تعليم جو معيار

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هيءَ تصوير پاڻ ئي ڳالهائي ٿي ، مان ڇا چوان، اسانجا تعليمي ادار ا ۽ انهن جي ثقافت جي اهڙي هوندي ته اسين عظيم انسان ڪيئن پئدا ڪنداسون ۔۔۔

    [​IMG]
    تاڙيون​

    [​IMG]
    :-bd
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: تعليم جو معيار

    ڳالهه ته ٻُڌ ابڙا هي تصوير مڪي پاڪ جِي آهي يا پياري پاڪستان جي آهي، جيڪڏهن پياري پاڪستان جي آهي ته تو اها آندي ڪٿان، لڳي ٿو ته تون به هاڻي جادوگري پيو ڪرين، ميان ان کي چئبو ديده دليري، تون صرف تصوير ڏيکاري عش عش ڪري تاڙيون وڄائڻ کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهين! مان اڳ ۾ چريو آهيان، ۽ توکي خبر هُئڻ کپن ته پاڪستان ۾ جيڪي به چريا هوندا آهن اهي ٻوڙا ، گونگا ، انڌا سڀ ڪجهه هوندا آهن !ان ڪري هم ڪُڇ نهين بولي گا!
     
  3. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: تعليم جو معيار

    ابا توهان وڏڙن جون ڳالهيون برابر آهن۔۔۔ پنهنجو پيارو پاڪستان ته سڌرڻ جو آهي ئي ڪونه۔۔۔ بس مڙئي گانڌي‌ جي ٽن ڀولڙن وانگر اتان جي عوام ويٺي آهي۔۔۔ ڀلا ڪن به ته ڪن ڇا۔۔۔۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: تعليم جو معيار

    اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته پرائمري اسڪول جا ڪجهه استاد ( ماستر ) چوندا هئا ته
    پڙهو نه پڙهو پر منهنجو پگهار کڙو ​

    سو ادا اسان جي ملڪ ۾ جهڙا استاد اوهڙا شاگرد، سنڌي ۾ چوندا آهن ته منهن به پنهنجو ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ به پنهنجو ۔
    سنڌ جي ننڍن شهرن جي اسڪولن جي ڇا حالت آهي اها ته بيان کان به ٻاهر آهي، توهان صرف پاڪستان جي وڏي شهر ڪراچي ( جنهن لاء هتان جي هڪ لوڪل لساني پارٽي جي دعوا آهي ته تعليم جو سڀ کان بهترين نظام اسان ڪراچي ۾ قائم ڪيو آهي ) جي هڪ علائقي جي پرائمري اسڪول جي حالت ڏسو۔
    http://www.youtube.com/watch?v=BS0x_rexeng
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعليم جو معيار

    اڙي ادا مڪي پاڪ وارا ايتري ترقي ڪندا ته اسين ٻاهر هونداسون، تعليم جي لحاظ کان سعودي به ڪو گهڻو ناهي پر تنهن هوندي به تعليم حاصل ڪرڻ جون سهولتون تمام گهڻيون موجود آهن ۽ بجيٽ جو وڏو حصو تعليم ۽ تربيت تي خرچ ٿئي ٿو ۔۔۔

    پر جيڪا تصوير مون پيش ڪئي آهي سان پياري پاڪستان جي ۽ ڪراچيءَ جي آهي ۔۔۔ تعليم جو معيار وڌائڻ ۽ تعليم تي توجهه ڏيڻ جي ڳالهه پاڪستان ۾ ڪرڻڻ ايئن آهي جيئن سمنڊ ۾ ڦوڙ اڇلائڻ ۔۔۔ ڪو اثر ئي نه ٿو ٿئي ۔۔۔

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اسانجي تعليم جو وزير سنڌ جي هڪ شهر ۾ ميٽرنٽي هوم جو افتتاح ڪرڻ آيو، تقرير ڪندي چيائين ته؛
    ”ڀائرو هن سال اسان عورتن لئه ميٽرنٽي هوم کوليو آهي، انشاء الله ايندڙ سال مردن لاءِ ميٽرنٽي هوم کولينداسون ۔۔۔“
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعليم جو معيار

    ادا سائين تعليم جي حالت ته واقعي زبون حاليءَ جو شڪار آهي، جنهن ۾ اسين سڀ ڏوهاري آهيون پر جنهن لساني پارٽيءَ جي اوهان ڳالهه ٿا ڪيو انهن پنهنجن علائقن ۾ سٺا اسڪول، ڪاليجون ۽ مدرس رکيا آهن پر ساڳئي جاءِ تي سنڌي، بلوچي ۽ ٻين قومن وارن علائقن ۾ ٽڪو خرچ ڪرڻ لئه تيار ناهن ۔۔۔ ڀلا ڪن به ڇو هو ڪي اسانجا نمائنده ته ناهن، اسان ته کين ووٽ ڪونه ڏنا آهن ۔۔؟؟؟

    اسانکي ته انهن ماڻهن جا ڪن پڪڙڻ گهرجن جن کي اسان ووٽ ڏنا آهن ۽ اسانجي نمائيندي هجڻ جو شرف حاصل ڪري پنهنجا گهر ڀري ويٺا آهن ۔۔۔ نه ڦاٽن ٿا نه جان ٿي ڇٽي ۔۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: تعليم جو معيار

    ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي اهڙي تصوير تي ئي مشتمل هڪ اي ميل آئي هئي۔۔۔۔ عنوان هيو ۔۔۔ ”ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪريون ڇو هميشه پهريون نمبر اينديون آهن۔۔۔۔“ o-+

    خير مذاق کان هٽي ڪري سوچجي ته حيرت ۽ افسوس جو مقام آهي۔۔۔ اهڙي صورتحال هجي، تعليم مهانگي هجي، غربت عروج تي هجي ته غريب جو ٻار ڇا ڪندو۔۔۔۔ جيڪڏهن ڪنهن به طرح ميٽرڪ تائين پڙهائي سهڪي پيو ته وري اولاد جي بيروزگاري کيس لوڙهي وجهندي۔۔۔ اهو سوچي اڪثر والدين ته شروع کان ئي ٻارن کي پڙهائڻ بجاءِ ڪنهن هنر جي سکيا يا ڌنڌي سان لڳايو ڇڏين۔۔۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعليم جو معيار

    نه ادا رشيد! هن سماجي ناسور ۾ نه فقط ڇوڪريون پر اسانجا ڇوڪرا پڻ اڳ کان اڳرا آهن، ڀلا هي ڏسو ته همراه ڇا پيو ڪري ۔۔۔؟ متان مونکان ڏسڻ ۾ غلطي ٿي هجي ۔۔۔!!!
    [​IMG]
    هن علمي دشمني واري ڪاروبار ۾ اسين سڀ شامل آهيون، جن ۾ شاگرد ته آهن ئي آهن، استاد به شامل آهن ته والدين به شامل آهن ته اثر رسوخ وارا ماڻهون به شامل آهن ۔۔۔
     
  9. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تعليم جو معيار

    ادا سائين مان توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اسان جا سمورا ڀائر ڪاپي ڪلچر اختيار نه ڪندا آهن ها مان مڃان ٿو ته اسانجا استاد ۽ اسان جا والدين ان جا ذميوار آهن مان دعا ڪريان ٿو ته هن کي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ مان پهنجي سنڌي ڀائرن کي التجا ڪريان ٿو هن کان اوائيد ڪندا ڇو ته هي دور وڏو ڪامپيٽيشن جو آهي ۽ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي ان کان بچايو۔ انشالله (امين)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو