خان صاحب لاء وقتي ٽري ويل بحران ۽ ٽماٽا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    گذريل هڪ هفتي کان اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي صحت ۽ سندس لنڊن روانگيء جي حوالي سان جيڪو معمو موجود هو اهو منجھيل سٽ نيٺ سلجھي چڪو آهي.ميان صاحب جي خاندان وارا توڙي سندس جماعت جا ٻيا اڳواڻ لاڳيتو اهو چئي رهيا هئا ته ميان صاحب جي طبيعت نهايت ئي خراب ۽ ڳڻتيء جوڳي آهي جيڪا واقعي آهي ته پوء سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته حڪومت ته ان معاملي تي جيڪا سياست ڪري رهي هئي سا ڪري رهي هئي پر ميان صاحب جي جماعت پاڻ انهيء نازڪ مسئلي تي آخر سياست ڇو ڪري رهي هئي؟چوندا آهن ته سياست وڏي بي رحم شيء آهي ۽ ان جي سيني ۾ دل ناهي هوندي.اها چوڻي عملي شڪل ۾ ڏسڻي هجي ته انهيء وقت ان معاملي تي ڏسڻ ۾ آئي.هڪ طرف هڪ مريض نهايت ئي سنجيده صورتحال جو شڪار ۽ کيس ترت علاج جي ضرورت جيڪو علاج ڊاڪٽرن،حڪومت ۽ سندس جماعت جي چوڻ موجب پاڪستان ۾ ممڪن ناهي جنهن ڪري ميان صاحب کي جيترو جلد ٿي سگھي ٻاهر موڪلڻ ضروري آهي.ٻئي طرف هڪ اينميڊٽي بانڊ اهڙي ته تڪرار جو سبب بڻيو جو جنهن تي وڙهڻ وقت ٻئي ڌريون شايد اهو به وساري ويٺيون ته ”انساني همدردي“ جتي هڪ طرف حڪومت کان ڪنهن به قسم جون رڪاوٽون نه وجھڻ جي تقاضا ڪري ٿي ته ٻئي طرف مريض جي گھڻگھرن کان به تقاضا ڪري ٿي ته اهي به ان نازڪ وقت تي ڪنهن اجائي ضد جو مظاهرو نه ڪن هاپر ڳالهه ايتري سادي ناهي.هڪ اهڙي راند جنهن ۾ سڀني پتلين جي ڏوري ڪنهن ٻئي هنڌان ڇڪبي هجي اتي ڪنهن اتفاقي شيء جو واقعي ۾ بدلجڻ ۽ ان واقعي جو بحران ۾ بدلجڻ ۽ ان بحران جي نتيجي ۾ ڪنهن رد عمل جو پيدا ٿيڻ ۽ ان ردعمل جي نتيجي ۾ ڪنهنجي اقتدار جي ڪرسي لڏڻ ۽ بعد ۾ اونڌي ٿيڻ هڪ معمول جي ڳالهه هوندي آهي.جڏهن کيڏندڙن کي هر ڀيري پنهنجي پسند جون سياسي پتليون آسانيء سان دستياب ٿينديون هجن ۽ جيڪي سندن ئي طيء ڪيل رولز آف گيم مطابق نچڻ ۽ ٽپڻ لاء هر وقت آتيون هجن ته اهڙي ملڪ ۾ جمهوريت، آئين،عوام ۽ انساني همدردي جا لفظ سواء مذاق جي ٻيو ڪجهه به ناهن هوندا.هن وقت مخالف ڌر جي سياست پنهنجي جڳهه تي پر حڪومت توڙي سندس اتحادين مان گھڻن جي زبان تي جيڪي ” همدرداڻيون” صلاحون سامهون آيون انهيء مان هاڻي اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي رهيو ته ڌرڻي کان وٺي ميان صاحب جي بيماريء تائين،چوڌري برادران جي بيانن کان ايم ڪيو ايمي ميمبرن جي مطالبن تائين ،سڀ ڪجهه ڪو اتفاقي معاملو ناهي.وڏي چوڌري صاحب ته ايستائين به خان صاحب کي مشورو ڏيئي ڇڏيو ته” عمران خان پنهنجو پاڻ تي اها ڪاراڻ نه ملي.“ ظاهر آهي ته اهو چوڌري صاحب جو مشورو نه پر ڪن ٻين جي ”هدايت“ هئي جيڪا چوڌري ڀائرن سان گڏوگڏ حڪومت ۾ ويٺل گھڻن سندن پنهنجن ئي وزيرن ۽ مشيرن توڙي سندن اتحادين جي دلين ۾ انساني همدرديء جو طوفان برپا ٿيڻ جو سبب بڻي .حڪومت توڙي شريف خاندان لاء ان معاملي ۾ ڪا اصولن جي جنگ نه پر سياسي جنگ هئي جيڪا ٻنهي ڌرين مان ڪنهن به هارائڻ نٿي گھري.پاڪستان ۾ لاشن تي سياست ڪا نئين رسم ناهي پر هاڻي بدقسمتيء سان بيماريء تي به سياست ٿيڻ جو رواج پئجي ويو آهي.عمران خان نوازشريف مان هٿ به ڪڍڻ گھريا ٿي پر ساڳئي وقت ماضيء ۾ پنهنجن ”اصولي“ بيانن ته ”ڪنهن به ڏوهاريء سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي“ جو به ڪجهه عوامي ڀرم رکڻ گھريو ٿي ته جيئن ميان نواز شريف کي ايڏي وڏي رعايت ڏيڻ باوجود به ملڪ ۾ سندس واهواهه ٿي وڃي ته ڏسو! خان صاحب نيٺ ميان صاحب کان پئسا وصول ڪري پوء کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڏنو.توڙي جو پئسن وغيره جي وصولي ته ٿيڻي ئي نه هئي رڳو ڪاغذ جو هڪڙو ٽڪرو صحيح ڪرائڻو هو جنهن جي ڪابه اهميت نه هئي جنهن کي اينمڊٽي بانڊ جو نالو ڏنو پئي ويو.خير،خدا ڀلو ڪري عدالت جو جنهن عمران خان جو اهو بار به هلڪو ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ ميان صاحب جي درخواست تي کيس بنان ڪنهن بانڊ ڀرڻ جي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي.۽ ”رڇ ۽ ڪمبل وارو معاملو” خير خوبيء سان حل ٿي ويو.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته شريف فيمليء لاء مهيا ڪيل پهرين حڪومتي ”قانوني آفر“ جنهن کي گھڻا ماهر قانوندان ”غير قانوني“ قرار ڏيئي چڪا هئا سا وڌيڪ سستي ۽ سولي هئي انهيء پيڪيج کان جيڪو عدالت سڳوريء کين عطا ڪيو آهي.پر چوندا آهن ته ”پنهنجي وڍئي جو نڪو ويڄ نه ڪو طبيب“ سو خبر ناهي ميان صاحب جي ”داناء“ دوستن عدالت وڃي کيس وڌيڪ سوگھو ڪرائي ڇڏيو.ان سموري سياسي راند ۾ ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو سو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو پر ٻن پاڪستانن واري ديس ۾ نظريه ضرورت جي ماء سدائين زندهه رهي ٿي.گھڻن تجزيي نگارن جي خيال ۾ مولانا واري ڌرڻي جي پوين پساهن ۽ ميان صاحب جي پرامن نموني پرڏيهه اڏام عمران حڪومت کي آڪسيجن مهيا ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي حڪومت جي لاء في الحال ڪو وڏو چيلينج نظر نٿو اچي.ڪجهه تجزيي نگار ته ان کان اڳتي وڌي اهو به چئي رهيا آهن ته ميان صاحب جي سياست جو باب سندس پرڏيهه اسهڻ سان ئي بند ٿي ويندو.شايد اها سندن خواهش هجي جنهن کي هو تجزيي جو نالو ڏيئي رهيا آهن نه ته جنهن ملڪ جي سياست ۾ وک وک تي پنهنجن ئي جوڙيل اصولن جو جنازو نڪرندو هجي اتي ڪابه سياسي اڳڪٿي ڪرڻ آسان نه هوندي آهي.شايد اسان جي ملڪ ۾ جمهور جا اهي ئي اڪيلا ۽ اصل مسئلا رهجي ويا آهن جن تي ميڊيا کان وٺي عدليا ۽ اقتداري ايوانن کان چوڪن ۽ چوراهن تي بحث جاري آهي ۽ خبر ناهي اڃا به ڪيسين جاري رهندو،قوم کي ڪيستائين ڪنهن خاص مخلوق جي پيليٽليٽس جو بار بار وڌندڙ ۽ ڪرندڙ انگ طوطي جيان ياد رکڻو پوندو،”ڊيل،ڍيل،مفاهمت يا اين آر او“ جي لفظن جي تسبيح پڙهڻي پوندي،ايئر ايمبولنس ڪٿان ايندي ۽ ڪيڏانهن ويندي،انهيء ۾ ڪير ڪير چڙهندو ۽ انهيء مان ڪير ڪير لهندو.ڪي داد ڏيئي رهيا هوندا ته شير کٽي ويو ته ڪن کي حڪومت جي حمايت ۾ هنبوڇيون هڻڻيون پونديون.عوام جا حقيقي مسئلا ۽ مامرا اهي ئي آهن.باقي ٽماٽا سترهن روپيا ڪلو ملن يا ٽي سو روپيا ڪلو ،اهو مسئلو نه ته عوام،نه سياستدانن ۽ نه ئي حڪومت جو آهي.اصل ۾ اهو مسئلو شير شاهه سوريء جو آهي،اهو ايندو ۽ اچي حل ڪندو!

    سوال اهو ته ڇا عمران خان حڪومت جي لاء بحران واقعي ٽري ويو آهي؟ جنهنجو جواب حڪومت خاص طور تي عمران خان لاء ڪو اميد افزا ناهي.ايندڙ ڏينهن ۾ عمران خان تي سياسي دٻاء وڌڻ جو امڪان آهي.ملڪ ۾ گردش ڪندڙ سازشي ٿيوريز پنهنجي جڳهه تي پر حقيقت اها آهي ته خان صاحب خلاف ڪا نه ڪا کچڻي پچي ضرور رهي آهي.خان صاحب کي هيستائين مفاهمت جي نالي تي سياسي سڪا ورهائيندي هاڻي پنهنجي جھولي خالي محسوس ٿيندي ٿي محسوس ٿئي جڏهن ته اصل صلاحون ڏيندڙ وٽانئس وڌيڪ ”لچڪ“ جا طلبگار آهن پر لڳي ٿو ته هاڻي خان صاحب به ان روز روز جي سياسي آپگھات کان تنگ اچي چڪو آهي ان ڪري بهرحال پاڪستاني سياست ۾ تبديلين جي لحاظ کان نئون سال تمام اهم ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ اهڙي تبديليء لاء ماحول جهڙيء طرح تيار ڪيو پيو وڃي اهو سمجھڻ وارا آسانيء سان سمجھي سگھن ٿا!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو