هيءَ تصوير پاڻ ئي ڳالهائي ٿي ، مان ڇا چوان، اسانجا تعليمي ادار ا ۽ انهن جي ثقافت جي اهڙي هوندي ته اسين عظيم انسان ڪيئن پئدا ڪنداسون ۔۔۔ تاڙيون :-bd
جواب: تعليم جو معيار ڳالهه ته ٻُڌ ابڙا هي تصوير مڪي پاڪ جِي آهي يا پياري پاڪستان جي آهي، جيڪڏهن پياري پاڪستان جي آهي ته تو اها آندي ڪٿان، لڳي ٿو ته تون به هاڻي جادوگري پيو ڪرين، ميان ان کي چئبو ديده دليري، تون صرف تصوير ڏيکاري عش عش ڪري تاڙيون وڄائڻ کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهين! مان اڳ ۾ چريو آهيان، ۽ توکي خبر هُئڻ کپن ته پاڪستان ۾ جيڪي به چريا هوندا آهن اهي ٻوڙا ، گونگا ، انڌا سڀ ڪجهه هوندا آهن !ان ڪري هم ڪُڇ نهين بولي گا!
جواب: تعليم جو معيار ابا توهان وڏڙن جون ڳالهيون برابر آهن۔۔۔ پنهنجو پيارو پاڪستان ته سڌرڻ جو آهي ئي ڪونه۔۔۔ بس مڙئي گانڌي جي ٽن ڀولڙن وانگر اتان جي عوام ويٺي آهي۔۔۔ ڀلا ڪن به ته ڪن ڇا۔۔۔۔۔۔
جواب: تعليم جو معيار اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته پرائمري اسڪول جا ڪجهه استاد ( ماستر ) چوندا هئا ته پڙهو نه پڙهو پر منهنجو پگهار کڙو سو ادا اسان جي ملڪ ۾ جهڙا استاد اوهڙا شاگرد، سنڌي ۾ چوندا آهن ته منهن به پنهنجو ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ به پنهنجو ۔ سنڌ جي ننڍن شهرن جي اسڪولن جي ڇا حالت آهي اها ته بيان کان به ٻاهر آهي، توهان صرف پاڪستان جي وڏي شهر ڪراچي ( جنهن لاء هتان جي هڪ لوڪل لساني پارٽي جي دعوا آهي ته تعليم جو سڀ کان بهترين نظام اسان ڪراچي ۾ قائم ڪيو آهي ) جي هڪ علائقي جي پرائمري اسڪول جي حالت ڏسو۔ http://www.youtube.com/watch?v=BS0x_rexeng
جواب: تعليم جو معيار اڙي ادا مڪي پاڪ وارا ايتري ترقي ڪندا ته اسين ٻاهر هونداسون، تعليم جي لحاظ کان سعودي به ڪو گهڻو ناهي پر تنهن هوندي به تعليم حاصل ڪرڻ جون سهولتون تمام گهڻيون موجود آهن ۽ بجيٽ جو وڏو حصو تعليم ۽ تربيت تي خرچ ٿئي ٿو ۔۔۔ پر جيڪا تصوير مون پيش ڪئي آهي سان پياري پاڪستان جي ۽ ڪراچيءَ جي آهي ۔۔۔ تعليم جو معيار وڌائڻ ۽ تعليم تي توجهه ڏيڻ جي ڳالهه پاڪستان ۾ ڪرڻڻ ايئن آهي جيئن سمنڊ ۾ ڦوڙ اڇلائڻ ۔۔۔ ڪو اثر ئي نه ٿو ٿئي ۔۔۔ هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اسانجي تعليم جو وزير سنڌ جي هڪ شهر ۾ ميٽرنٽي هوم جو افتتاح ڪرڻ آيو، تقرير ڪندي چيائين ته؛ ”ڀائرو هن سال اسان عورتن لئه ميٽرنٽي هوم کوليو آهي، انشاء الله ايندڙ سال مردن لاءِ ميٽرنٽي هوم کولينداسون ۔۔۔“
جواب: تعليم جو معيار ادا سائين تعليم جي حالت ته واقعي زبون حاليءَ جو شڪار آهي، جنهن ۾ اسين سڀ ڏوهاري آهيون پر جنهن لساني پارٽيءَ جي اوهان ڳالهه ٿا ڪيو انهن پنهنجن علائقن ۾ سٺا اسڪول، ڪاليجون ۽ مدرس رکيا آهن پر ساڳئي جاءِ تي سنڌي، بلوچي ۽ ٻين قومن وارن علائقن ۾ ٽڪو خرچ ڪرڻ لئه تيار ناهن ۔۔۔ ڀلا ڪن به ڇو هو ڪي اسانجا نمائنده ته ناهن، اسان ته کين ووٽ ڪونه ڏنا آهن ۔۔؟؟؟ اسانکي ته انهن ماڻهن جا ڪن پڪڙڻ گهرجن جن کي اسان ووٽ ڏنا آهن ۽ اسانجي نمائيندي هجڻ جو شرف حاصل ڪري پنهنجا گهر ڀري ويٺا آهن ۔۔۔ نه ڦاٽن ٿا نه جان ٿي ڇٽي ۔۔۔
جواب: تعليم جو معيار ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي اهڙي تصوير تي ئي مشتمل هڪ اي ميل آئي هئي۔۔۔۔ عنوان هيو ۔۔۔ ”ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪريون ڇو هميشه پهريون نمبر اينديون آهن۔۔۔۔“ o-+ خير مذاق کان هٽي ڪري سوچجي ته حيرت ۽ افسوس جو مقام آهي۔۔۔ اهڙي صورتحال هجي، تعليم مهانگي هجي، غربت عروج تي هجي ته غريب جو ٻار ڇا ڪندو۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن به طرح ميٽرڪ تائين پڙهائي سهڪي پيو ته وري اولاد جي بيروزگاري کيس لوڙهي وجهندي۔۔۔ اهو سوچي اڪثر والدين ته شروع کان ئي ٻارن کي پڙهائڻ بجاءِ ڪنهن هنر جي سکيا يا ڌنڌي سان لڳايو ڇڏين۔۔۔
جواب: تعليم جو معيار نه ادا رشيد! هن سماجي ناسور ۾ نه فقط ڇوڪريون پر اسانجا ڇوڪرا پڻ اڳ کان اڳرا آهن، ڀلا هي ڏسو ته همراه ڇا پيو ڪري ۔۔۔؟ متان مونکان ڏسڻ ۾ غلطي ٿي هجي ۔۔۔!!! هن علمي دشمني واري ڪاروبار ۾ اسين سڀ شامل آهيون، جن ۾ شاگرد ته آهن ئي آهن، استاد به شامل آهن ته والدين به شامل آهن ته اثر رسوخ وارا ماڻهون به شامل آهن ۔۔۔
جواب: تعليم جو معيار ادا سائين مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اسان جا سمورا ڀائر ڪاپي ڪلچر اختيار نه ڪندا آهن ها مان مڃان ٿو ته اسانجا استاد ۽ اسان جا والدين ان جا ذميوار آهن مان دعا ڪريان ٿو ته هن کي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ مان پهنجي سنڌي ڀائرن کي التجا ڪريان ٿو هن کان اوائيد ڪندا ڇو ته هي دور وڏو ڪامپيٽيشن جو آهي ۽ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي ان کان بچايو۔ انشالله (امين)