مين روڊ تي سندس نئين ماڊل جي ڪار تيزيءَ سان ڊوڙي رهي هئي، ڪار جي ڊگي ۽ پوئين سيٽ مختلف تحفن سان ڀريل ھئي جيڪي ھن آسٽريليا مان پنھنجي بيواھ ڀيڻ، ڀاڻيجيءَ ۽ ٻن ڀاڻيجن لاءِ وڏي چاھ مان خريد ڪيا ھئا، ستيتاليھ سالن جي عمر ۾ بہ تندرست ۽ جوان لڳندڙ نزاڪت علي گذريل ٻارھن سالن کان آسٽريليا ۾ سامونڊي جيوت جو تحفظ ۽ ان تي تحقيق ڪندڙ ھڪ اداري ۾ سٺي پوسٽ تي مقرر ھو ۽ ٽي ڏهاڙا پھرين ٻن مھينن جي لاءِ سڊني کان حيدرآباد پنهنجي گھر پھتو ھو ۽ اڄ ھو پنھنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن سان ملڻ لاءِ سندن ڳوٺ وڃي رهيو ھو، گاڏيءَ جي اسپيڪر مان سرمد سنڌيءَ جو مڌر آواز پئي گونجيو... ديس ڇڏي پرديس رُلي ٿي، دلڙي ٿي ديواني ڙي... اھو گيت ھو گھر کان ھزارين ميل ڏور پرڏيھ ۾ بہ ٻڌڻ سان سڪون محسوس ڪندو هو پر اڄ ھو پنھنجي ديس ۾ موجود ھوندي بہ اداس ھو، سندس دل بيچين هئي، سوچون وڻ ويڙهيءَ وانگر سندس وجود کي وڪوڙيل ھيون،ان کان اڳ جڏهن بہ ھُو وطن ورندو هو تہ ڪراچي ايئرپورٽ تي سندس آڌرڀاءُ لاء ڀائرن، ڀائٽين ۽ پٽن سان گڏ ھن جا يتيم ڀاڻيجا بہ موجود ھوندا ھئا ۽ حيدرآباد ۾ گھر پھچڻ تي سڄي ڪٽنب سان گڏ سندس بيواھ ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي بہ ساڻس ملڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ بيٺل نظر اينديون ھيون پر ھن دفعي الائي ڇو ڳوٺ کان ڀيڻ ۽ نہ ئي ڪو ڀاڻيجو کيس سندس انتظار ۾ بيٺل نظر آيو، ان جو سبب ھن گھر پھچڻ سان ئي گھر واري ۽ پُٽن کان پڇي ورتو ھو پر ڪنھن بہ کيس مطمئن نہ ڪيو ۽ ڳالھ مَٽائي پئي ويا ۽ وري جڏهن ھن وڏي ڀاڻيجي اڪبر کان فون ڪري سندن نہ اچڻ جو سبب پڇيو تہ ھن ڳوٺ ۾ مختلف ڪمن ڪارين ۾ مصروف ھجڻ ڪري نہ اچي سگھڻ جو ٻڌايو ۽ معافي پڻ گھري ورتي پر نزاڪت علي کي يقين هو تہ اڪبر بہ کائنس ڪجھ لڪائي پيو تنهن ڪري ھو اڄ صبح سان ئي تيار ٿي نيرن ڪري سندن ڳوٺ روانو ٿي ويو ھو. ھن ھڪ نظر ڀر واري خالي سِيٽ تي وِڌي تہ ھن کي ياد آيو تہ اڳ جڏهن بہ ھو پنھنجي ڀيڻ جي گهر ويندو هو تہ سندس گھر ڀاتين مان ڪو ھڪ ساڻس گڏ ضرور هلندو هو پر ھن ڀيري ھو اڪيلو ھو جيتوڻيڪ هن صبح جو اٿڻ سان ئي گھر واريءَ کي ڳوٺ گڏ ھلڻ لاءِ چيو بہ ھو پر ھُن کيس اھو چئي ساڻس گڏ ھلڻ کان جواب ڏنو تہ ڳوٺ ھلڻ جي ايڏي بہ ڪھڙي جلدي آهي؟، اڃا پرڏيھ کان آئي ٽي ڏينهن ئي مس ٿيا اٿوَ. ۽ وري جڏهن ھن پٽن ۽ نياڻين کي ساڻس گڏجي ھلڻ لاءِ چيو تہ اھي بہ ڪنڌ نوائي بيھي رھيا ھئا ۽ ھي کين مايوس نظرن سان ڏسي خاموشيءَ سان اچي ڪار ۾ ويٺو ھو، ھن وڏي ڀاڻيجي اڪبر کي موبائل تان ڪال ڪري پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ ڪار اسٽارٽ ڪري روانو ٿيو. ٽن ڪلاڪن جو سفر ھن جي لاءِ تمام ڊگھو بڻجي ويو ھو، ھو پريشان ھو، کيس يقين ٿي رهيو هو تہ ضرور سندس زال آسيا ئي ھن جي ڀيڻ يا ڀاڻيجن جي دل آزاري ڪئي ھوندي تڏهن ئي تہ ھو سڀ نہ آيا ھئا، جيتوڻيڪ ھن ڪجھ سال پھرين ڪنهن ڳالھ تي پنھنجي گھر واري کي سختيءَ سان تاڪيد بہ ڪئي ھئي تہ ٻيھر ڪڏهن بہ سندس ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن سان خراب رويو اختيار نہ رکيو وڃي پر شايد ان تاڪيد جو اثر ھاڻ ختم ٿي ويو ھو. آسٽريليا کان پنھنجي ملڪ اچڻ کان ھفتو کن اڳ ھن جڏھن وڊيو ڪال تي پنهنجي ننڍي ڀاڻيجي اختر سان ڳالھايو ھو تہ کيس اختر بہ ڪجھ اداس ۽ پريشان لڳو هو پر ھو مصروفيت سبب کائنس اداسي جو ڪارڻ پڇي نہ سگھيو ھو، ارڙهن سالن جو انتھائي ذھين ۽ سلڇڻو اختر کيس ننڍپڻ کان ئي پنهنجي اولاد کان بہ وڌيڪ پيارو ھو. ارڙھن سال اڳ اختر جي ڄمڻ کان ٽي ڏينهن اڳ سندس پيءُ نانگ جي ڪکڻ سبب فوت ٿي ويو ھو، رات جو عبدالله ٻنيءَ تي پاڻيءَ جي واري تي ويل ھو تہ کيس نانگ ڏنگي وڌو ۽ ھو ويچارو اسپتال پھچڻ کان اڳ ئي موڪلائي ھليو ويو ھو، عبداللّٰہ جو اوچتو وڇوڙو سندن خاندان لاءِ تمام وڏو صدمو ھو، ان وقت اڪبر ستن سالن جو هو ۽ بختاور جي عمر چار سال ھئي، پيءُ جي وفات کان ٽي ڏينهن پوءِ اختر جي پيدائش ٿي هئي، ٽنھي ٻارڙن کي پنهنجي ماءُ، ڏاڏي، ڏاڏيءَ ۽ چاچن وڏي پيار سان پالي جوان ڪيو ھو ۽ ڪڏهن بہ کين ڪنهن شيءِ جي کوٽ محسوس ٿيڻ نہ ڏني، بيواھ ساران جي ڀائرن بہ پنهنجي ڀيڻ ۽ سندس ٻارن جو ھر طرح جو خيال رکيو ھو. ھاڻ اڪبر ۽ اختر جوان ٿي چُڪا هئا، سورنھ جريب زمين، چئن جريبن ۾ انبن جو باغ ۽ پنج مينھون سندن حوالي ھيون. اڪبر پنھنجي وڏي چاچي جي گھران منڱيل ھو ۽ بختاور جو رشتو ننڍي چاچي جي وڏي پٽ سان ٿيل ھو، مائي ساران اختر جي لاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ نزاڪت علي جي ننڍي نياڻي فرزانا کي پسند ڪيو ھو، فرزانا کيس ننڍپڻ کان ئي تمام گھڻي پياري ھئي، فرزانا بہ پنهنجي ڦڦي جو بيحد احترام ۽ عزت ڪندي ھئي، نزاڪت علي ان وقت ڏاڍو خوش ٿيو ھو جڏھن ٻہ سال اڳ ساران ساڻس اختر ۽ فرزانا جي رشتي جي لاءِ پنهنجي مرضي ظاهر ڪئي ھئي پر آسيا ان رشتي لاءِ بلڪل بہ راضي ڪونہ ھئي ۽ ان ڏينهن کان ئي ساران ۽ ان جي اولاد سان ھن جو رويو وڌيڪ خراب ٿي ويو ھو، ھوءَ ان رشتي جي سخت خلاف هئي پر مڙس اڳيان ان جو کليل نموني اظھار نہ پئي ڪري سگهي، ھن کي بيواھن ۽ يتيمن کان نفرت ھئي، گھڻو وقت اڳي ھن کي سندس ماءُ ٻڌايو ھو تہ بيواھ عورتون ۽ يتيم ٻار منحوس ۽ نڀاڳا ھوندا آھن ۽ اھي جنھن بہ گھر ۾ وڃن ٿا اتي پنهنجي نحوست ۽ نڀاڳ ضرور ڇڏيو وڃن، ان ڪري آسيا پنهنجي پٽن ۽ نياڻين کي بہ شروع کان ئي سندن ڦڦاٽن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي پر سندس اھا ڪوشش ناڪام رهي ڇو جو نزاڪت علي جي اولاد بہ پنهنجي پيءُ وانگر يتيمن، بيواھن ۽ غريبن سان پيار ڪندڙ ھئي، شوڪت جي ٽنھي پٽن جي اڪبر ۽ اختر سان ننڍپڻ کان دوستي بہ ھئي پر ھو ماءُ جي سامھون پنهنجي يتيم ڦڦاٽن سان دوستيءَ کي ظاھر ڪونہ ڪندا هئا، ھونءَ تہ سندس سڀني ڌيئرن ۽ پٽن کي پنهنجي ماءُ ۽ نانيءَ جون اھڙيون ڳالھيون ڪونہ وڻنديون هيون پر ھو سڀئي ماءُ سان ان مسئلي تي گھٽ ڳالھائيندا ھئا پر سندن ننڍو پٽ شيراز اڪثر پنهنجي ماءُ ۽ نانيءَ سان اھڙين مدي خارج ۽ دقيانوسي ڳالھين سبب چڙي پوندو هو، سترھن ورھين جو شيراز ڏاڍو جذباتي ۽ حساس طبيعت وارو نوجوان هو. نزاڪت علي جي ڪار ھاڻ مين روڊ کان لھي ڳوٺ جي طرف ويندڙ لنڪ روڊ تي ھلڻ لڳي ھئي، روڊ جي حالت خراب ھجڻ سبب ھن گاڏي جي رفتار گھٽ ڪئي ۽ آسپاس ڏسڻ لڳو.. پاڻي جي کوٽ سبب خشڪ ۽ بنجر بڻجي ويل زمينون ڏسي ھن کي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين سبب اقتدار ڌڻين تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، ڪجھ اڳيان وڌڻ تي ھن جي نظر مال چاريندڙ ڪجھ ٻارڙن تي پيئي جيڪي ان وقت اسڪول ۾ ھجڻ بجاءِ ڇڳل چپل ۽ ڦاٽل ڪپڙن سان مينھن ۽ ٻڪرين کي چارڻ ۾ مصروف ھئا، ھن افسوس منجهان انھن ٻارڙن تي ھڪ نظر ڪئي ۽ موڙ ڪاٽيندو اچي ڳوٺ پھتو، ھن گھر کان چڱو پنڌ اڳتي ٻنھي ڀاڻيجن اڪبر ۽ اختر کي سندس انتظار ۾ بيٺل ڏٺو، ھن سندن ڀر ۾ گاڏي بيھاري ۽ ٻاهر نڪتو تہ کيس ٻنھي ڀاڻيجن ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، مامي ۽ ڀاڻيجن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا هئا ۽ پوءِ جڏهن ٽيئي گھر اندر داخل ٿيا تہ نزاڪت علي جي ڀيڻ ساران ۽ ڀاڻيجي بختاور اچي ساڻس مليون، ھو ٻيئي بہ روئي رھيون ھيون نزاڪت ٻنھي کي پرچائي چپ ڪرايو، پڌر تي ٽاريءَ جي وڻ ھيٺان چار کٽون ٽُڪ جي رلين ۽ خوبصورت ڀرت ڀريل ويھاڻن سان سينگاريل ھيون، بيواھ ساران پنھنجي ڀاءُ سان گڏ ويٺي، اڪبر ۽ اختر ادب ۾ بيٺل ھئا ۽ بختاور فروٽ ۽ شربت کڻي اچي کٽن جي وچ ۾ پيل ٽيبل تي رکيو ۽ پنهنجي مامي کي گلاس ڀري ڏنو، جڏهن سڀني شربت پيتو تہ نزاڪت اڪبر کي گاڏيءَ مان سامان کڻي اچڻ لاءِ موڪليو ۽ اختر کي پنهنجي ڀرسان ويھاريو. "ادي ساران مونکي ھاڻ ٻڌايو تہ اوھان سڀ حيدرآباد ڇو ڪونہ آيا".؟ نزاڪت علي ڀيڻ کان پڇيو پر ھن جواب ڏيڻ بجاءِ اُلٽو کائنس ئي سوال ڪري ورتو. "ادا توهان کي سفر ۾ ڪا تڪليف تہ نہ پھتي". "ادي مان بلڪل صحيح سلامت ۽ آرام سان پھتو آھيان پر توھان تہ مھرباني ڪري ڳالھ نہ بدلايو، ڪو تہ مونکي ڪجھ ٻڌائي تہ آخر توهان ھن دفعي منھنجي پرڏيھ کان اچڻ تي حيدرآباد ڇو نہ آيا، ايئرپورٽ تي مونکي ھن ڀيري منھنجا ڀاڻيجا ڇو ڪونہ وٺڻ آيا"؟ نزاڪت علي جي آواز ۾ ڏک ۽ درد سمايل ھو. "ادا مان تہ چوان ٿي ڇڏيو ان ڳالھ کي تہ بھتر آ". ساران کيس منٿ ڪئي. "ھونئن بہ ڪا ايڏي وڏي ڳالھ ناهي جو توهان ايترا پريشان ٿيا آھيو". "ڳالھ ننڍڙي ھجي يا وڏي پر مون کي توهان ٻڌايو ۽ مھرباني ڪري مونکان ڪا بہ ڳالهہ نہ لڪائجو ادي! توهان کي منھنجو قسم". نزاڪت پنھنجو قسم ڏئي ڀيڻ کي حقيقت ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو ھو، ھاڻ ھوءَ کيس سڀ ڪجھ ٻڌائڻ لاءِ مجبور ھئي. "ٺيڪ آ ادا مان توهان کي سڄي حقيقت ٻڌايان ٿي پر توھان کي بہ پنهنجي ھنن ڀاڻيجن جو قسم اٿؤ تہ ڪاوڙ ۾ ڪو بہ غلط قدم نہ کڻندئو". ساران اختر ڏانهن اشارو ڪندي ڀاءُ کي چيو. "ٺيڪ آ منهنجي ڀيڻ مان واعدو ٿو ڪريان". نزاڪت علي ٿڌو ساھ کڻندي چيو. "ادا ! مھينو کن اڳ اسان حيدرآباد توهان جي گھر ويا هئا سين". ساران ڀاءُ کي ٻڌائڻ شروع ڪيو. "اختر جي لاءِ توهان جي نياڻي فرزانا جو رشتو پڪو ڪرڻ لاءِ پر ڀاڄائي اسان کي مايوس ڪري واپس موٽايو، نہ رڳو ايترو پر ھُن....". ساران روئندي چُپ ٿي وئي. "ادي ساران ڳالھ پوري ڪيو"، نزاڪت علي ڀيڻ کي روئيندي ڏٺو تہ سندس اکين ۾ بہ لڙڪ تري آيا، ھن وري ساران کي چيو. "ڀيڻ مونکي پُوري ڳالھ ٻڌايو". "ادا"، ساران سڏڪندي چيو، "ادا ڀاڄائي منھنجي اختر کي منحوس ۽ نڀاڳو چئي اسان کي فرزانا جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو". "ڇا....؟" نزاڪت علي ڪاوڙ ۾ اٿي بيٺو تہ ان سان گڏ سڀئي پريشاني ۾ بيھي رھيا. "مان آسيا کي ان ڏوھ جي سزا ضرور ڏيندس ادي". نزاڪت علي اختر جي ڪلھي تي پنھنجو ھٿ رکيو. "نہ ماما سائين نہ". اختر نزاڪت علي جي ھٿ تي پنھنجو ھٿ رکندي چيو. "توهان امان سان واعدو ڪيو آهي تہ توهان ڪوبہ غلط قدم نہ کڻندئو، ھونئن بہ مامي آسيا صحيح تہ چيو آهي تہ آئون منحوس آھيان جو منھنجي ڄمڻ کان اڳ ئي بابا فوت ٿي ويو، اھا منھنجي نحوست نہ ھئي تہ ٻيو ڇا ھو؟". اختر روئندو اتان ڪمري ۾ ھليو ويو ۽ پٺيان سڀئي کيس ڏک ۾ تڪيندا رهيا. نزاڪت کٽ تان ڪار جي چاٻي کنئي ۽ ٻاھرين دروازي طرف تڪڙو وڃڻ لڳو تہ کيس پٺيان ڀيڻ روئندي چيو، "ادا اسان سڀني کي ايئن روئيندي ڇڏيون ٿا وڃو".؟ "ادي مونکي معاف ڪجو منھنجي غيرموجودگي ۾ توهان سان ناانصافي ٿي آهي، مان اڄ ئي آسيا کان ان جو پڇاڻو ڪندس". "نہ ادا نہ ايئن نہ ڪيو"، ساران کيس منٿ ڪئي. "اسان ڀاڄائي کي معاف ڪري ڇڏيو آهي". ساران، بختاور ۽ اڪبر نزاڪت علي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو ڪاوڙ ۾ ڀريل ھو ۽ ان وقت ئي واپس حيدرآباد وڃڻ پيو چاهي. ھن ساران کي چيو. "پر مان آسيا کي معاف ڪونہ ڪندس، ھن کي ڪھڙو حق آهي جو ھوءَ ڪنهن يتيم کي منحوس چئي؟، مونکان پڇڻ بنا ھوءَ ڪيئن ٿي ان رشتي کان انڪار ڪري سگهي؟، ادي! اھي سڀئي ڏوھ مان ھن کي ڪيئن معاف ڪري ڇڏيان؟، وڃڻ ڏيو مونکي". اختر جلدي ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪتو ۽ اچي پنھنجي مامي جي ڀر ۾ بيٺو. "ماما سائين!" ھن نزاڪت علي جو ھٿ پنھنجي ھٿن ۾ جھليندي آھستي کيس چيو. "ھاڻ ڪاوڙ ختم ڪيو نہ، ڏسو تہ توهان کي ڏسي امان ۽ ادي بہ روئي رھيون آھن". اختر جي ڳالھ ٻڌندي ئي نزاڪت علي جي ڪاوڙ ڄڻ تہ بلڪل ختم ٿي وئي ۽ ھو خاموشيءَ سان اچي کٽ تي ويٺو تہ ساران ۽ بختاور بہ لڙڪ اگھيا ۽ سڀئي مرڪڻ لڳا پر نزاڪت علي جي سيني ۾ ڪاوڙ ۽ ڏک جي باھ پئي ٻري جنهن کي في الحال ھن سيني ۾ ئي لڪائي ڇڏيو. ڪجھ دير کان پوءِ ھو پنھنجي ٻنهي ڀاڻيجن سان گڏ سندن زمين ۽ باغ جو سير ڪري رهيو هو ڳوٺ جا ماڻهو بہ ساڻس ملڻ لاءِ آيا پئي جن سان ملي ھو تمام گهڻو خوش پئي ٿيو، کين گھمندي ڦرندي ۽ ڳوٺاڻن سان ملندي جلندي شام ٿي وئي تہ ھو گھر واپس آيا. رات جي ماني تي اڪبر وارن جا ٻيئي چاچا بہ ھنن سان گڏ ويٺل ھئا ماني کانپوءِ رات جو دير تائين ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ سڀ سمھي پيا، صبح جو ناشتي دوران نزاڪت علي جي موبائل تي سندس وڏي پٽ فراز جي ڪال آئي، فراز کيس ٻڌايو تہ شيراز ماءُ سان ناراض ٿي ننڊ آڻيندڙ گوريون کائي ڇڏيون آهن ۽ ھنن کيس بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال پھچايو آھي. "پٽ مان ھاڻي ئي ھتان روانو ٿيان ٿو، توهان پنهنجي ڀاءُ جو پورو خيال رکجو". نزاڪت علي ڏاڍو پريشان ٿي ويو ھو، سندس لاڏلو پٽ شيراز زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ھو، ھن ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن کي جلدي ۾ سڄي ڳالھ ٻڌائي تہ اھي سڀ بہ پريشان ٿي ويا، ڪجھ ئي دير ۾ ساران، اختر ۽ بختاور ھن سان گڏ حيدرآباد روانا ٿي ويا، سڀني شيراز جي سلامتي جون دعائون پئي گهريون پر ساران مسلسل روئيندي پنھنجي ڀائٽي جي زندگيءَ لاءِ دعائون گهري رهي هئي، نزاڪت علي تيزيءَ سان گاڏي ھلائي رھيو ھو انڪري ھو ڪافي جلدي اسپتال پھچي ويا، چئن ڪلاڪن کان ڊاڪٽر شيراز جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ھئا، ٻاھران سڀئي دعائون گهري رهيا هئا، نزاڪت علي آسيا کي ڏسندي ئي ڪاوڙ ۾ ڏانھنس وڌيو. "ياد رکجانءِ آسيا!"، ھن ڪاوڙ ۽ ڏکايل لھجي ۾ چيو، "جيڪڏھن شيراز کي ڪجھ ٿيو تہ مان توکي سخت سزا ڏيندس". آسيا روئندي ھن جي پيرن ۾ ويھي رھي ۽ کيس چيائين، "مونکي معاف ڪيو مان بيشڪ اوهان جي قصوروار آھيان پر خدا جي واسطي ھن وقت ڪيئن بہ ڪري مون کي منھنجو ٻچڙو بچائي ڏيو". "تون رڳو قصوروار ئي ناھين آسيا تون ظالم ۽ منحوس بہ آھين"، نزاڪت ٻہ قدم پوئتي ھٽندي کيس چيو، "ھا تون منحوس آھين، تون منهنجي پياري ڀاڻيجن کي منحوس چيو آهي پر حقيقت ۾ منحوس تہ تون آھين جنهن جي نحوست سبب اڄ منھنجو پٽ موت جي منهن ۾ ھليو ويو آهي". نزاڪت علي سڏڪڻ لڳو، آسيا اڃان تائين سندس پيرن ۾ ويھي روئي رهي هئي، سڀئي اڳتي وڌي اچي نزاڪت کي آٿت ڏيڻ لڳا، ساران ۽ بختاور آسيا کي سھارو ڏئي مٿي اٿاريو، سڀئي دعائون گهري رهيا هئا. آسيا روئندي ساران ۽ بختاور کان معافي گھرڻ لڳي تہ اختر اچي کيس دلجاءِ ڏيندي چيو. "مامي! توهان دلجاءِ ڪيو الله پاڪ شيراز کي زندگي ڏيندو، ھو اڄ ئي چڱو ڀلو ٿي پوندو". "پٽ اختر مان تنهنجي گنھگار آھيان، مون ھميشہ توسان ناانصافي ڪئي آهي، مون سدائين توهان کي منحوس چئي يتيمن جي توھين ڪئي آهي، مون کي معاف ڪر". ھوءَ اوڇنگارون ڏيڻ لڳي. ان ئي مھل ھڪ ڊاڪٽر اندران ٻاھر آيو ۽ کين خوشخبري ٻڌائنيدي چيو. "اوھان سڀني کي مبارڪ هجي پيشنٽ ھاڻ ھوش ۾ اچي چڪو آهي، توهان ساڻس ملي سگھو ٿا". سڀني جا غمگين چھرا اھا خوشخبري ٻڌندي ئي ٻھڪي پيا، ھر ڪنھن ھڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ اندر ھليا ويا، سامھون بيڊ تي شيراز ليٽيل هو، ھن پيءُ ڏانهن نھاريو تہ اکين ۾ لڙڪ تري آيس ۽ پوءِ جڏهن ھن پنھنجي ماءُ کي ساران ۽ اختر سان گڏ مرڪندي ڊٺو تہ پھرين کيس حيرت ٿي پر جلد ئي سندس منهن تي مرڪ اچي وئي، سندس ماءُ ھن جي پيشاني چمندي کيس چيو. "شيراز پٽ مون کي معاف ڪر، ڏِس تنھنجي پيءُ ۽ ڦڦي جن بہ مون کي معاف ڪري ڇڏيو آهي". شيراز پنهنجي پيءُ ۽ ڦڦي ڏانھن تڪيو تہ ھو ٻيئي کيس کلندي ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي نظر آيا تہ شيراز جي مرڪ بہ وڌندي وئي ان سان گڏ ئي اتي موجود سڀئي کلڻ لڳا، آسيا جي دل ۾ موجود يتيمن لاءِ نفرت تمام وڏي پريشاني کان پوءِ شفقت ۾ بدلجي چڪي هئي.