ڏاڍن جو ديس جتي روز نئون ناٽڪ آهي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اقتداري راند ۾ ٿيندڙ تازن تماشن تي پاڪستاني عوام جا وات پٽيل رهجي ويا آهن.تازو عدالتن پاران ميان نواز شريف ۽ مريم نواز کي مليل قانوني رليف تي چپ چوري نٿا سگھجن جو توهين عدالت جي تلوار مٿي تي لٽڪي رهي آهي.هڪ نيوز چينل تي تجزيي نگار انڪشاف ڪري رهيا هئا ته ميان صاحب بيمار ضرور آهي پر ايترو به نه جيترو ميڊيا ۾ پيش ڪيو ويو آهي.انهن جي چوڻ مطابق ميان صاحب جي صحت جي حوالي سان تيار ڪيل ان سڄي ڊرامي ۾ پنجاب حڪومت به شامل آهي.معاملو اهڙيء طرح ته عدالتن توڙي عمران خان سامهون پيش ڪيو ويو جو اهي نواز شريف مان هٿ ڪڍڻ تي مجبور ٿي ويا.انهن تجزيي نگارن جي خيال ۾ جيڪر ڪنهن مريض جا پليٽيليٽس ٻن هزارن تي پهچي وڃن ته سندس زندهه رهڻ جي ڪا گنجائش نٿي رهي.سندن مطلب اهو ٿيو ته پليٽليٽس جي حوالي سان جيڪي به رپورٽون منظر عام تي آنديون وييون اهو رڳو ناٽڪ هو ،اصل ۾ رليف حاصل ڪرڻ لاء ميان صاحب وٽ ٻيو ڪوبه قانوني رستو نه بچيو هو جنهن ڪري وڏي پلاننگ سان اهو سڀ ڪجهه ٿيو.هاڻي خير سان ميان صاحب ڪنهن وڏي اسپتال ڏانهن منهن ڪرڻ بدران پنهن جي مرضيء سان پنهنجي گھر منتقل ٿي چڪو آهي ۽ گڏوگڏ ڪيترائي سوال آهن جن جو جواب شايد ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي وڃي.سچ اهو آهي ته رياست ايتري لاچار آهي جو هن ملڪ ۾ ڏاڍن جو ڪو وار ونگو به ڪري نٿو سگھي البت خالي هٿين استادن،ڊاڪٽرن ۽ نرسن تي رياست لٺيون وسائي سگھي ٿي.ساڳئي ڏينهن جڏهن ميان صاحب ۽ مريم نواز پنهنجي گھر روانا ٿي رهيا هئا ته هڪ طرف ڪراچيء ۾ سنڌ حڪومت پروفيسرن ۽ ليڪچررن تي جڏهن ته ٻئي طرف پنجاب حڪومت نابين ۽ معذور ماڻهن تي لٺيون وسائي رهي هئي.اها آهي اسان جي نام نهاد جمهوريت جيڪا وک وک تي اگھاڙي ٿيندي رهي ٿي.اتي هڪڙو سوال بلاول ڀٽو زرداريء جي جمهوريت پسندي ،احتجاج ۽ اظهار راء جي آزاديء وارين دعوائن جي پت وائکي ڪري ٿو ته ٻئي طرف رياست جي ٻٽن روين ۽ معيارن جي به قلعي کولي ڇڏي ٿو ۽ اها سوچ وڌيڪ پختي ٿئي ٿي ته هي ملڪ رڳو چند طاقتور خاندانن جي جاگير آهي ۽ جمهور لاء سواء بک،بدحالي،بيمارين ۽ لٺين جھلڻ جي ڪجهه به ٻيو مقدر ناهي.استاد جهڙي معزز پيشي سان لاڳاپيل عورت ليڪچرارز تي لٺيون وسائيندي نه ته سنڌ پوليس کي ڪا حيا ٿي ۽ نه ئي معذور.لاچار.انڌن ۽ گونگن تي تشدد ڪندي ڪو پنجاب پوليس کي ئي شرم آيو.هڪڙي يا چند طاقتور ماڻهن جي بيماريء تي ته پوري رياست جو سک ۽ چين ڦٽيو پوي پر سوين عام انسان جيڪي روزانو ڊينگي،ايڊز ۽ ٻين موذي مرضن جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن انهن جو احساس نه حڪومتن کي آهي ۽ نه ئي رياست کي.هاڻوڪي سياسي اٿل پٿل مان هڪڙي ڳالهه ته وري ثابت ٿي چڪي آهي ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به ڏاڍي جو احتساب ٿي نه ٿو سگھي.احتساب جو ڊرامو ضرور رچايو وڃي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه به اقتداري راند جو حصو ٿئي ٿو.خان صاحب ڪجهه عرصو اڳ آمريڪا ۾ ويهي اهي ڦوڪون ڏنيون ته هو وطن واپس پهچندي ئي ميان نواز شريف کي جيل ۾ مهيا ڪيل اي سي ڪڍرائي ٻاهر ڦٽي ڪرائي ڇڏيندو.اي سي ته ڇا نڪرڻي هئي البت ميان صاحب وزير اعظم واري پروٽوڪول سان پنهنجي محل ۾ پهچي چڪو آهي.اڃا ته تماشو اڳتي آهي جو سمورا سياسي اڳواڻ جن کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ جيلن ۾ واڙيو ويو آهي اهي هڪ هڪ ٿي بيمار ٿيندا ويندا ۽ ”انساني همدردي“ جي بنيادن تي گھر پهچندا ويندا.اهو سڀ ناٽڪ ٿيڻ بعد حڪومت جا انقلابي وزير ۽ مشير اهو اعلان ڪندا ته ڏسو! انهن سمورن سياسي مخالفن جي جدوجهد جو مقصد رڳو ڊيل يا ڍر حاصل ڪرڻ هو.يعني جيڪي رعايت حاصل ڪندا انهن تي هر قسم جي لعنت ملامت ٿيندي پر ڊيل ڏيڻ وارن جي شان ۾ ڪا به گستاخي ٻڌڻ لاء نه ملندي.سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته جيڪي ماڻهو سڌو سنئون رياست توڙي رياستي ادارن خلاف ظاهر ظهور تقريرون ۽ ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا يا جيڪي لساني ۽ مذهبي تعصب ۽ نفرت پکيڙين ٿا انهن جي خلاف نه ته ڪا حڪومت ۽ نه ئي رياست ڪو قدم کڻي ٿي پر جيڪي غريب شهري پنهن جا جائز حق گھرڻ لاء هٿين خالي روڊن رستن تي اچن ٿا انهن جون ڄنگھون ۽ ٻانهون ڀڳيون وڃن ٿيون جڏهن ته ملڪ جي آئين انهن ڪمزور شهرين کي به راء جي اظهار جي آزاديء جا اهي ئي حق ڏنا آهن جن جو دهل صبح سانجھيء اهي نام نهاد سياستدان ۽ حڪمران وڄائيندا رهن ٿا.اعلان ته اهي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا ته انهن ڏاڍن کان ملڪ جي ڦريل دولت پائي پائي ڪري واپس ورتي ويندي پر دولت ڇا واپس ٿيڻي هئي هتي ته غريب عوام جي ٽيڪسن جا ڪروڙين روپيا انهيء سياسي اشرافيا جي قيدين جي سرڪاري علاج تي خرچ ٿي ويا.هيڏيون ساريون جاچون،تحقيقاتون ۽ کوجنائون،ڪيس ۽ مقدما،ڪميٽيون ۽ ڪميشنون سڀ جون سڀ انهيء ئي مسڪين عوام جي پئسي تي ٿيون جن جو نتيجو سواء مذاق جي ٻيو ڪجهه ناهي نڪتو.شايد اسان جنهن جھنگل ۾ رهون ٿا ان کي ڪو مهذب شهر بنجندي ۽ ڏاڍن جي جنهن دنيا ۾ رهون ٿا ان کي ڪنهن سڌريل سماج ۾ تبديل ٿيڻ لاء سال نه پر صدين جو عرصو گھربل آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو