اسان جا ٻار نصاب ۾ ڇا ٿا پڙهن

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان جا ٻار نصاب ۾ ڇا ٿا پڙهن

    ڊاڪٽر فهميده حسين

    سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي واقعن جي وڌندڙ انگ تي تشويش ۽ ڳڻتيءَ هر سڄاڻ وطن دوست سنڌيءَ کي سڀاويڪ طور تي اثر ڪيو آهي، انساني برابريءَ، محبت، انصاف امن ۽ رواداريءَ واري هن ڌرتيءَ تي اهي ڪارا ڪڪر اڄ جنهن رفتار سان ڇائنجي رهيا آهن، ان جو بنياد اسان جي تعليمي نظام ۾ موجود ڪي اوڻايون به آهن، مذهب جي نالي ۾ دهشتگردي هجي، ملڪ ۽ قوم جي نالي ۾ نظرياتي حوالي سان انتهاپسنديءَ جو اظهار هجي يا سماجي اخلاقيات جي نالي ۾ عورتن جو غيرت مان قتل هجي، ان جون جڙون ڪٿي نه ڪٿي اسان جي تعليمي نصاب ۾ به ضرور ملن ٿيون، گذريل هفتي واري ڪالم ۾ مون صرف اردوءَ جي ٻن ڪلاسن جي درسي ڪتابن مان مثال ڏئي ٻڌايو هو ته برصغير ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ويڇن کي نفرت جو نالو ڏئي، ٻه-قومي نظريي، نظريه پاڪستان، تحريڪ پاڪستان، علامه اقبال، قائد اعظم ۽ ٻين قومي رهنمائن جي باري ۾ ڏنل سبقن ۾ ايترو ته اڀاريو ۽ ڦهلايو ويو آهي جو ان جو لازمي نتيجو نه صرف هندستان پر پاڪستان ۾ رهندڙ هندن جي خلاف جذبا اڀارڻ جو ڪارڻ بنجي ويو آهي، انهن ڪتابن ۾ غلط تصور (concept) ۽ اجايا مطلب ڏئي حقيقتن کي مسخ ڪيو ويو آهي، اڄ وري آءٌ ڪجهه مثال ڏيندس جيڪي منهنجي طرفان نصابي ڪتابن جي ڇنڊڇاڻ دوران مون کي محسوس ٿيا، اردوءَ جي ٽئين ڪلاس جي درسي ڪتاب ۾ ”پاڪستاني پرچم“ جي عنوان سان سبق ۾ لکيل آهي ته: ”اڇو رنگ امن ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت طور شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سائو رنگ سرسبزي ۽ شادابيءَ جي علامت آهي، هلالي چنڊ پاڪستان جي وڌڻ ۽ ترقيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو جڏهن ته پنجن ڪنڊن وارو تارو اسلام جي (پنجن) رڪنن ڏانهن اشارو آهي (ترجمو)
    جڏهن ته اصل ۾ اڇو رنگ اقليتن ۽ سائو رنگ مسلمانن جي اڪثريت جي علامت طور ڏنل آهي، ان کي ٻيون ڏنل معانئون واڌو ته ٿي سگهن ٿيون پر اقليت کي صفا نظرانداز ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف معنيٰ نه مون اڳ ۾ ڪٿي پڙهي آهي ۽ نه چمڪندڙ تاري جي پنجن ڪنڊن بابت ڏنل بيان ۾ ڪا عقلمندي آهي، زوريءَ اهڙي معنيٰ ڪڍي وئي آهي، سڄي دنيا ۾ تارو پنجن ڪنڊن سان ٿيندو آهي، اهو شڪر آهي جو انهيءَ ڳالهه کي سمجهندي ايندڙ سال لاءِ آزمائشي اشاعت واري ڪتاب ۾ ان کي درست ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف اخلاقي قدرن ۽ ٻارن ۾ ڪي گڻ پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي سبق آهن اهي صرف مسلمان ٻارن کي مخاطب ٿي لکيا ويا آهن، مثلاً ”اسين مسلمان آهيون، ان ڪري صفائي رکڻ گهرجي، اسين مسلمان آهيون ان ڪري سچ ڳالهائڻ گهرجي، اسين مسلمان آهيون ان ڪري استاد جي عزت ڪرڻ گهرجي… اسين مسلمان آهيون ان ڪري“ ٻار کي نصيحت ڪرڻ جو به ڪو ڍنگ هوندو آهي، ڪو طريقو هوندو آهي، اسلامي تاريخ مان به مثال ٻارن جي عمر ۽ نفسيات موجب چونڊي ڏيڻ گهرجن ۽ ٻوليءَ جو ڌيان رکڻ گهرجي، پر ڪن سبقن ۾ جنگ، جدل، قتل، خونريزي بي رحمي ۽ غير مذهب ماڻهن سان نفرت کي هاءِ لائٽ ڪيو ويو آهي، جيئن اردوءَ جي ستين ڪلاس ۾ هڪ سبق ”حضرت صفيه رضه“ بابت آهي جنهن ۾ خندق واري جنگ ۾ ان جي بهادريءَ کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي؛ ”پاڻ ڏاڍي دلير هئي ان ڪري حضرت حسان رضه کي چيائين ته تون هيٺ وڃي (قلعي کان) يهوديءَ کي قتل ڪري ڇڏ، حضرت حسان رضه جواب ڏنو ته جيڪڏهن آءٌ ان قابل هجان ها ته ميدان جنگ ۾ هجان ها، اهو جواب ٻڌي حضرت صفيه رضه اٿي ۽ خيمي جي هڪ سيخ اکيڙي يهوديءَ کي مٿي ۾ هنيائين، ان ڌڪ سان يهودي اتي ئي ڍير ٿي ويو، ان کانپوءِ حضرت صفيه رضه وري حضرت حسان رضه کي چيو ته هن جو سِر وڍي قلعي کان هيٺ اڇلائي ڇڏ، حضرت حسان رضه وري به معذوري ڏيکاري ته پاڻ خود يهوديءَ جو سير وڍي قلعي کان هيٺ اڇلائي ڇڏيائين“ (ترجمو)
    ڀلي کڻي اهو هڪ ”سچو، تاريخي بهادريءَ“ جو واقعو هجي پر هڪ يارنهن ٻارنهن سالن جي ٻار کي ايتري تفصيل سان سيخ يا ڏنڊو هڻي ماڻهو مارڻ ۽ وري ان جو سير وڍي اڇلائڻ جو نقشو چٽي ٻڌائڻ سان هن جي نفسيات تي ڪهڙو اثر پوندو، اهو انهيءَ سبق لکڻ واري استاد يا خود نصاب ٺاهيندڙن کي ضرور سوچڻ گهرجي باقي رڳو مدرسن جي تعليم کي ڏوهه يا ميار ڏيڻ مان ڇا ورندو! خود اسان جي عام اسڪولن ۾ ڇا پيو پڙهايو وڃي. ان ساڳئي ڪتاب ۾ وڌ ۾ وڌ سبق جنگ وجدل بابت آهن جن مان ڪن جا عنوان هي آهن ”بي مثل سپهه سالار“ ”لانس نائڪ لال حسين“، ””اٿ مجاهدِ وطن“، ٻئي طرف ٻه-قومي نظريي، نظريه پاڪستان، مسلمانن جي بيداريءَ ۾ اقبال جو حصو، تهه آب غازي، مسلمانن جي عظمت وغيره عنوانن وارا سبق سڀ جا سڀ ”پاڪستان اسٽيڊيز“ جي مضمون لاءِ مخصوص هئڻ گهرجن، سو به ٻارن جي ذهني سطح ۽ هندن مسلمانن ۾ نفرت واري موضوع کان پاسو ڪندي لکجڻ کپن ها، پر هتي اهي اردو ٻوليءَ جي سکيا لاءِ رکيا ويا آهن، جن ۾ نه اردو ادب جون صنفون، نه گرامر، نه بيهڪ جون نشانيون ۽ نه ئي ٻي ڪا اهڙي ڳالهه سيکاري وئي آهي، مقصد صرف ۽ صرف ٻارن کي هڪ مخصوص نظرياتي سکيا ڏيڻ آهي، اهو ئي سبب آهي ته اردو ڳالهائيندڙ ٻار، جن جي اها مادري زبان آهي ۽ اهي سنڌي ڳالهائيندڙ ٻار جيڪي هندو يا مسلمان آهن پر اردو مادري زبان طور پڙهن ٿا، انهن جي ذهني ڪيفيت ۽ نفسياتي تربيت هڪ مخصوص ڍنگ سان ٿئي ٿي. اهڙي ئي ساڳي صورتحال اٺين ڪلاس جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جنهن ۾ نه ڪا ڪهاڻي، نه مضمون/انشايه نه ڊرامو ۽ نه ئي ڪا ٻي ادبي صف آهي، ساڳي طرز جا نصيحت آموز سبق آهن جن جا عنوان پڌرا آهن مثلاً؛ ”معلم اخلاق حضرت بلال“ ”تحريڪ پاڪستان ۾ عالمن جو حصو“ جنهن ۾ هڪڙو جملو هيئن آهي ته ”هندن انگريزن سان ملي مسلمانن کي چٿڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي“، ان جملي پڙهڻ سان ٻارن جي ذهنن ۾ هندن لاءِ ڪو مثبت تاثر ته اڀرندو ڪو نه، معنيٰ ٻارن جي ذهنن کي ڪچيءَ کان نفرت سيکاري پئي وڃي، اهو هڪڙو جملو نه پر اهڙا ڪيئي مثال ڏئي سگهجن ٿا هڪ سبق ”قاعد اعظم اور ملي وحدت“ نالي ڏنل آهي جنهن ۾ لکيو اٿن ته ”هندن ملڪ ۾ مسلم ڪشيءَ جو ڀيانڪ ڊرامو شروع ڪيو ۽ مسلمانن کي زبردستي هندو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندن جي تعصب ۽ خود غرضيءَ سبب کيس (قائد اعظم کي) مسلمانن لاءِ الڳ وطن ٺاهڻو پيو، ان سبق کانسواءِ ٻين سبقن جا عنوان هن ريت آهن، ”اقبال ڪا تصور پاڪستان“ ”يوم دفاغ پاڪستان“، ”قومي يڪجهتي“ (جنهن ۾ پاڪستان جي مسلمانن ۾ قومي يڪجهتيءَ جي فروغ جي ڳالهه آهي، باقي هندو، عيسائي وغيره ان مان خارج آهن) انهن مٿين عنوانن کي تاريخ، سياست وغيره يعني سماجي اڀياس يا معاشرتي علوم ۽ پاڪستان اسٽيڊيز ۾ هئڻ گهرجي نه ڪي ٻوليءَ جي مضمون (Subject) ۾ ڪيترا ٻيا سبق وري اسلاميات جي مضمون ۾ هئڻ گهرجن، جن جو ذڪر مان اڳ ۾ ڪري آئي آهيان، نصاب جوڙيندڙن، نصابي ڪتابن جا سبق لکندڙن وٽ ڪنهن به مضمون سبجيڪٽ جي ڪا به موضوعاتي ڄاڻ ڪانهي ته ان جي دائري ۾ ڪهڙآ ڪهڙآ موضوع اچڻ گهرجن، سائنس هجي، سماجي سائنس هجي، ٻولي هجي يا دينيات، هنن وٽ ٻه مخصوص موضوع آهن، سي آهن مذهبي تبليغ ڪرڻ ۽ نظرياتي تربيت ڪرڻ، ان لاءِ نه ٻار جي عمر جو ڪو لحاظ ڪيو ويو آهي ۽ نه نفسيات جو. پاڪستان ۾ اسلامي نظام قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب ۽ سبق آهي ”يوم استقلال“ جي عنوان سان ان ۾ هڪڙو پئراگراف هن ريت آهي:

    ”اسان هي ملڪ اسلام جي نالي ۾ حاصل ڪيو آهي، ان ۾ اسلام جو نفاذ ڪرڻ لاءِ اسان کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو، ان ڪري اسان کي مسلسل جدوجهد سان اسلامي اصولن تحت علم کي عام ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ صحيح اسلامي اصولن تي ڪم ڪرڻ ۽ خلوص ۽ همدرديءَ سان حضور اڪرم صه جي احڪامن کي عام ڪرڻو آهي، جنهن ۾ نجات جو رستو آهي“ (ترجمو) ڇا اهو سڀڪجهه ٻوليءَ جي سکيا جي ذمري ۾ ٿو اچي؟
    مون کي ته اردو ٻوليءَ تي افسوس ٿو ٿئي جنهن جي اسڪولي سطح جا استاد، جن تي ٻوليءَ جي سکيا جي ذميداري آهي جنهن لاءِ هو درسي ڪتابن جا سبق ٿا لکن، انهن کي اها به خبر ڪانهي ته ٻوليءَ جون مهارتون (Skills) ڪيئن سيکاربيون آهن، گرامر، قوائد يا بيهڪ جون نشانيون ڪهڙيءَ ريت استقمال ڪرڻ گهرجن ۽ ٻار کي بهتر نموني ٻوليءَ سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪهڙن نڪتن تي زور ڏيڻ پڻ گهرجي، اردو ٻوليءَ جو ٻاراڻو ادب، ادبي صنفون، اديب، شآعر وغيره ڪهڙا آهن، سواءِ علامه اقبال، شبلي نعماني ۽ مولانا حاليءَ جي ڪو به شاعر اديب اهڙو ڪونهي جنهن جي شخصيت يا تخليقن بابت ڪو سبق هجي ۽ اهي مٿي ذڪر ڪيل شخصيتون به صرف پنهنجي ادبي خدمتن جي ڪري نه پر مخصوص سياسي ۽ مذهبي نظرين جي ڪري درسي ڪتابن ۾شامل ڪيل آهن، منهنجو مطالعو ۽ مشاهدو اهو ٿو ٻڌائي ته اردوءَ جا ڪلاس پهرئين کان اٺين تائين وارا سمورا ڪتاب ۽ انهن جا سبق عرب دور ۾ مسلمانن ۽ ڪافرن جي جنگين، مذهبي شخصيتن جي حوالي سان جهاد جي واقعن، پاڪستان کان اڳ واري دور ۾ مسلمانن ۽ هندن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ٻه قومي نظريي بابت ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ 1965 ۽ 1971 جي لڙاين تي مشتمل آهن ۽ باقي مواد به دينيات يا سياسيات جي دائري ۾ اچي ٿو، جڏهن ته اهڙو ساڳيو مواد سماجي اڀياس (معاشرتي علوم) ۽ اسلاميات ۾ پڻ پڙهايو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به شيءَ جي گهڻائي (overdose) سان ٻار جي نفسيات تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا، انهن جو شعور به ناپيد ٿو لڳي، اردو ٻوليءَ جي سکيا جو عنصر بنهه نظرانداز ٿيل آهي، اهو ئي سبب آهي ته انهن ٻارن جو وڏو طبقو هڪ بند گهٽيءَ ۾ بيٺل ٿو نظر اچي جنهن کي نه سنڌ جي ماڻهن جي معاملن ۽ مسئلن جي خبر آهي نه احساس ۽ نه زميني حقيقتن جو ڪو شعور اٿن ۽ جيڪي سنڌي ٻار اهو نصاب ٿا پڙهن اهي اڃا به وڌيڪ گهاٽي ۾ آهن جو اهي پنهنجي سڃاڻپ ئي وڃائي ٿا ويهن!
    سنڌ جي تعليم کاتي وٽ ته اڳ ۾ اهو جواز هوندو هو ته نصاب يا ڪريڪيولم جي موضوعن بابت وفاقي حڪومت جي وزارت تعليم وٽان هڪڙو ٺهيل جڙيل خاڪو ايندو هو جنهن مطابق صوبن کي نصاب جوڙي درسي ڪتاب لکرائڻا پوندا هئا، پر هاڻي 18 ترميم کانپوءِ اهو ذمو صوبائي حڪومت کي مليل آهي ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو سنڌ ۾ قائم ڪريڪيولم بيورو، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ اهڙا ٻيا ادارا سنڌ جي اسڪولي ٻارن لاءِ پاڻ نصاب جو خاڪو جديد تعليمي ماهرن جي مدد سان نه جوڙين ۽ ان مطابق درسي ڪتاب نه ٿا لکرائين، ان حوالي سان اهو به ضروري آهي ته درسي ڪتابن جا سبق لکندڙ تعليم ۽ تدريس جي جديد طور طريقن کان واقف هجن ۽ کين عمر جي لحاظ کان ٻارن جي نفسيات جي به ڄاڻ هجي ۽ (Education) جي مضمون ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماسٽرس هجن، مون ڏٺو آهي ته اڪثر ڪتابن تي لکيل آهي ته اهي ”سينئر اساتذه“ جا تيار ڪيل آهن ۽ سنڌي ڪتابن تي جيڪي نالا لکيل آهن اهي اسان جا به بزرگ آهن جن مان ڪيترا ته ڪئين سال ٿيا ته گذاري ويا آهن، انهن پنهنجو دور ملهايو تبرڪ طور انهن جا نالا ڏيڻ بدران هاڻي نوَن ذهنن کي اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي، تڏهن وڃي ڪا مثبت تبديلي ايندي ۽ ملڪ ۾ روشن خياليءَ ۽ رواداريءَ کي فروغ ملندو.
     
    سجاد علي چنا هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اوهان جون ڳالهين واقعي فڪر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ٻيو ته والدين کي پنهنجا ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کان اڳ اهو ان اسڪول جي چونڊ ڪيل ڪتابن ۽ پبلشرس جو معائنو به ڪرڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو