سياسي مهم جوئي جمهوريت لاء خطرو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پاڪستان جي سياست سدائين عدم استحڪام جو شڪار رهي آهي جنهنجو هڪ بنيادي سبب سول ۽ مليٽري لاڳاپن ۾ عدم توازن يا بد اعتمادي جي فضا آهي ۽ ان جو سبب سياسي عمل ۾ ”پرده نشين“ قوتن جي وري وري مداخلت آهي پر ان کان سواء هڪ ٻيو وڏو سبب سياسي جماعتن ۽ قيادتن وچ ۾محاذ آرائي ۽ هڪ ٻئي کي برداشت نه ڪرڻ به آهي.اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جي سياست اڃا تائين اوسر واري مرحلي ۾ آهي ۽ ان ڳالهه جو بار بار اظهار ڪيو ويندو آهي ته اسان اڃا جمهوريت جي تجرباتي دور مان گذري رهيا آهيون.پر بدقسمتي اها آهي جو اسان صورتحال ۾ بهتري پيدا ڪرڻ ۽ ماضيء جي غلطين مان سبق سکڻ بدران وڌيڪ ڏڦير ۽ بگاڙ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهيون.ڪابه جماعت جڏهن ٻي جماعت جي سياسي مينڊيٽ کي قبولڻ کان انڪار ڪري ٿي ۽ ان جي مقابلي ۾ پنهنجي سياسي مهم جوئي سان حڪومت کي ڪيرائڻ،ڪمزور ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ملڪ سياسي بحران جو شڪار ٿئي ٿو.سياست ۾ مهم جوئي ڪا خراب شيء ناهي جيڪر ان جو مقصد واقعي سياسي ۽ جمهوري نظام کي جمهوري اصولن ۽ قانون جي حڪمرانيء جي تابع بنائڻ لاء هجي.جيتوڻيڪ اسان جي سمورن سياسي اڳواڻن جي دعويٰ آهي ته اهي جمهوريت ۽ آئين جي حڪمرانيء جي جنگ وڙهي رهيا آهن پر جيڪو رويو،هلت چلت ۽ سياسي روش سندن آهي ان ۾ جمهوريت کي رڳو سياسي هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو.سياسي نظام کي مضبوط ڪرڻ بدران پنهنجي مرضي ۽ خواهشن مظابق نظام گھربل ٿئي ٿو ۽ جيڪر ان مقصد لاء غير آئيني ۽ غير جمهوري رستو به اختيار ڪرڻو پوي ته اهي ان کان نٿا مڙن.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سياسي قوتن جي مهم جوئيء جو ترت نتيجو سندن حق ۾ به نڪري ٿو ۽ اهي ڪنهن جماعت جي حڪومت جي سياسي بساط ويڙهي ان کي پنهنجي عظيم سياسي ڪاميابي به سمجھڻ لڳن ٿا پر عملي طور تي مستقبل جي سياست جي تناظر ۾ سياسي مهم جوئي جمهوري عمل کي ڪمزور ڪرڻ ۽ غير جمهوري قوتن کي وڌيڪ مضبوط بنجڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿي.هن وقت به پاڪستاني سياست ۾ هڪ وڏي سياسي مهم جوئي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پيئي وڃي.ان مهم ۾ ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن سان گڏوگڏ ملڪ جون ڪجهه ننڍيون ننڍيون سياسي جماعتون به شامل آهن پر ان مهم جوئيء جي اڳواڻي جي يو آئي جي مولانا فضل الرحمان حوالي ڪئي ويئي آهي.توڙي جو ڪيترن ئي معاملن تي ٻين جماعتن جو مولانا جي موقف سان اختلاف به آهي پر اهي سڀ جا سڀ ان نڪتي تي متفق آهن ته عمران خان حڪومت جو هر صورت ۾ خاتمو هئڻ گھرجي ۽ 2020ع کي نين عام چونڊن جو سال قرار ڏنو وڃي.يقيني ڳالهه آهي ته حڪومت جو خاتمو ايتري آسانيء سان نه ٿي سگھندو ۽ ان لاء جيڪر طاقت جو استعمال به ڪرڻو پوي ته گھڻيون جماعتون ان لاء تيار آهن. جيڪر مقصد عمران حڪومت جو خاتمو آهي ته ان لاء سياسي،جمهوري ۽ آئيني طور تي ٻه رستا آهن.پهريون اهو ته مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون وزير اعظم خلاف عدم اعتماد ظاهر ڪري وزير اعظم کي تبديل ڪري سگھن ٿيون،جيئن ته عمران حڪومت وٽ ايڏي ڪا عددي برتري به ڪانهي ۽ مخالف ڌر حڪومتي اتحادين ۾ ڏار وجھي اها سياسي ويڙهه کٽي سگھن ٿيون.ٻيو طريقو اهو آهي ته جيڪر مخالف ڌر نين عام چونڊن جو رستو سڌو ڪرڻ گھري ٿي ته پي پي پي،نون ليگ،جي يو آئي ايف،اي اين پي ۽ ٻيون جماعتون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان پنهنجن ميمبرن کي گڏيل استعيفائون ڏياري ملڪ ۾ هڪ وڏو سياسي بحران پيدا ڪري سگھن ٿيون جنهن جو نتيجو ظاهر آهي ته نين چونڊن جي صورت ۾ سامهون ايندو.انهن ٻنهي رستن سواء ٽيون رستو اهو آهي ته سڌو سنئون ڪو وڏو سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري حڪومت کي مفلوج ڪرڻ ۽ طاقت جي زور تي حڪومت کي ڪيرائڻ هوندو آهي پر عام طور تي ان طرز جي سياست جي نتيجن جو فائدو سياسي ڌرين کي گھٽ ۽ غير جمهوري ڌرين کي وڏيڪ ٿيندو آهي.ان راند ۾ يقيني طور تي تشدد ڀريل سياست جو عمل به اڀري ٿو جيڪو ناڪاري ۽ نفرت ڀريل سياست پيدا ڪري ٿو.ماضيء ۾ ان جا نتيجا فوجي مداخلت جي صورت ۾ به ڏسڻ لاء مليا آهن.جيڪر اهو مڃي وٺجي ته 2018ع جون چونڊون ڌانڌليء جي پيداوار آهن ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته رڳو حڪومت جي سوڀ کي ئي ڌانڌلي زده قرار ڏنو وڃي جڏهن ته مخالف جماعتن جي ماڻهن جو وڏو انگ سنڌ ، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ چونڊجي آيو آهي اهي چونڊون شفاف هيون؟جيڪڏهن چونڊن ۾ واقعي ڌانڌلي ٿي آهي ته پوء انهن چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊجي آيل سمورن اميدوارن توڙي قائم ٿيندڙ سمورين حڪومتن تي سواليه نشان لڳائڻو پوندو.اهڙيء طرح مخالف ڌر عمران خان جي استعيفا جو مطالبو ڪري رهي آهي.جيڪر عمران خان واقعي استعيفا ڏئي ٿو يا ان هائوس تبديليء ذريعي عمران خان جي وزارت عظميٰ هلي ٿي وڃي ته ڇا پوء مخالف ڌر ان ڌانڌلي زده اسيمبليء کي قبول ڪري وٺندي؟ڇو ته نئين وزير اعظم جي چونڊ ته وري به انهيء ئي ”جعلي“ اسيمبليء کي ڪرڻي آهي ته پوء اهڙو فيصلو ته پاڻ ئي تضادن سان ڀريل هوندو.جيڪر عمران خان 2014ع ۾ حڪومت خلاف وڏي مهم جوئي ڪئي هئي جيڪا غلط هئي ته اڄ تجربيڪار سياسي ۽ جمهوري جماعتون ان غلطيء کي ورجائڻ تي ڇو سندرو ٻڌي بيٺل آهن؟ڇا مسئلو سچ پچ چونڊن ۾ ڌانڌليء جو آهي يا مخالف ڌر محض عمران خان سان سياسي ساڙ جو شڪار آهي؟

    هن سياسي مهم جوئي دوران ملڪ ڪيترن ئي وڌن مسئلن مان گذري رهيو آهي.انهن ۾ معاشي بحران،ايف اي ٽي ايف واري گري لسٽ ۾ موجود هئڻ،پاڪ ڀارت لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ،ڪشمير ۽ افغانستان جو بحران،ايران سعودي ڇڪتاڻ ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپا شامل آهن جن کي منهن ڏيڻ لاء اسان کي سياسي ۽ معاشي استحڪام گھربل آهي ۽ سياسي استحڪام جي ڪنجي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن وٽ آهي.پڪ سان تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي،ان ۾ حڪومت تي وڌيڪ ڳري ذميداري لاڳو ٿئي ٿي پر اهو عمل مخالف ڌر جي تعاون سواء ممڪن ناهي.ان ڪري ٻنهي طرفن جي سنجيده ماڻهن کي اڳيان اچي پنهنجي قيادت تي دٻاء وجھڻو پوندو ته جيئن ڇڪتاڻ ۽ الزامبازيء واري سياست جو خاتمو آڻي سگھجي.مخالف ڌر جي سمورين جماعتن کي اهو سمجھڻو پوندو ته سياست ۾ آخري ڪارڊ شروع ۾ ئي نه کيڏيو ويندو آهي ڇو ته جيڪر سموريون جماعتون گڏجي به هاڻوڪي مهم جوئيء ۾حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪامياب نٿيون ٿين ته ان بعد وٽن باقي ڪهڙو آپشن رهجي ويندو؟ ۽ ڇا ٻيهر اهڙي مهم جوئي ممڪن ٿي سگھندي؟جيڪر مسئلو نظام جو سڌارو آهي ته اهو ڪنهن وڏي مهم جوئي يا سياسي ڏڦير جي بنياد تي ممڪن ڪونهي.ان لاءحڪومت توڙي مخالف ڌر کي سياسي سڌارن طرف ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته سڌارن ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سواء ڪوبه سياسي ۽ جمهوري نظام الزامن کان آجو ٿي نه سگھندو ۽ نيٺ ڪنهن ٻي مهم جوئيء جي صورت ۾ وري اچي پٽ پوندو. هي جو روز روز چيو وڃي ٿو ته اسان جي رياستي ادارن کي پنهنجي پنهنجي قانوني ۽ آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گھرجي،اهو خواب سياسي مهم جوئي، سياسي ڏڦير ۽ انتشار، حڪومت ڪيرايو مقابلن ۽ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ سان ڪڏهن به تعبير ماڻي نه سگھندو البت دل کي وندرائڻ لاء اهو خيال سٺو آهي!


    ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو