اڪبر بادشاهه جي اڪثر اها عادت هوندي هئي جو هو دربار ڪرڻ کان اڳ يا پوءِ حاضرين جي اڳيان هڪ سوال رکندا هئا۔۔۔ ان سوال جي جواب جيڪڏهن بادشاهه خوش ٿي ويندو هو ته جواب ڏيندڙ مالا مال پر جيڪڏهن بادشاهه ايندڙ جواب مان ناخوش ٿيو ته پوءِ جواب ڏيندڙ جو خير نه هوندو هو۔۔۔ ان ڪري اڪثر ته سوال جو جواب ئي نه ڏئي سگهندا هئا۔۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ بادشاهه پنهنجي هر دلعزيز وزير بيربل کي جواب ڏيڻ لاءِ زور ڀريندو هو۔۔۔۔
بيربل جي عقلمندي واري جوابن مان جتي کيس مال ودولت بي حساب ملندي هئي ايترو سندس دشمنن جو تعداد به وڌندو ويندو هو۔۔۔۔
هڪ ڏينهن جڏهن دربار لڳڻ کان اڳ ئي اڪبر بادشاهه سوال ڪيو ته ”منهنجي هن شهر ۾ ڪانو ڪيترا آهن۔۔۔؟“ ته ڪنهن جي همت نه ٿي جو ڪو جواب ڏئي۔۔۔۔
ايتري ۾ بيربل دربار ۾ سلامي ٿيو۔۔۔۔ بادشاهه جيڪو سندس عقلمندي ڪري سندس دير سان اچڻ واري عادت کي هميشه جيان نظر انداز ڪندو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سندس اڳيان ساڳيو سوال دهرايو۔۔۔۔
بيربل سوال ٻڌي بغير ڪنهن سوچ جي جواب ڏنو۔۔۔ ”بادشاهه سلامت اسان جي شهر ۾ ڪل پنجاهه هزار پنج سئو اڻانوي ڪان آهن۔۔۔۔“
ان تي اڪبر بادشاهه پڇيو۔۔۔ ”۽ جيڪڏهن ڳڻپ ڪيون ۽ وڌيڪ نڪرن ته پو۔۔۔۔؟“
بيربل هٿ جوڙيندي جواب ڏنو۔۔۔ ”بادشاهه سلامت ۔۔۔ جيڪڏهن وڌيڪ نڪرن ته سمجهو ته ڀر واري ڳوٺ مان اسان جي شهر جي ڪانون سان ملڻ ۽ انهن جي دعوت کائڻ آيا آهن۔۔۔۔“
اڪبر بادشاهه ڪاوڙيندي چيو ۔۔۔ ”۽ جيڪڏهن تنهنجي ٻڌايل تعداد کان گهٽ ٿيا ته۔۔۔؟“
بيربل تڪڙو وراڻو ڏنو ته۔۔۔۔ ”بادشاه سلامت ۔۔۔ اهڙي صورت ۾ سمجهو ته اسان جي شهر جا ڪجهه ڪان ڀرواري ڳوٺ پنهنجي دوستن سان ملڻ ۽ انهن جي دعوت کائنڻ ويا آهن۔۔۔۔“
اڪبر بادشاهه بيربل جي عقلمندي تي کيس انعام اڪرام سان نوازيو۔۔۔
هن ڪهاڻي جو سبق ٻڌائڻ لاءِ سائين نثار ابڙو جن کي گذارش ڪجي ٿي۔۔۔۔!