فيصلن تي اثر انداز رهن- اپيل ۽ استدعا). مون ۽ منهنجي رفيق حبيب الله صديقيءَ ان ڪتابڙي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي ڇپرايو. اهو ڪتابڙو انهن لاءِ آهي، جيڪي ان کي پڙهڻ ۽ مٿس عمل ڪرڻ چاهين، البت اُن ڪتاب ۾ هن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ائين ڪونه چيو هو: ”ٻارن کي پهرئين ڪلاس ۾ مادري زبان سان گڏ انگريزي لازمي طرح پڙهايو.“
    ذاتي طرح آءٌ پنهنجي مهربان ۽ تمام پياري دوست، مرحوم سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان پنهنجي زندگيءَ ڀر جي سنگت کي پنهنجي لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي فخر لائق مراعتن مان هڪڙي مراعت، ۽ سندس زندگيءَ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ”Sindh Quarterly“ طور پنهنجي زندگيءَ جا اطمينان بخش بابَ ٿو ڀانيان. سيد غلام مصطفيٰ شاهه سچ پچ ته بي ڊپو، ڏاهو ۽ وفا شعار انسان هو. کيس معلوم هو ته زندگي سجاڳيءَ ۽ سڦلائپ کانسواءِ ڪجهه به نه هئي. هن پنهنجي سموري زندگي، رٽائرمينٽ کانپوءِ به مڪمل رٿابنديءَ سان گذاري، ۽ ان جو هڪ به ڏينهن، مهينو ۽ سال نسڦل نه گذاريو. اها ڳالهه هن لاءِ چٽي هئي ته ٻين لاءِ جيئڻ کانسواءِ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ناهي. منهنجي ذهن تي سنڌ جا ٽي سيد سر فهرست آهن- شاهه عبداللطيف، جي ايم سيد ۽ غلام مصطفيٰ شاهه- جن پنهنجن جذبن، خيال ۽ عملَن ۾ سنڌ وطن جي بهتري، خوشحالي، آجپي ۽ سنڌي قوم جي مفادن کي پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن کان هميشه مٿانهين جڳهه ڏني.

    (هيءُ مضمون مرحوم محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ لکيو هو، جنهن ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي حوالي سان هن پنهنجيون يادون تحرير ڪيون آهن. اڄ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي جنم ڏينهن جي موقعي تي اها ساڳي تحرير هتي شايع ڪري رهيا آهيون- ادارو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو