ڪهاڻي: ڪم ساڳيونالو تبديل

'ڪهاڻيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2019۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    ننڍڙي ڪهاڻي

    ڪم ساڳيونالو تبديل

    جبار آزاد منگي

    اڙي بي حيا ! ................. خبر ٻڌي اٿم ته تون شهر وڃي ڀڙوت جو ڌنڌو شروع ڪيو آهي؟ ڳوٺ جي وڏيري، ڪراچيءَ کان آيل ڳوٺ جي هڪ نوجوان کي اوطاق تي گهرائي چيو.

    وڏيرا سائين ! بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري........ نوڪري لاءِ لکين روپيا نه هيا، نوڪري ملي نه سگهي، اوهان کي ڳوٺ وارن لاءِ جيڪي نوڪريون مليون، اهي الائي ڪنهن کي مليون! پڙهيم ته مزدوري کي عيب سمجهيم. هاڻي ته هن ڌنڌي ۾ ماهر ٿي ويو آهيان، مون وارو ڌنڌو بنا سيڙپ جي منافعي وارو ڌنڌو آهي. نوجوان وڏيري کي پنهنجي صفائي ۾ ورندي ڏني.

    ان جو مطلب اهو ٿيو ته بک کان ڀڙوو ٿيو آهين؟ يعني تنهنجو نالو “بکيو ڀڙوو” ٿيو! ۽ ٻڌ! ڀڙوون لاءِ هن ڳوٺ ۾ رهڻ لاءِ ڪابه جاءِ ناهي....... هيئنر جو هيئنر ڳوٺ مان هليو وڃ! وڏيري حڪم ڏيندي نوجوان کي چيو.

    وڏيري جي موبائل فون وڄي ٿي، هو فون جي اسڪرين تي نظر وجهي ۽ ڀرسان بيٺل پنهنجي نوڪر کي چوي ٿو.

    “پاڻ واري يار .......... بالا آفيسر جي فون آهي” وڏيرو فون اٽينڊ ڪري ٿو. “ هيلو........ وعليڪم سلام........ خوش خير عافيت............؟ سڀاڻي اوهان اچو پيا !!؟... واھ واھ ......سڀاڻي شام جو منهنجا مهمان آهيو؟......... هاها اوهان........ ڪنهن به قسم جي ڳڻتي نه ڪريو،......... يارن لاءِ سر به حاضر آهي........... اڳ وانگيان هر ڪم اوهان جيپسند جي موجب هوندو.......... ٺيڪ آهي ........ نڪرو ته رابطو ڪجو....... مهرباني لک احسان”

    “........... مون وارو جگري يار بالا آفيسر سڀاڻي مهمان آهي، بندوبست اڳ جيان هجي” وڏيري فون بند ڪري نوڪر کي چيو

    وڏيرو فون نمبر ملائي ٿو......... اسلام عليڪم......... ها خوش...........ٻڌ ....صاحب سڀاڻي اچي پيو، ٻئي ڏينهن موڪل وارا منهنجو مهمان آهي..... ها ها ...... ٻه هجن....... سمجهين وئين نه؟...... ها پر جي نئون مال هجي ته واھ واھ....... رقم منهنجي زبان تنهنجي.......بس رڳو مون وارو دوست اڳي جيان خوش ٿي وڃي........بابا سمجهين ته سڀ ڪجھ ٿو....... اسان جا ڪم به انهن ۾ ئي آهن......هاها ٻڌ! جي پيئڻ واريون هجن ته منڊيءَ تي ٽِڪَ! ڏس هن خاص ڪم لاءِ مان انهيءَ ڪري فون ڪندو آهيانءِ جو تون آهين يار زوراور ماڻهو، جهڙي تهڙي کي ته اسان به لفٽ ناهيون ڏيندا! پر توکي ڏيڻي پوي ٿي. عام ماڻهوءَ لاءِ هي منهجو نوڪر عاشق ئي گهڻو آهي!........” وڏيرو هلڪو ٽهڪ ڏئي ٿو.

    “ها سڀاڻي شام جو..........” وڏيرو موبائل فون اڳيان پيل ٽيبل تي رکي ٿو ۽ ڳوٺ جي نوجوان کي ڪاوڙ وچان چوي ٿو“ ٻڌ بکيا ڀڙووا ٽر اکين اڳيان هن وقت ئي، هن ڳوٺ مان هليو وڃ نه ته اهڙو بڇڙو ڪندو سانءِ جو ستئي پيڙهيون ياد ايندئي..... هل نڪر هاڻي جو هاڻي!”

    نوجوان هڪ نظر ڳوٺ جي وڏيري تي وجهي ٿو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪندي چوي ٿو“ مان ٿيس بکيو ڀڙوو ۽ هي صاحب ٿيو وري ....“ سکيو سپلائير” نالو ڪم ساڳيونالو تبديل ۽ نوجوان اوطاق مان نڪري وڃي ٿو.

    *
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو