ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت ۽ سندس ڪم تي ھڪ نظر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 نومبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت ۽ سندس ڪم تي ھڪ نظر...

    (آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 22 ھين ورسي تقريب ۾ پيش ڪيل)

    ليکڪ: خادم رند

    سنڌ جي کاھوڙي ڪردار ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 25 مارچ 1952ع تي قمبر شھر ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 9 اپريل 1997ع تي پنهنجي ڪارائتي ۽ مثالي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪري قمبر جي ئي مٽيءَ ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سموري حياتيءَ جو عرصو رڳو 45 سالن تي مشتمل ھو جيڪو ڏٺو وڃي تہ تمام ٿورڙو عرصو آھي. پر سنڌ جي ھن بي مثال ۽ اڻٿڪ ڪردار ان مختصر ڄمار ۾ سياسي، سماجي ۽ علمي حوالن سان جيڪو شاندار ڪم ڪيو، تنهن کيس سموري سنڌ ۾ وڏي مڃتا ۽ مان ڏياريو.
    ڊاڪٽر محبت سان منهنجي پهرين مکا ميل 1989ع دوران لطيف ڪلينڪ قمبر تي سندس ننڍي ڀاءُ ۽ رياضت ٻرڙي ۽ ستار ھڪڙي معرفت ٿي. انهن ڏينهن ۾ اسان ڪجھ دوستن گڏجي ”موھن جو دڙو سائنس ڪلب“ جو بنياد وڌو ھو. ڊاڪٽر محبت جيئن تہ سائنسي ۽ جديد سوچ رکندڙ ماڻهو ھو تنهنڪري اھڙين مڙني تنظيمن سان ھر قسم جو سهڪار ڪندو ھو جن جو مقصد سماج ۾ سائنسي سوچ جو ڦھلاءُ ھجي. موھن جو دڙو سائنس ڪلب جو بہ جيئن تہ ساڳيو ئي مقصد ھو تنهنڪري ڊاڪٽر محبت اسان سان ھر حوالي سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو.
    مون ڊاڪٽر محبت کي جڏهن پهريون ڀيرو ڏٺو تہ مون ترت محسوس ڪري ورتو تہ سندس طبيعت ۽ رويو ٻين روايتي قسم جي ڊاڪٽرن جهڙو نہ پر انتهائي سادگي ۽ پنهنجائپ وارو آھي. انهيءَ پهرين ملاقات کانپوءِ ڊاڪٽر محبت سان ميل جول وارو سلسلو سندس جيءُ جهوريندڙ وڇوڙي تائين لڳاتار جاري رھيو. لطيف ڪلينڪ جو نقشو ڪجھ ھن نموني جو ھو تہ ڊاڪٽر محبت جي ڪرسي آڏو پيل وڏي ٽيبل گهڻي ڀاڱي مختلف موضوعن جي ڪتابن سان ڀريل ھوندي ھئي. ڪلينڪ جي کاٻي پاسي ڪاٺ جي ھڪ بينچ رکيل ھوندي ھئي جنهن تي چانھ ٺاھڻ جو سامان ۽ چلهو رکيل ھيا. ان جي ڀرسان ۽ سامهون واري پاسي دوستن ۽ مريضن جي ويهڻ لاءِ ڪجھ ڪاٺ جون بينچون رکيل ھيون. ڪلينڪ تي عام رواج جي ابتڙ ڪو بہ ڪمپائونڊر وغيره رکيل نہ ھو. انجيڪشن يا ڊرپ لڳائڻ ۽ مڪسچر ٺاھڻ کان ويندي چانھ تيار ڪرڻ وارا سڀ ڪم ڊاڪٽر محبت پاڻ ئي ڪندو ھو. جڏهن ڪنهن مريض يا مريضا کي تپاسڻ لاءِ اٿندو ھو تہ ويٺل دوستن مان ڪنهن کي چلھي مٿان رکيل چانھ تي نظر رکڻ لاءِ چوندو ھو. جيڪڏھن ڪنهن سبب ڪلينڪ تي چانھ نہ ٺھندي ھئي تہ ٻاهران هوٽل تائين گهرائبي ھئي پر چانھ جا دؤر ٿوري ٿوري وقفي سان جاري رھندا ھيا. لطيف ڪلينڪ تي لڳ ڀڳ سڄو ڏينهن سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي موضوعن تي ڪچهريون ۽ بحث مباحثا جاري رھندا ھيا. اھڙين ڪچهرين ۽ بحثن ۾ سائين عظيم سومرو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر نظير شيخ، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، صحبت ٻرڙو، الطاف رند، ڊاڪٽر بخت جمال، سرمد چانڊيو، نثار ٻرڙو، قربان رند، علي انور گوپانگ، ڀائو درمحمد ٻرڙو، علي آڪاش، ستار ھڪڙو، امتياز تنيو، رياضت ٻرڙو، خادم رند ۽ ٻيا ڪيترائي حصو وٺندا ھيا. قمبر ۽ ان جي آسپاس جي سياسي، سماجي ۽ علمي فردن کانسواءِ سنڌ جون ڪيترين ئي نامور شخصيتن جو پڻ ڪڏھن ڪڏهن لطيف ڪلينڪ تي اچڻ ٿيندو ھو. اھڙين شخصيتن ۾ رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ، حسين بخش ناريجو، غفار قاضي، خادم ٽالپر، آڪاش انصاري، حمزو ھاري، حريف چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن. ڪلينڪ ۾ ھر وقت ڪچهري ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث مباحثا جاري رھڻ ڪري لطيف ڪلينڪ تي ھڪ ڪلينڪ وارو ماحول پيدا نہ ٿي سگهيو، جنهن جو نتيجو اھو نڪتو تہ ڪلينڪ اڪثر ڪري مريضن کان خالي رھڻ لڳي.
    ڊاڪٽر محبت هونئن تہ ھڪ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ ھو پر منهنجي خيال ۾ ھن سياسي ۽ علمي حوالي سان گهڻو اھم ۽ بنيادي قسم جو ڪم ڪيو آھي. نظرياتي طور ڊاڪٽر محبت سوشلسٽ ۽ سيڪيولر خيالن جو ماڻهو ھو ۽ سنڌي ماڻهن جي حقيقتي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ بہ مٿين نظرين کي ضروري سمجهندو ھو. ھو پنهنجي نظرياتي پرچار ۾ ڪنهن رک رکاءُ ۽ ڪنهن کان لھرائن جو قائل نہ ھو. پنهنجي اھڙي رويي سبب ئي ھو فوج ۾ ھلي نہ سگهيو ۽ ڪيپٽن ڊاڪٽر جهڙي نوڪري ڇڏي پنهنجي شھر قمبر آيو ۽ باگيديري محلي ۾ لطيف ڪلينڪ کولي ويھي رهيو.
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي عملي سياست جي شروعات عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي. ھن سنڌي شاگرد تحريڪ ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو جنهنڪري کيس تحريڪ جو پهريون صدر چونديو ويو.
    ڊاڪٽر محبت جو جيئن تہ سياست سميت مختلف سائنسي علمن جو گهرائي سان مطالعو ٿيل ھو تنهنڪري ھو جيستائين عوامي تحريڪ ۾ شامل ھو تيستائين پارٽي جي علمي مورچي جو سرواڻ رھيو. پارٽي پروگرام ۽ سوشلسٽ نظريي جي پرچار ۽ ڦهلاءَ لاءِ ھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي اڻ ڳڻيا ليڪچر ڏنا. انکانسواءِ لکڻ جي ميدان ۾ بہ ھن پاڻ ملھائيندي ڪيترائي پمفليٽ، مضمون، آرٽيڪل، ڪالم، چوپڙيون ۽ ڪتاب لکيا. 1988ع ۾ ڊاڪٽر محبت سياسي تنقيد تي ٻڌل ڪتاب ”جيڪو سچ چوي“ سڄڻ ۽ لطيف جي نالي سان لکيو. ھن ڪتاب سنڌ جي سياسي ۽ تنقيدي حلقن ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو. اھڙي ڀرپور ڪتاب لکڻ تي عوامي تحريڪ پاران ڊاڪٽر محبت کي ”علمي محاذ جو سپھ سالار“ قرار ڏنو ويو. واضع رھي تہ انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر پنهنجي اصلي نالي جي جاءِ تي ساجد، سجاد قمبروي، م. ع، لطيف، سڄڻ، مھراڻ مگسي وغيره جهڙن فرضي نالن سان لکندو ھو. جيڪو سچ چوي کانسواءِ ڊاڪٽر محبت ھٿ وڌايو، سنڌ بچايو، شھيد فاضل راھو ۽ سندس پارٽي، ڄاڻي سڃاڻي ويھان ڪيئن ماٺ ڪري، سنڌي عوام جو سياسي اتحاد ۽ ڪي سازشي، سنڌيو سجاڳ ٿيو، سنڌ دشمن سازشن کان ھر گهڙي خبردار رھو ۽ سنڌي مار سورما جهڙا ڪارائتا ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن جي سياسي شعور ۾ واڌاري لاءِ ڪوششون ڪيون.
    اڳتي ھلي ڪن تنظيمي ضابطن جي ڀڃڪڙي وارن معاملن تي پارٽي سربراھ سان اختلافن سبب ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ کان پاسيرو ٿي ويو. جيتوڻيڪ پارٽيءَ سان جذباتي وابستگي ڪري ڊاڪٽر محبت کي پارٽي ڇڏڻ تي سخت صدمو رسيو پر لڳي ٿو وٽس ان حوالي سان ڪي مضبوط سبب ھيا. ڊاڪٽر محبت ڪهڙين بہ حالتن ۾ ماٺ ڪري ويهڻ وارن مان نہ ھو انڪري ھن پنهنجون سموريون صلاحيتون علمي ۽ تحقيقي ڪم ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون. خاص طور سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد ۽ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر سندس من پسند موضوع بڻيا، جن تي ھن تمام سٺي کوجنا ڪئي. ڊاڪٽر محبت ڏينهن رات تحقيقي ڪم سان لاڳاپيل رھي ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا پر انتهائي محدود مالي وسيلن ڪري پنهنجو ڪو بہ ڪتاب نہ ڇپائي سگهيو. باقي سندس مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن، رسالن ۽ تحقيقي مخزنن جي زينب بڻبا رھيا.
    1997ع ۾ دل جي دوري سبب ڊاڪٽر محبت اسان کان جلد موڪلائي ويو. اھڙي ڏکوئيندڙ حادثي کي ڪنهن قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت جي ڪجھ دوستن ۽ شاگردن پاڻ ۾ گڏجي قمبر ۾ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي“ جو بنياد وڌو. پنهنجي طئي ڪيل مقصدن موجب ھي اڪيڊمي ڊاڪٽر محبت جي فڪري ۽ تحقيقي ڪم کي ڇپائڻ، ڦهلائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ 1997ع کان پاڻ پتوڙيندي رھي آھي. پنهنجي قيام جي شروع ۾ ئي اڪيڊميءَ جي ساٿين رٿي ڇڏيو ھو تہ ڊاڪٽر محبت جي ھر ورسيءَ تي ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو لکيل يا ترجمو ڪيل ھڪ ڪتاب ضرور ڇپايو ويندو. جيئن تہ مان پاڻ بہ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو منڍ کان حصو رھندو ٿو اچان انڪري اھا ڳالھ ڪندي سرھائي محسوس ٿي رھي آھي تہ اڪيڊمي پنهنجي واعدي کي عمل ھيٺ آڻڻ ۾ هينئر تائين ڪامياب رھي آھي.
    ھر سال ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت جي ڇپايل ڪتابن جي فھرستَ ھيٺ ڏجي ٿي.

    1998ع ـ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا. (مواد سھيڙيو مھم)
    1999ع ـ ماڻهو ۽ ماڻهپو.
    2000ع ـ اچو تہ پنهنجي سنڌي لکت سنواريون.
    2001ع ـ يادون ۽ سڪون.
    2002ع ـ ٻوليءَ جو بُڻ.
    2003ع ـ سنڌي ٻولي، لفظ، لغت ۽ لکيت.
    2004ع ـ شعور. (فلسفو)
    2005ع ـ موسيٰ کان مارڪس تائين. (ترجمو)
    2006ع ـ سنڌ، حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي ٻولي. (مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آرٽيڪل)
    2007ع ـ ٻول جو بْڻ.
    2008ع ـ جدلي ماديت جا بنيادي اصول.
    2009ع ـ ڌرتي منهنجو گهر.
    2010ع ـ آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي. (ترجمو)
    2011ع ـ ڏاھپ جو جنم.
    2012ع ـ فلسفو: ھڪ مطالعو.
    2013ع ـ ضميري پڇاڙيون.
    2014ع ـ اھنجي ڌرتي.
    2015ع ـ فطرت، سائنس ۽ سماج.
    2016ع ـ محبت جا خط. (ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا مختلف ماڻهن ڏانهن لکيل خط)
    2017ع ـ محبت جن جي من. (ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بابت لکيل مضمون ۽ مقالا)
    2018ع ـ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي. (ٽي گڏيل ڪري ڇپرايل ڪتاب)
    2019ع ـ يادون ۽ سُڪون. (وڌايل ڇاپو)

    مٿين ڪتابن کانسواءِ بہ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو لکيل ۽ ترجمو ڪيل مواد اڃان قلمي صورت ۾ موجود آھي، جيڪو اميد تہ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن تائين ضرور پهچائيندي.

    05-11-19 تي "پنهنجي اخبار" ۾ ڇپيل مضمون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو