پاڪستان پوسٽ سروس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    وڪيپيڊيا موجب سنڌ ۾ خط و ڪتابت باقاعده شروعات سمن ۽ مغلن جي دور ۾ ٺٽي کان ٿي ۽ سنڌو دريا جي ٻنهي پاسي خط ويندا هئا ۽ کڻي ويندڙ کي معاوضو به ملندو هو. اڳتي هلي ان ڪم لاءِ گهوڙن جو به استعمال ٿيو. انگريز ان نظام کي اڃان بهتر بڻايو ۽ لڳي ٿو اڄ به ان دور جا ٺپا ۽ اسٽيشنري جو فارميٽ هلي پيو.
    ورهاڱي جي ٻئي ڏينهن تي ئي پاڪستان پوسٽ جو نالو ڏيئي اهو کاتو حڪومت جي سرپرستي ۾ خودمختيار اداري طور هلايو ويو.
    خط موڪلڻ ۽ ان جي پهچڻ ۽ جواب اچڻ جو مزو اڄ به اهي سڀ ياد ڪن ٿا جيڪي 80 جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ يا ان کان اڳ ڄاوا ۽ خط پٽ لکڻ جي عادت هئي.
    منهنجي ڳوٺ ملڪاڻي ۾ به پوسٽ آفيس هئي ۽ پوسٽ ميرپورخاص وايه جهڏو ايندي هئي. اسان سعودي ۾ هئاسين ته خط ايندا هئا جواب به لکندا هئاسين. هتي آياسين ته به اهو سلسلو هليو. گل ڦل جي قلمي دوستي به پاڪستان پوسٽ وسيلي هلي ۽ اخبارن / مئگزين ۾ لکڻ به انهي وسيلي ٿيو. ايستائين جو آرمي ڪاليج بدين ۾ هوندي به ملڪاڻي ۾ ننڍي لاڪون جي يار يونس کي خط لکي ٻاڙ پوري ڪبي هئي. حيدرآباد توڙي ڄامشورو پهچي به پهريان پوسٽ آفيس جي ڳولا ڪئي ته اهو ڪم هلندو رهي ۽ هليو به سهي. پي سي ايس آئي آر واري نوڪري لاءِ درخواست ۽ تعليمي سندون به پوسٽ آفيس وسيلي موڪليون هئم جيڪي پهتيون به سهي ۽ نوڪري به ملي.
    ڪراچي آيس ته سچل ڳوٺ ويجهو موسميات چوڪ تي پوسٽ آفيس ڳولي لڌم. رابطن جي تيز ذريعن ۽ خانگي ڪوريئر سروسز هوندي هاڻي پوسٽ آفيس ۾ ڪم گهٽ پوي پر اڄ به اڻهوند ۾ به اها سروس زبردست پئي هلي. اڻهوند ايئن ته تازو هڪ پارسل فيصل آباد موڪلڻو هجي. ٽي سي ايس وارن وزن ڪري لڳ ڀڳ 800 جو بل ٺاهيو. پوسٽ آفيس کڻي ويس ته چوڻ لڳا 180 ۾ ٿي ويندو. 48 ڪلاڪ ۾ پهچي به ويندو (۽ ايئن ئي ٿيو) پر اسان وٽ باڪس کي لڳائڻ لاءِ ٽيپ به ناهي ۽ ائڊريس لکڻ لکڻ لاءِ هرڪو اچي پين گهُري ٿو جڏهن ته سرڪار پين جا پيسا به نه ٿي ڏي پنهنجي پئسن سان وٺي ٿا اچون. رجسٽري ڪريون پيا پارسل سروس رڳو ان ڪري بند آهي ته رسيد وارو ڪتاب ختم آهي ۽ حڪومت نوان نه پئي موڪلي.
    مون پاسي مان دڪان تان ٽيپ ورتي جيڪا ذري کتي باقي کين ڏنم ته جيئن ڪم هلندو رهي. اسٽاف کلي چوڻ لڳو "اها به ڪيترا ڏينهن هلندي؟ حڪومت اسان کي ڪي مراعتون نه ڏي رڳو سامان پورو ڪري ڏي ته اسان اڃان به ڀلي سروس ڏيون. هاڻي به خانگي ڪمپنين کان اسان جي ڪوريج ڀلي آهي. اڄ به چترال جي وادين ۾ اسان پهچون ٿا خانگي ڪمپني نه"
    سچ به اهو آهي ته دنيا ۾ سرڪاري ادارا جديد دور مطابق اپڊيٽ پيا ٿيندا آهن پر اسان وٽ الائي ڇو جيئن پوءِ تيئن پوئتي. پوسٽ ٽڪيٽ تي لڳندڙ ٺپي جي ڳٺل اکرن وانگر سڀ ادار گسي ويا آهن.
    2008 ۾ حڪومت ڪميونيڪيشن ۽ پوسٽل سرورسز نالي منسٽري به ٺاهي جنهن جو هن وقت پي ٽي آئي جو وزير مراد سعيد آهي. هن حڪومت ايندي ئي اعلان ڪيو هو ته پوسٽ آفيس کي خانگي ڪوريئر جي مقابلي ۾ آڻينداسين. انهي لاءِ گهڻي ڪم يا سيڙپ جي ضرورت ناهي رڳو گهربل سامان پورو ڪري ڏنو وڃي ته به گهڻو ڪجهه صحيح ٿي ويندو.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو