اندر جو ڪروڌ ختم ڪرڻ صوفي ازم ۽ لطيف جي شاعري ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي ڳالهه آهي: عبدالغفور ميمڻ

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڄامشورو / ڪوٽڙي(رپورٽ: ڪليم الله منڱريو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران شروع ڪيل سنڌ اسٽڊيز ليڪچر سيريز جي سلسلي ۾ نامور ليکڪ ۽ استاد ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو ليڪچر بعنوان “عالمي تناظر ۾ شاهه لطيف جو تصوف ۽ ان جا سنڌي سماج تي اثر” ٿي گذريو. اداري جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ ٿيل هن ليڪچر تقريب جي صدارت ناليواري دانشور جامي چانڊيي ڪئي. تقريب جي شروعات شاهه سائين جي وائي سان ڪئي ويئي، جيڪا سرور غفور پيش ڪئي. ان موقعي تي سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اسحاق سميجي آيل مهمانن جي آجيان ڪندي ليڪچر سيريز جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ چيو ته هن ليڪچر سيريز ذريعي جتي شريڪ ٿيندڙن کي نوان موضوع سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو، اُتي تحقيق جا نوان دڳ به کلن ٿا. هن چيو ته فڪر ۽ خيال ڪنهن به سماج جو اصل روح ٿيندو آهي. ان ذريعي خبر پوندي آهي ته ڪو سماج تاريخي طرح ڪيئن سوچيندو رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ليڪچر ڏيندي چيو ته دنيا جي هر فلسفي جا ٻه پاسا ٿيندا آهن. هڪڙو ظاهري پاسو ۽ ٻيو معنوي پاسو. جيتوڻيڪ اڄڪلهه صوفي ازم کي ڪمرشل پاسن ڏانهن به وڌايو ويو آهي، پر ان کي صوفي ازم نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته صوفي مت تي اهو الزام آهي ته هي غير عقلي نظريو آهي. ٻيو الزام اهو آهي ته هي ترڪ دنيا جي ڳالهه ڪري ٿو. ٽيون الزام اهو آهي ته هي مدي خارج ٿي چڪو آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. صوفي ازم پاڻ سڃاڻڻ جو نالو آهي. شاهه لطيف جي شاعري ۾ پڻ پاڻ سڃاڻڻ جي ڳالهه آهي. هن جي فلسفي ۾ ڪٿي به دنيا کي ترڪ ڪرڻ جي ڳالهه ناهي. شاهه سائين جو تصوف اهو آهي ته دنيا کي سمجهي ان ۾ پير پائڻو آهي. هن چيو ته صوفين جو وڏي ۾ وڏو جهان عشق آهي. عشق ئي وجود کي جسٽيفاءِ ڪري ٿو. عشق ئي نفعي ۽ نقصان کان ٻاهر ڪڍي انسان کي انسان بڻائي ٿو. عشق ۾ ونڊ ڪٽ ۽ پاڇي جو تصور ئي ناهي. ڪروڌ ختم ڪري عاجزي اختيار ڪرڻ ئي عشق آهي. صوفي ازم جو بنياد اندر جو ڪروڌ ختم ڪرڻ آهي. اهو سمجهڻ ته عام ماڻهو صوفي نٿو ٿي سگهي، اهو غلط آهي. جيڪڏهن ڪير اندر جو ڪروڌ ختم ڪري احساس پيدا ڪري ٿو ته اهو صوفي ٿي وڃي ٿو ۽ صوفي ٿيڻ لاءِ مرشد وٺڻ ضروري ناهي. ڀٽائي وٽ سونهون درد آهي، سور ۽ درد انسان جي رهنمائي ڪن ٿا. جيستائين سور نه ملندا ايستائين ماڻهو سکي نه سگهندو. هن چيو ته ندين جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو احساساتي ٿين ٿا. اهڙي طرح سنڌو درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جي اندر پڻ ڀرپور احساس موجود آهي. هن جنونيت واري دؤر ۾ به سنڌي ماڻهن جي مجموعي نفسيات صوفياڻي آهي، برداشت ڪرڻ واري آهي. سنڌي سماج اندر رحم ۽ ڪرم جو فلسفو موجود آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ هال ۾ موجود حاضرين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. پروگرام کي صدارتي خطاب ڪندي نامور دانشور جامي چانڊيي چيو ته سنڌالاجي هي فڪري ويهڪن جو سلسلو شروع ڪري زبردست ڪم ڪيو آهي، هن دؤر جي اها هڪ شديد ضرورت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ وسيع موضوع تي عالمانه گفتگو ڪئي آهي. هن چيو ته ڪنهن به علمي ويهڪ جو مطلب اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ نه پر سوال پيدا ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن نيون شيون سامهون اچن ۽ ڪيل ڳالهين کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي. جامي چانڊيي چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڪائنات پنهنجي بنيادي جوهر ۾ مادي آهي. ميٽافزڪس مادي کان پوءِ آهي. خيال، احساس ان مادي جي ئي پيداوار آهي. لطيف سائين بنيادي طور تي صوفي آهي ۽ ان جون حدون تصوف کان گهڻو اڳتي وڌيل آهن. ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ لطيف سائين جو تصوف مختلف آهي. هن پنهنجا بنيادي عنصر تصوف مان کنيا آهن. جنهن جاءِ تي لطيف بيٺو آهي ان تائين ڪنهن ٻئي جو پهچڻ ڏکيو آهي. انسانيت جي حوالي سان هن جهڙو تصور عالمي سطح تي ٻئي ڪنهن به شاعر جي شاعري ۾ نٿو ملي. هن چيو ته تصوف ڪڏهن به نه مرندو، بس ان مان غلط مفروضا ۽ وهم ڪڍي ڇڏڻ جي ضرورت آهي ۽ ان جو جوهر کڻڻ جي گهرج آهي. هن ليڪچر ۾ انعام شيخ، اظهار سومرو، عزيز ڪنگراڻي، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، آدم ٻٽ، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، ذوالفقار علي خان سميت اديبن، شاعرن، عالمن، استادن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. جڏهن ته پروگرام جي ڪاروائي ڊاڪٽر شازيه پتافي هلائي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو