عقلمندي جي ڳڻپ۔۔۔۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اڪبر بادشاهه جي اڪثر اها عادت هوندي هئي جو هو دربار ڪرڻ کان اڳ يا پوءِ حاضرين جي اڳيان هڪ سوال رکندا هئا۔۔۔ ان سوال جي جواب جيڪڏهن بادشاهه خوش ٿي ويندو هو ته جواب ڏيندڙ مالا مال پر جيڪڏهن بادشاهه ايندڙ جواب مان ناخوش ٿيو ته پوءِ جواب ڏيندڙ جو خير نه هوندو هو۔۔۔ ان ڪري اڪثر ته سوال جو جواب ئي نه ڏئي سگهندا هئا۔۔۔۔ اهڙي صورتحال ۾ بادشاهه پنهنجي هر دلعزيز وزير بيربل کي جواب ڏيڻ لاءِ‌ زور ڀريندو هو۔۔۔۔
    بيربل جي عقلمندي واري جوابن مان جتي کيس مال ودولت بي حساب ملندي هئي ايترو سندس دشمنن جو تعداد به وڌندو ويندو هو۔۔۔۔
    هڪ ڏينهن جڏهن دربار لڳڻ کان اڳ ئي اڪبر بادشاهه سوال ڪيو ته ”منهنجي هن شهر ۾ ڪانو ڪيترا آهن۔۔۔؟“ ته ڪنهن جي همت نه ٿي جو ڪو جواب ڏئي۔۔۔۔
    ايتري ۾ بيربل دربار ۾ سلامي ٿيو۔۔۔۔ بادشاهه جيڪو سندس عقلمندي ڪري سندس دير سان اچڻ واري عادت کي هميشه جيان نظر انداز ڪندو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سندس اڳيان ساڳيو سوال دهرايو۔۔۔۔
    بيربل سوال ٻڌي بغير ڪنهن سوچ جي جواب ڏنو۔۔۔ ”بادشاهه سلامت اسان جي شهر ۾ ڪل پنجاهه هزار پنج سئو اڻانوي ڪان آهن۔۔۔۔“
    ان تي اڪبر بادشاهه پڇيو۔۔۔ ”۽ جيڪڏهن ڳڻپ ڪيون ۽‌ وڌيڪ نڪرن ته پو۔۔۔۔؟“
    بيربل هٿ جوڙيندي جواب ڏنو۔۔۔ ”بادشاهه سلامت ۔۔۔ جيڪڏهن وڌيڪ نڪرن ته سمجهو ته ڀر واري ڳوٺ مان اسان جي شهر جي ڪانون سان ملڻ ۽ انهن جي دعوت کائڻ آيا آهن۔۔۔۔“
    اڪبر بادشاهه ڪاوڙيندي چيو ۔۔۔ ”۽ جيڪڏهن تنهنجي ٻڌايل تعداد کان گهٽ ٿيا ته۔۔۔؟“
    بيربل تڪڙو وراڻو ڏنو ته۔۔۔۔ ”بادشاه سلامت ۔۔۔ اهڙي صورت ۾ سمجهو ته اسان جي شهر جا ڪجهه ڪان ڀرواري ڳوٺ پنهنجي دوستن سان ملڻ ۽ انهن جي دعوت کائنڻ ويا آهن۔۔۔۔“

    اڪبر بادشاهه بيربل جي عقلمندي تي کيس انعام اڪرام سان نوازيو۔۔۔

    هن ڪهاڻي جو سبق ٻڌائڻ لاءِ‌ سائين نثار ابڙو جن کي گذارش ڪجي ٿي۔۔۔۔!
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عقلمندي جي ڳڻپ۔۔۔۔۔۔۔

    اسان کي سائين نثار ابڙو صاحب جي جواب جو انتظار آهي

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عقلمندي جي ڳڻپ۔۔۔۔۔۔۔

    ادا سائين هڪ طرف ڀوتار اڪبر بادشاه ته ٻي پاسي ديومالائي ڏاهپ جو ڪردار بيربل ۔۔۔ سو هڪڙو هڻي ته ٻيو کڻي ۔۔۔ باقي دوستن کي هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته ڪجهه ڪهاڻيون اڪبر بادشاه ۽ بيربل سان منسوب ٿيل آهن سي سئو سيڪڙو فرضي آهن، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي ۔۔۔ بيشڪ اڪبر بادشاه، فن جو قدردان هو ۽ راڳ، موسيقي، کل مذاق وغيره پسند ڪندو هو، پر ڪجهه درٻاري مورخن ۽ طنز و مذاح لکندڙن، اڪبر بادشاه سان من گهڙت ڳالهيون به منسوب ڪري ڇڏيون آهن ۔۔۔

    اڪبر بادشاه هڪ مفڪر قسم جو بادشاه هو، بهادري سان گڏ، علم جو دلداده پڻ هو ۔۔۔ هاڻ اوهين علم سان چاهه رکندڙ بادشاه کان اها اميد ڪري سگهو ٿا ته هُنَ اهو سوال ڪيو هجي ته شهر ۾ ڪانوَ ڪيترا آهن ۔۔۔ ؟؟؟ سوچيو ۔۔۔ سوچيو ۔۔۔ سوچيو ۔۔۔ ڇا جواب مليو اوهانکي ۔۔؟؟؟

    ادي رشيد ڦاسايو آهي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو ۔۔۔ هاڻ اچجي ٿو ڪهاڻي جي سبق تي ؛ منهنجي خيال ۾ ته؛

    ڏاهي ماڻهون کان ڪڏهن به بي تڪا سوال نه ڪجن ۔۔۔!!!

    يا وري

    “ دنيا جو ڪو به سوال اهڙو ناهي جنهنجو جواب نه هجي”
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عقلمندي جي ڳڻپ۔۔۔۔۔۔۔

    سائين رشيد جو ونڊ ڪيل ليک بي مثال آهي ۽ ادي نثار ابڙو جو ونڊ ڪيل جواب پڻ بي مثال آهي
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: عقلمندي جي ڳڻپ۔۔۔۔۔۔۔

    جواب تمام سٺو مليو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو