ڌرڻو؛ هڪڙن جي چهنب ته ٻين جو پڇ غائب!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    675
    ورتل پسنديدگيون:
    633
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسلام آباد ۾ جي يو آئي جو ڌرڻو نيٺ ختم ٿي چڪو آهي.جي يو آئي جو ڌرڻو ڇو ٿيو؟گذريل ٻن هفتن کان اهو سوال پوري ملڪ جي چوڪن ۽ چوراهن جو موضوع رهيو تنهن هوندي به ڌرڻي جو انجام ان کان به وڏو سوال آهي.جي يو آئي جي ڪور ٽيم جو موقف آهي ته ڌرڻو ۽ مطالبا جي يو آئي نهايت سوچي سمجھي ڪيا آهن.اهي اسان جي سياسي تشخص لاء تمام ضروري هئا پر جڏهن معاملو اي پي سي ۾ آيو ته جي يو آئي جا مقصد هائي جيڪ ٿي ويا.فيصلن جو اختيار رهبر ڪميٽيء وٽ هليو ويو.ڌرڻو ته ان ڏينهن ئي پنهنجي مقصد کان هٽي ويو هو جڏهن سمورا معاملا رهبر ڪميٽيء سنڀالي ورتا ان ڪري جي يو آئي جي ديني مزاج رکندڙ ڪارڪنن جو ڌرڻو سياسي مطالبن تي ٻڌل چارٽر آف ڊيمانڊ سبب سياسي ڪارڊ جي کجور تي ٽنگجي ويو ۽ جي يو آئي کي جواب ڏيڻو پوندو ته اصل مقصد ڇو بدلايو ويو؟۽ آزادي مارچ جي لاء ماڻهن کي هڪ وڏي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي نالي تي منظم ڪري اسلام آباد آڻڻ جو مقصد ڇا هو؟ڪشمير،بي روزگاري،مهنگائي جي معاملن کان انڪار ممڪن ڪونهي،اهي سڀ پنهنجي جڳهه تي آهن پر حڪومت هن وقت ٻين ٽن اهن محاذن تي گھيريل آهي.پهريون محاذ واپارين اڀو ڪيو ،ٻيو ٻيوروڪريسي ۽ ٽيون محاذ جي يو آئي جو ڌرڻو هو. واپاري تنظيمن جا ايف بي آر ۽ نيب تي تحفظات آهن ۽ بيوروڪريسي نيب خلاف متحد ٿي چڪي آهي.ٽئين محاذ ڌرڻي جي انجام حڪومت کي ڪجهه سک جو ساه کڻڻ جو موقعو ڏنو آهي. حقيقت اها آهي ته حڪومت گھريو ٿي ته معاملو عدليه ۽ پنڊيء وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو وڃي پر حڪومت پنهنجو فيصلو نه مڃائي سگھي ايئن حڪومت کي گھاٽو گھاء ته لڳو تنهن هوندي به في الحال ڇانوسندن ساٿ نه ڇڏيو پر جيڪر حڪومت روش نه بدلائي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا حڪومت جي گھر وڃڻ جو سبب به بڻجي سگھن ٿا..ڳالهه اتان کان به اڳتي جي آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن جو ملاکڙو جيڪر جاري رهيو ته نظام ئي هيڏانهن هوڏانهن ٿي سگھي ٿو.اسان وٽ ٻه منظر آهن ڌرڻي کان اڳ جو ۽ ڌرڻي کان بعد وارو.ٻنهي جا الڳ الڳ مقصد هئا.ان پس منظر ۾ ڌرڻي جو جائزو وٺڻ لاء جي يو آئي جي حدفن،انهن لاء اختيار ڪيل حڪمت عملي جو تجزيو ضروري آهي.عام چونڊن کان اڳ مولانا فضل الرحمان کي تحريڪ انصاف جي ليڊرشپ جي باري ۾ هٿ هلڪو رکڻ جي صلاح ڏني ويئي هئي،ڳالهه نه مڃي ويئي ته پارليامينٽ مولانا کان کسجي ويئي.رد عمل ۾ مولانا جارحاڻو سياسي رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.مرڪز ۾ تحريڪ انصاف وٽ سادي اڪثريت نه هئي،حڪومت جوڙڻ لاء کيس اتحادي جماعتن جي ضرورت هئي.ان وقت مولانا مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽيء کي اسيمبلين ۾ نه وڃڻ جي صلاح ڏني پر مولانا جي اها تجويز رد ٿي ويئي.جنهن بعد جي يو آئي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي تجويز ڏني.اصل ۾ مولانا هر قيمت تي تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف اپوزيشن کي سرگرم رکڻ گھريو ٿي.ان دوران متحده مجلس عمل به ختم ٿي ويئي ته جي يو آئي اپوزيشن جماعتن سان گڏجي هڪ نئين حڪمت عملي بنائڻ شروع ڪئي ۽ فيصلو اهو ٿيو ته اڪيلي اڏام بدران ٻين جماعتن سان گڏجي حڪومت تي دٻاء وجھجي پر پنهنجي انفرادي سڃاڻپ به برقرار رکي وڃي.جي يو آئي ملين مارچ جي نالي سان پنهنجي عوامي مهم جاري رکي.حڪومت کي سال پورو ٿيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جي پليٽ فارم تان سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي ويئي.ان تحريڪ جي ناڪاميء جو ذميدار اپوزيشن جون مختلف جماعتون هڪٻئي کي قرار ڏينديون رهيون.ان بعد به مولانا همت نه هاريندي 27 آڪٽوبر تي حڪومت خلاف آزادي مارچ جو اعلان ڪيو. مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي ظاهر ۾ ان مارچ ۽ ڌرڻي جي حوالي سان مونجھارن جو شڪار رهيون پر جڏهن مولانا آزادي مارچ وٺي اسلام آباد پهتو ته انهن جماعتن جا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪرڻ پهچي ويا.ان جي نتيجي ۾ حڪومت سخت دٻاء جو شڪار ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ ئي مسلم ليگ نون کي سياسي رليف مليو.جلسي دوران حڪومت سامهون پنهنجا چار مطالبا پيش ڪيا جن ۾ پهريون مطالبو وزير اعظم جي استعيفا جو هو.طيء ڪيل پلان مطابق اپوزيشن جماعتن جي رهبر ڪميٽيء پڻ مولانا جي انهن مطالبن جي حمايت ڪري ڇڏي.حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهيون به شروع ٿيون پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي.جنهن بعد حڪومتي اتحادين چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي مولانا سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي جنهن مان ڪجهه برف پگھرجڻ جو اشارو مليو.حڪومت جيڪا اڳ ۾ ڌرڻي کي ڪا اهميت نه ڏيئي رهي هئي پهريون ڀيرو عمران خان دٻاء هيٺ آيو.وزير اعظم عمران خان جي ذهن ۾ اها سوچ گھر ڪري چڪي آهي ته سندس سياست رڳو ان صورت ۾ زنده رهي سگھي ٿي ته ماضيء جي حڪمران جماعتن کي ڪرپٽ چوندو رهي ۽ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائي رکجي.کيس ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته انهن جماعتن ۾ رهندڙ ڪرپشن سان ڀريل ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ ڪيئن ڀرتي ٿي ويا؟وزير اعظم طور هن کي پارليامينٽ آڏو جواب ڏيڻو آهي.سفارتي محاذ ۽ حڪومتي مامرن جي باريڪ بينين کي سمجھڻ ڪيترو ضروري آهي پر هو انهن شين کي اهميت ڏيڻ بدران ٽڪراء طرف وڌي رهيو آهي.تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ عوام ته پريشان آهي ئي پر واپارين بعد هاڻي بيوروڪريسي به کلي ڪري سامهون اچي ويئي آهي.اسان جي ملڪي تاريخ ۾ وڏين وڏين سياسي جماعتن جون حڪومتون به چپٽي وڄائيندي ختم ٿيندي ڏٺيون وييون آهن.اهي سياسي سچائيون آهن پر شايد عمران خان لڪيل قوتن جي آشيرواد آسري انهن سچائين کي قبول ڪرڻ لاء اڃا تائين تيار ناهي.سندس حڪومت ته بيٺل ئي ڪجهه ووٽن تي آهي.جي يو آئي جي ڌرڻي جي اصل مقصد ئي اهو هوته حڪومت تي سخت ضرب لڳائي بنياد ڪمزور ڪيو وڃي.جي يو آئي ۽ اپوزيشن جماعتون آزادي مارچ کان ڌرڻي تائين گھڻو ڪجهه حاصل ڪري چڪيون آهن.انهن جي هڪ وڏي ڪاميابي اها آهي جو هنن پنهنجا سمورا سياسي ڪارڊ لڪائي رکيا آهن.مولانا جلسي ۾ ادارن کي مخاطب ٿيندي غير جانبدار رهڻ جي جيڪا گھر ڪئي هئي ان جو نشانو خطا ناهي ٿيو.کيس چيو ويو ته هو اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن جو در کڙڪائي پر مولانا جو جواب اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن ته تحريڪ انصاف جي فارين فنڊنگ واري ڪيس جو به فيصلو ناهي ڪري سگھيو.ايندڙ ڏينهن تي اليڪشن ڪميشن به سرگرم ٿيو۽ حڪومتي پارٽيء کي پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو.ظاهر ۾ حڪومت ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ورتي ۽ انهن جي وزيرن ۽ مشيرن جا بيان باهه تي تيل هارڻ جو ڪم ڪندارهيا.

    اها ڳالهه ته مڃڻي پوندي ته ايڏي وڏي ڌرڻي جي باوجود سياست ۾ انگن اکرن جي نه پر زميني حقيقتن جي حيثيت هوندي آهي.زميني حقيقتون اهي آهن ته ڌرڻي مان جي يو آئي جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ وڌيڪ مستفيد ٿينديون.انهيء ڌرڻي جي پهرئين مرحلي جي پڄاڻيء جو اعلان مولانا فضل الرحمان پاڻ ان يقين سان ڪري چڪو آهي ته تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ روڊ رستا بند ڪري عمران ّان کي استعيفا لاء مجبور ڪيو ويندو. جڏهن معاملو پرامن احتجاج کان وڌي روڊ رستا بند ڪرڻ تي اچي وڃي ته ڇا رياست چپ چاپ اهو تماشو ڏسي سگھي ٿي ؟ اهو هڪ اهم سوال آهي.حتمي انجام ڇا به ٿئي پر ان سان حڪومت توڙي مخالف ڌر جون سموريون ڪمزوريون کلي ڪري سامهون اچي چڪيون آهن.نتيجي ۾ هڪڙن جي چهنب جڏهن ته ٻين جو پڇ غائب آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو