مزاحمت جي بوتل مان نڪتل مفاهمت جو جنّ!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ”سخت بيمار“ ميان نواز شريف اسپتال کان گھر ۽ گھر کان لنڊن روانو ٿيڻ وارو آهي.آڪاش جي اک ليليٰ ۽ مجنون جو ميلاپ ته نه ڏسي سگھي پر قومي سياسي بحران جي ڇٽيء هيٺ شريف خاندان ۽ ڊيل يا ڍر جي ليلا هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائيندي وري به ڏسي رهي آهي.ڪنهن غريب هڪ دست شناس کي پنهنجو هٿ ڏيکاريو ته دست شناس چيو ته تنهنجا ٻارهن سال غربت ۾ گذرندا.غريب ماڻهوء وڏي اميد سان پڇيو ته ان کان پوء؟ دست شناس جواب ڏنو ته ان کان پوء توکي غربت جي عادت پئجي ويندي.سال 2000ع ۾ شريف خاندان جڏهن ڪنهن دست شناس کي هٿ ڏيکاريو ته هن ٻڌايو هو ته اوهان جا ست سال ڍر يا ڊيل ۾ گذرندا.شريف خاندان وڏي شوق سان پڇيو هو ته ان کان پوء؟ دست شناس جواب ڏنو ته پوء اوهان کي ڍر يا ڊيل جي عادت پئجي ويندي.ڊيل يا ڍر شريف خاندان جي ”سياسي سڃاڻپ “ آهي پر شريفن جا ”صحافتي مجاهد“ ميان صاحبن سان اهڙي ته ”عظمت “ جا داستان ڳنڍين ٿا جو انسان ميان صاحب جي صحافتي مجاهدن جي نڪ جي ڏاڍائيء تي حيران رهجيو وڃي.ان سلسلي ۾ ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا. هڪڙو دانشور صحافي لکي ٿو؛ ” نواز شريف ڪو اڪيلو فرد نه پر هڪ سڃاڻپ جو نالو آهي.مزاحمت جي نشاني.اهي ئي ماڻهو هوندا آهن جن کي ڪو واقعو،ڪو مستانو نعرو فرد مان سڃاڻپ بڻائي ڇڏيندو آهي.تاريخ جي ڪنهن موڙ تي اهي جرئتمنديء جو مظاهرو ڪندا آهن...پوء تاريخ انهن کي پنهن جي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيندي آهي.سڃاڻپ بڻجڻ ڪو آسان ڪم ناهي ان جي هڪ قيمت آهي جيڪا ادا ڪرڻي پوي ٿي.اهو اعزاز ملي ٿو ته ڪڏهن اقتدار جي قربانيء سان ته ڪڏهن جان جي بدلي.“

    هڪ ٻيو صحافي پنهنجي ڪالم ۾ ساراهه جا ڍڪ ڀريندي لکي ٿو؛ ” بڌو آهي ته پيء ۽ ڌيء کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي آڇ موجود آهي پر اڄ به سندن چپن تي اهو ئي انڪار آهي جيڪو پهرين هو جو هاڻي هنن وٽ وڃائڻ لاء ڪجهه به ناهي.اهي پنهنجي چاليهه سالا سياسي ڪيريئر ۾ ڏک ۽ سک جا سمورا سواد چکي چڪا آهن.“

    هاڻي اچو ته ڏسون ته ”مزاحمت جي علامت“ سان واڳيل ميان نواز شريف بلڪه سندس پوري ڪٽنب جي اصل حقيقت ڇا آهي؟مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ شروع ٿيو ته مشهو صحافي ڪامران خان لکيو؛ ”جمعيت علماء اسلام جو آزادي مارچ لاهور کان نڪري اسلام آباد طرف جاري آهي.دلچسپ ڳالهه اها جو آزادي مارچ جي ڪنٽينر تي نواز شريف،آصف زرداري،اسفند يار ولي،محمود اچڪزئي ۽ مير حاصل بزنجو جون تصويرون ته لڳل آهن پر مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي سوڌو اپوزيشن جماعتون هن مارچ ۾ پري پري تائين نظر نٿيون اچن،اهي ان جو عملي حصو ناهن...لاهور ۾ مولانا جي خواهش هئي ته هو سوروسز اسپتال وڃي ميان نواز شريف سان ملاقات ڪري پر... لڳي ٿو ته نواز شريف ڪنهن سبب هن وقت ڪنهن به قسم جي سياسي سرگرميء جو حصو بنجڻ نٿو گھري.“

    اها آهي ميان صاحب جي ”مزاحمتي سياست“ جي هڪ جھلڪ.ميان صحب پنهنجو پاڻ کي ان مزاحمتي مارچ يا ڌرڻي کان ڇو الڳ رکيو ان جو جواب شريف خاندان سان ويجھو تعلق رکندڙ صحافي مجيب الرحمان شامي جي ڳالهين مان ملي سگھي ٿو.شامي صاحب مطابق؛”ٻنهي وڏين سياسي جماعتن ان سياسي صورتحال مان فائدو کنيو جيڪا مولانا فضل الرحمان پيدا ڪئي.انهن ٻنهي جماعتن اهو پيغام ڏنو ته اهي ان مارچ ۾ شامل ناهن.طاقتور حلقن تائين انهن جماعتن جو پيغام پهچي ويو،انهن جي ان احسان کي اتي محسوس ڪيو ويو هوندو ۽ اهو نوٽ ڪيو ويو هوندو ۽ اهو انهن جماعتن جي ڪم ايندو.“

    گھڻن ماڻهن جو خيال آهي ته ميان نواز شريف ۽ ميان شهباز شريف ٻه الڳ شخصيتون ۽ سندن الڳ سوچون آهن پر حقيقت ۾ اهي ٻئي ڀائر هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.جتي شريف خاندان کي مزاحمتي،انقلابي،اصولي ۽ نظرياتي بنجڻو هوندو آهي ميان نواز شريف سامهون ايندو آهي پر جڏهن اهي سمورا رستا بند ٿي ويندا آهن ته پوء مفاهمت جو جھنڊو هٿ ۾ کڻي ميان شهباز شريف اڳيان وڌندو آهي.اهڙيء طرح شريف خاندان هڪ ئي وقت مزاحمت ۽ مفاهمت واري سياست ذريعي هر حال ۾ پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪندو رهندو آهي.هن وقت ميان نواز شريف جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي ۽ مريم نواز جي به هڪڙي ڪيس ۾ ضمانت ٿي چڪي آهي.ان جو مطلب ته شريفن جي ملڪ مان فرار جون سموريون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن.ڊيل يا ڍر جو ثبوت اهو آهي جو مريم نواز ”ميرٽ“ تي آزاد ٿيڻ باوجود سياسي معاملن تي چپ آهي ۽ هڪ ڀيرو به ڌرڻي ۾ وڃي ٻه لفظ ڳالهائڻ لاء به تيار ناهي.

    مولانا اسلام آباد ۾ مزاحمت جو تاج محل تعمير ڪرڻ آيو هو پر هڪ هفتي اندر رڳو مزاحمت جي جھڳي اڏي سگھيو آهي،بد قسمتيء سان نواز ليگ مولانا کي چيو ڪجهه ۽ ڪيو ڪجهه ٻيو.پر سوال اهو آهي ته مولانا جهڙي ڏاهي سياستدان شريفن تي ڀروسو ڪيئن ڪيو؟انهيء ۾ شڪ ناهي ته مولانا هڪ وڏو ميڙ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي جنهن مان وري ثابت ٿي ويو آهي ته نواز ليگ، پي پي پي ۽ تحريڪ انصاف رڳو ڪاغذي شينهن جون جماعتون آهن.منظم ۽ جان نثار ڪارڪن صرف مذهبي جماعتن وٽ آهن.مولانا جي مارچ سان پيدا ٿيندڙ بحران ۾ چوڌري برادرز به سرگرم آهن ۽ مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ ڳالهين جا بي نتيجا ڪيترائي دور ٿي چڪا آهن.ان صورتحال مولانا توڙي حڪومت کي هڪ هنڌ ڄمائي ڇڏيو آهي.مولانا خالي هٿين موٽيو ته سندس سياسي ساک تباهه ٿي ويندي ۽ جيڪر حڪومت مولانا جي مطالبن سامهون سر ٿي جھڪائي ته حڪومت ئي نه رهندي.اڃا تائين ته مولانا چئي رهيو آهي ته هو ٽڪراء نٿو چاهي پر اسلام آباد جون فضائون ڪنهن سخت ٽڪراء جي بوء سونگھي رهيون آهن.مولانا جي پٺ تي ڪير آهي ان سوال جو جواب اڃا نٿو ملي.ٻيو اهم سوال اهو آهي ته انهيء ڌرڻي جو اصل نشانو ڪير آهي؟ ڏٺو وڃي ته مولانا جي ڌرڻي جي حوالي سان عمران خان حڪومت هڪ دفعو وري نا اهل ثابت ٿي آهي ۽ هن ڌرڻي کي منهن ڏيڻ جي سموري اميد اسٽيبلشمينٽ سان لڳائي رکي آهي.جيڪر سڀ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ کي ئي ڪرڻو آهي ته پوء هاڻوڪي سياسي حڪومت جي ڪهڙي حيثيت رهجي وڃي ٿي؟

    مزاحمت ۽ مفاهمت جي ان سڄي تماشي ۾ ڪنهن ڪيترو ڪمايو ۽ وڃايو پر وڏو سچ اهو آهي ته عمران خان جو اخلاقي بينڪ اڪائونٽ في الحال زيرو بڻجي ويو آهي!
     
  2. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    تمام سٺي تحرير مولا توهان علم ۾ اظافو ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو