ڀٽائي جي سُر سامونڊي ۾ وڻجارِِيءَ جو درد

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 نومبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀٽائي جي سُر سامونڊي ۾ وڻجارِِيءَ جو درد

    عزيز ڪنگراڻي


    شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي هر سُر ۾ خيالن جي اڏام جو سرچشمو سندس مشاهدو ۽ مطالعو آهي. ڀٽائي فطرت ۽ قدرت جا لقاءُ گهرائي سان پُرجهيا. درياھ جي دهشتن ۽ سمنڊ جي اونهاين کان وٺي ڍنڍن، ڍورن، تراين، جبلن، ماڻهن، ماحول، سماج، سماجي قدرن، ريتن رسمن، موسمن، ڌنڌن۽ ٻين انيڪ شين جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو. ڀٽائي هر سماجي پهلو کي گهرائي سان پرکيو ۽ پروڙيو. سندس اظهار ۾ شين بابت مشاهدو ايڏو ته وسيع آهي جنهن جو ڪو آند نه پاند! مثال طور ڀٽائي لوهار ۽ لوهارڪي ڪرت جو مشاهدو پنهنجي شاعري ۾ ايئن پيش ڪري ٿو ڄڻ خود اها ڪرت ڪندڙ رهيو هجي. ايئن هر موضوع بابت سندس مشاهدو سانوڻ ۾ مهراڻ جيان موجزن آهي. انهي ڳوڙهي مشاهدي يا پرک ۽ پروڙ جي آڌار تي هن عظيم شاعر نه صرف سنڌي سماج جي نقش نگاري ڪئي ته ترجماني به ڪئي ته ان ۾ آفاقي ۽ عالمگير سوچ پڻ سمائي. ڀٽائي انهيءَ اڻ مئي مشاهداتي سگھ سان اظهار وسيلي هر دور ۾ سنڌي سماج ۾ ساھ کڻندڙ ماڻهن جي احساسن جو عڪاس بڻجي ويو.
    ڀٽائي جي مشاهدي جي ڳُوڙهائپ جو ساگر سندس شاعري ۾ رائج ڪهاڻين ۽ انهن جي ڪردارن جي روپ ۾ به ڇوليون هڻندي نظر ايندو. اهي ڪردار يا ته غريب، ستايل، جاکوڙي يا عام ماڻهو آهن يا وري اهڙا ڪردار ڳاتائين جيڪي عام ماڻهوءَ جا حامي، ڀرجهلا يا آدرشي رهيا ۽ عوام ۾ مثبت پهلو جي حوالي سان مقبول رهيا. ڀٽائي انهن ڪردارن ۽ ڪهاڻين کي ڳاتو يا اهميت ڏني جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ريت عام عوام سان سلهاڙيل رهيا. ڀٽائي انهن ڪهاڻين يا ڪردارن جي ڪردار نگاري جي نسبت سان سنڌي سماج ۽ انسان ذات جي ترجماني ڪئي جيڪي سنڌ سان لاڳاپيل هئا. انهن ڪردارن ۾ سُر سامونڊي جي وڻجارِي جو به ڪردار چئي سگهجي ٿو جنهن جي درد ۽ ڀوڳنا کي ڀٽائي پنهنجي شعر جو موضوع بڻائي ان کي لازوال ڪردار بڻائي ڇڏيو. وڻجارِيءَ جو درد ايئن پيش ڪيو اٿائين ڄڻ ڀٽائي جو پنهنجو درد هجي ۽ اهو ڄڻ سنڌي سماج جو سُور هجي. ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ هر ان وڻجاري ءَ جو درد هجي جنهن جو وڻجارو محبوب ( ورُ) وڻجارِيءَ (زال) کي وڇوڙي جي آڳ ۾ اڇلي روزيءَ سانگي سمنڊ جون لهرون لتاڙي سمنڊ پار ويل هجي. اڄ به سندس اظهار سڄر ۽ تازو محسوس ٿئي ٿو.
    سُر سامونڊي ۾ وڻجارِيءَ جي ويڳ ۽ ويراڳ جي نسبت سان ڀٽائي تڏهوڪي زماني ۾ دنيا سان سنڌ جي واپار ۽ موسمن جو بيان پڻ ڪيو آهي. ڀٽائي مهراڻ يا سنڌ جي موتين جي دنيا سان عروج تي ٿيندڙ واپار جو ذڪر ڪندي سنڌ جي پرڏيھ سان واپاري لاڳاپن جا چِٽ پڻ چٽيا آهن. سنڌ جي پرڏيھ سان واپار جي ڳالھ ڪندي سُر سامونڊي ۾ ڀٽائي لنڪا (سريلنڪا) سان سنڌ جي واپاري لاڳاپن جو خاص ذڪر ڪيو آهي.

    لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا
    يا
    سامونڊي سائُو، لنڪا لوپي آئيا

    سُر سامونڊي ۾ ڀٽائي وڻجاري ءَ جي ڏکويل احساسن جي ترجماني وقت سنڌ جي وڻج واپار ۽ ان لاءِ پرڏيھ ويندڙ وڻجارن، ٻيڙن، غورابن، سڙھن وغيره جو ذڪر به ڪيو آهي. سر سامونڊي ۾ سمنڊ وسيلي سنڌ جي واپار ۽ واپار لاءَ ويندڙ وڻجارن جي نسبت سان وڻجارڪي ڪرت ۽ ان ۾ سندن مصروفيتن ۽ سندن زندگي کي پيش ايندڙ خطرن ۽ تڪليفن کي به اجاگر ڪيو آهي. وڻجارا واپس پهچندا مس هئا ته وري سفر جو سعيو ڪندا هئا. روڪڻ سان به نه رُڪجندا هئا. ويندا هئا ته ورڻ ۾ وقت لڳائيندا هئا. ان ڪري سندن گهر واريون يا وڻجاريون کين روڪينديون هيون پر اهي نه رڪندا هئا ته وڻجاريون سندن ماءُ کي کين پلڻ يا روڪڻ جون دانهون ڏينديون هيون. ڇو ته وڻجارا ويندا هئا ته ورڻ ۾ ڏينهن لائيندا هئا ۽ وڻجاريون اُلڪن جي ڄار ۾ ڦٿڪنديون هيون. جيستائين واءُ سڻائو نه لڳندو هو تيستائين سندن ٻيڙا اچڻ لاءِ روانا نه ٿيندا هئا. خاص طور واپسيءَ ۾ کين مهينن جا مهينا لڳي ويندا هئا. ڇو ته جنهن طرف کين وڃڻو هوندو هو انهيءَ طرف واءُ گهلندو هو ته سفر تي اسهندا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ واءُ سڻائو ورڻ وارو محاورو به ان پسمنظر ۾ رائج ٿيل آهي. وڻجارا دير ڪندا هئا ته سندن زندگيءَ خطري ۾ هجڻ جو احساس اڀرندو هو. وڻجاريون تڙ پوڄينديون هيون. مطلب سندن وهُون معني زالون باسون ٻاسينديون يا دعائون گهرنديون هيون ته شال سندن ور خيريت ۽ سلامتي سان واپس موٽن. جن جا ور موٽندا هئا سي خوش ٿينديون هيون ۽ جن جا نه موٽندا هئا سي سيڪارا يا شُوڪارا ڀرينديون هيون. ڀٽائي انهيءَ صورتحال کي وڻجارِيءَ جي واتان چَوَرائي ٿو:

    وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين
    يا
    اڃا آئين ڪالھ، پڻ ٿو سفر سنبهين!
    يا
    سامونڊين سائين، واءُ سڻائو وارئين.
    يا
    اُڀيون تڙ پوڄِين، وڻجارن جون وَهُون
    يا
    سي ئي ٿيون مَرڪن، جنين سندا آئيا
    يا
    اڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا

    ڀٽائي موسمن جي مشاهدي کي به سُر سامونڊي ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي.” گربخشاڻي موجب سامونڊي يا وڻجارا واهوندي يعني بسنت بهار جي موسم ۾ ورندا هئا ۽ اُتر لڳندو هو ته وڻج سانگي سفر تي اُسهندا هئا.“ ان منجهان لڳي ٿو ته وڻجارا سڄو سيارو نه ايندا هئا ۽ اوسيئڙي ۽ اڪير ۾ وڻجارن جون ونيون ٿڌا ساھ ڀري سڄڻن کي سارينديون هيون. وڻجاريُن جو سڄو سيارو ور لاءِ واجھائيندي گذرندو هو. بهر حال موسمن جي نسبت سان وڻجارن لاءِ وڻجاريُن جي ڪيفيتن جي عڪاسي ۾ ڀٽائي ڪمال کي ڇُهيو آهي. خاص طور سياري جي موسم ۾ وڻجاريُن جي هيڪلائي ۽ ور بنان سياري جي مند گھارڻ ويل سندن جذبن کي ڳائي ڀٽائي هر دور ۾ هر دل جو ترجمان بڻجي ويو.

    لڳي اُتر آهريا، واهوندي ورن
    يا
    لڳي اتر هِير، سامونڊين سڙھ سنباهيا
    يا
    سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين
    يا
    ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھ سنباهيا

    هت واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڀٽائي موسمن جي لحاظ کان ٻين موسمن جو ذڪر ان ڪري نه ڪيو آهي جو وڻجارا سياري ۾ ويندا هئا ۽ چوماسي هوائن کان اڳ واھونڊن ۾ ورندا هئا. سندن سفر ٻن موسمن سان منسلڪ هو تڏهن سُر سامونڊي ۾ ٻن موسمن جو ئي بيان شامل آهي ته وڻجارا سياري اسهندا هئا ۽ واهوندي ۾ ورندا هئا. تنهنڪري هن سُر ۾ ڀٽائي صرف سياري ۽ بهار جو ذڪر ڪيو آهي ۽ وڻجارن جي ڪِرت ۽ انهيءَ ڪِرت ۾ لڳندڙ وقت جي حوالي سان ڀٽائي پاڻ وڻجاريءَ ڀڻجي ويل لڳي ٿو.
    سُر سامونڊي ۾ وڻجارِيءَ جي جذبن جي اپٽار مختلف پهلوئن کان شامل آهي. ڪٿ ور سان مخاطب آهي. ڪٿ وڻجاري جي ماءُ سان هم ڪلام آهي ته ڪٿ وڻجاري ڪانڌ سان هم ڪلام آهي. ڪٿ ايلاز ۽ منٿ ڪندي معلوم ٿيندي ته ڪٿ گهر واري کي ڏوراپا ڏئي ٿي ته شل اهو واپار وارو ڌنڌو تون ڇڏين يا توکان وسري وڃي يا جي خبر هجي ها ته وڻجارو آهين ۽ سدائين پرڏيھ رهندڙ آهين ته مان توسان شادي ئي نه ڪيان ها:

    وڃئي وسري شال، جو تون سودو سکيو
    يا
    جي تون وڻجارو ڪانڌ، ته مون هڏ مَ لائون لڌيون

    سُر سامونڊي ۾ ڀٽائي وڻجارِيءَ جو سمورو درد هڪ بيت ۾ سمائي ڇڏيو آهي. جڏھن سياري ۾ به وڻجاريءَ جو جوڀن انتظار جي گرميءَ ۾ برف جيان رجي ٿو ته تڙپڻ لڳي ٿي. جوڀن کي اڪيلائي جي آڳ ۾ پڄرندي محسوس ڪري ٿي ۽ اڪنڊ اُڪير جو ڪلُوڙو ڪلين ۾ پويس ٿو ته پنهنجي ماءُ سان ڏوراپي جي انداز ۾ مخاطب ٿئي ٿي.

    سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا
    رُئان رهڻ نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئنءَ،
    مونکي چاڙهي چيءَ، ويو وڻجارو اوهري.

    روزاني پنهنجي اخبار 10 نومبر 2019 ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو