مولانا جومارچ؛ پٿر پرائو سور پنهن جا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    نيٺ مولانا پنهنجو آزادي مارچ جاري رکندي بنان ڪنهن مزاحمت جي اسلام آباد جي فضائن ۾ پهچي ويو.حڪومت جا وزير ۽ مشير جيڪي شروع ۾ پهريان ته مولانا جي اهڙي ڪنهن مارچ يا احتجاج کي ناممڪن قرار ڏيئي رهيا هئا ۽ بعد ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي هر حالت ۾ روڪڻ جون دعوائون به ڪندا رهيا پر نيٺ حڪومت مولانا جي مارچ سامهون پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.حڪومت ۽ مولانا جي وچ ۾ مارچ جي حوالي سان ٿيندڙ معاهدي ۾ جيڪي ڪجهه به لکيل هجي پر ٿيندو اهو ئي جيڪي مولانا چاهيندو.اهو صحيح آهي ته اپوزيشن ان مارچ جي حوالي سان سخت مونجھارن جو شڪار آهي پر انهيء کان به وڌيڪ مونجھارن جو شڪار حڪومت نظر اچي ٿي.اتي اهو سوال به بحث هيٺ آندو پيو وڃي ته مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي انهيء احتجاجي تحريڪ ۾ گھڻو فعال،سرگرم يا متحرڪ نظر نٿي اچي،آخر ڇو؟ انهيء سوال جي جواب ۾ تجزيي نگار مختلف رايا رکن ٿا.هڪڙن جو خيال آهي ته جيئن ته انهن ٻنهي وڏين جماعتن جي قيادت ڪيتري ئي عرصي کان پردي پويان وس وارين ڌرين سان ڪنهن سياسي رليف يا مفاهمت جي حوالي سان سرگرم هئي ۽ هن وقت به آهي انهن مولانا کي پنهنجي ان سياسي بارگيننگ لاء رڳو هڪ پتي جي طور تي استعمال ڪيو آهي ته جيئن رياستي ادارن توڙي حڪومت تي دٻاء وڌائي آسان شرطن تي وڌ ۾ وڌ رليف حاصل ڪري سگھجي.انهيء ڪري اهي هڪ طرف مولانا جي احتجاجي تحريڪ جي ڦوڪڻي ۾ هوا به ڀري رهيا آهن ته ٻئي طرف اصل واڳ ڌڻين سان ڪنهن اهڙي مزاحمت واري موڙ تي نٿا وڃڻ گھرن جتي هن سموري سياسي نظام کي ئي ڪو خطرو لاڳو ٿي پوي.ان ڪري اهي ٻئي جماعتون ”رند ڪي رند رهي اور هاٿ سي جنت ڀي نه گئي“ واري حڪمت عمليء تي گامزن نظر اچن ٿيون.مولانا جي هاڻوڪي تحريڪ ڪٿي به وڃي دنگ ڪري ۽ انهيء مان مولانا کي ڪجهه حاصل ٿئي يا نه پر اپوزيشن جي انهن ٻنهي مکيه جماعتن جو هر حال ۾ فائدو ئي فائدو آهي.توڙي جو مولانا پاڻ به سياڻو سياستڪار آهي پر ڪڏهن ڪڏهن سياڻو ڪانء جڏهن ڦاسندو آهي ته هميشه ٻه ٽنگو ئي ڦاسندو آهي.مولانا ته پنهنجون سڀ ٻيڙيون ساڙي،سمورا لڳ لاڳاپا لاهي هن سياسي سفر تي روانو ٿيل آهي پر سندس سياسي دوست جيڪي هن وقت قانون جي ڪوڙڪيء ۾ ڦاٿل آهن انهن جي منزل ۽ مقصد ڪجهه ٻيا آهن ۽ اهي هن سموري تماشي ۾ پنهن جن انهن سياسي مقصدن کان هڪ ساعت لاء به غافل ٿي نٿا سگھن.اهي جنهن قسم جي رعايت مولانا جي احتجاجي مهم ذريعي حاصل ڪرڻ گھرن ٿا انهيء جو ڪجهه ڏيک ميان نواز شريف کي مليل تازي رليف مان پسي سگھجي ٿو ۽ انهيء ۾ ڪو شڪ شبهو نه هئڻ گھرجي ته ڪجهه عرصي اندر اهي پکي پڃرن سميت پرڏيهه پرواز ڪري ويندا جو انهن جو هاڻي هن ملڪ ۾ رهڻ ڪجهه لاڳاپيل ڌرين لاء سواء ”ڪباب ۾ هڏي“ جي ڪجهه به رهيو آهي.انهيء ڪري مولانا جو هاڻوڪو احتجاجي مارچ انهن سياسي اسيرن لاء سکن جو سج ثابت ٿي سگھي ٿو.

    جيستائين مولانا جو تعلق آهي ته سندس سياسي دوستن طرفان کيس امڪاني مدد مهيا نه ڪرڻ باوجود به هو پنهنجي ٽارگيٽ تائين هر صورت ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو.هن وقت تائين مولانا جا جيڪي مطالبا سامهون آيا آهن سي اهي ته عمران خان استعيفا ڏئي،نين چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي،سول بالادستي يقيني بنائي وڃي ۽ دستور ۾ اسلامي شقن جو اضافو ڪيو وڃي پر حقيقت ۾ مولانا جا اصل مطالبا رڳو اهي ناهن بلڪه ڪجهه مطالبا اهي به آهن جيڪي جيڪر اڳتي هلي مولانا صاحب جي زبان تي اچي ويا ته ملڪ ۾ ڪو وڏو ڏڦير به پيدا ٿي سگھي ٿو جنهن ۾ هاڻوڪي سياسي نظام جو بسترو گول ٿيڻ به شامل آهي.حڪومت ۾ ويٺل ڌرين کي شايد اڃا تائين اها خوشفهمي آهي ته مولانا اسلام آباد ۾ جلسو ڪرڻ بعد واپس موٽي ويندو ۽ حڪومت لاء ڪو وڏو مسئلو پيدا نه ٿيندو. پر ڄاڻو سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته اها حڪومت جي رڳو خام خيالي ثابت ٿيندي ڇو جو سياسي ماحول جي ٿورڙي به ڄاڻ رکندڙ ماڻهو اهو اندازو آسانيء سان لڳائي سگھي ٿو ته مولانا جنهن هيستائين ايترا پاپڙ ويليا آهن سو رڳو هڪ سياسي جلسي جي لاء نٿا ٿي سگھن.حڪومت ڀلي اهو تاثر ڏيندي رهي ته کين مولانا جي مارچ مان ڪا پريشاني نه آهي پر حقيقت اها آهي ته معاملو ايترو سادو ناهي جهڙو سادو بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي.هن وقت ملڪي سرحدن تي جيڪا سنجيده ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال موجود آهي ۽ معاشي محاذ تي پاڪستان کي جن سنگين مشڪلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ جهڙيء طرح عالمي مالي ادارا حڪومت کان عوام دشمن فيصلا ڪرائي رهيا آهن انهن حالتن ۾ ايندڙ وقت ۾ ڪنهن سنگين بحران يا اڻ وڻندڙ واقعي جي امڪان کي بلڪل ئي رد ڪري نٿو سگھجي.حڪومت کي اڃا تائين اهو زعم به آهي ته ملڪ جو عوام حڪومت سان گڏ آهي ۽ مخالف ڌر جي ڪنهن به احتجاجي تحريڪ جو حصو نه بڻجندو پر حقيقت بلڪل ان جي ابتڙ آهي.ماڻهو مخالف ڌر جي ماضيء توڙي هاڻوڪي ڪردار کان ناراض ضرور آهن پر ايئن هرگز ڪونهي ته اهي حڪومت جي ڪردار ۽ پاليسين کان ڪو خوش آهن.اهو صحيح آهي ته مولانا جو هاڻوڪو مارچ يا ڌرڻو عمران حڪومت کي گھر ڀيڙو نه ڪري سگھندو پر اها به حقيقت آهي ته اهو مارچ پنهن جا جيڪي مثبت يا منفي اثر ملڪي سياست تي ڇڏيندو اهي ٻين ڌرين سان گڏوگڏ گھڻي ۾ گھڻا هن حڪومت کي ئي ڀوڳڻا پوندا.انهن نتيجن ڀوڳڻ جو ست هاڻوڪي پي ٽي آئي حڪومت ۾ ته بلڪل ئي نٿو ڏسجي جو اها پنهن جي سموري ناتجربيڪاريء سان گڏوگڏ هٺ،وڏائي ۽ سياسي ناپختگيء جو شڪار آهي به آهي ته ساڳئي وقت پنهنجن ئي ڪيل وعدن ۽ دعوائن تي پاڻ پاڻي ڦيرڻ جي حوالي سان هن وقت عوام ۾ تضحيڪ سان گڏوگڏ هڪ سخت ڪاوڙ جو به نشانو بڻيل آهي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو