هن موبائيل ايپ ذريعي پنهنجي ٻارن کي بجٽ، خرچ ۽ بچت سيکاريو

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2019۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

    توڙي هاڻي کڻي بهتر ڄاڻان پر ننڍي لانڪو خرچي ۽ بچت کي سمجھي نہ سگھيو ھيم.. اڄ بہ ڪجھہ دوست ڪريڊٽ ڪارڊ کي سمجهي نه سگهندا آهن ۽ مون کان تفصيل پڇندا رھندا آھن..
    ھڪ دفعي ڪنھن دوست جي گھر وڃڻ ٿيو تہ کيس پنھنجي پٽ سان ان ڪري جھيڙو ڪندي ڏٺم جو پٽ کائنس ڪجھہ رقم ٿي گھري جڏھن تہ مون واري دوست اڳ ڏنل رقم جو حساب پئي گھريو..
    پر اڄ ھڪ اھڙي ايپ نظر مان گذري جنھن ذريعي توھان پنھنجي 6 سالن کان 18 سالن جي ٻارن کي سمجھائي سگھو ٿا تہ ھوُ پنھنجي مليل خرچي کي ڪھڙي ترتيب سان خرچ ڪن ۽ ڪھڙي طرح بچت ڪرڻ سکن.. گڏ توھان پنھنجي اولاد کان پڇڻ بنا ئي معلوم ڪري سگھندو تہ ھوُ ڏنل خرچيءَ کي ڪھڙي نموني استعمال ڪري رھيو آھي.. رڳو ايترو ئي نہ پر توھان ھن ايپ ذريعي ٻارن کي مختلف ٽاسڪ ڏئي سگھو ٿا ۽ ان جي پوري ڪرڻ تي کين اضافي خرچي پڻ ڏئي سگھو ٿا..
    ھن ايپ ذريعي ٻارن کي بچت ڪرڻ تي شاباش ۽ فضول خرچي تي ناپسنديدگي بہ ورچوئل انداز ۾ ڏئي سگھو ٿا.. :(
    ھي آھي Mellow نالي ڪارائتي ايپ

    [​IMG]

    ھن ايپ ۾ توھان ٻار جو ھفتيوار ۽ ماھوار ڪو الائونس يا وظيفو مقرر ڪري سگھوٿا.. ۽ ڏنل رقم کي ٽريڪ پڻ ڪري سگھوٿا .. ٻار ڏنل خرچيءَ اندر پنھنجا خرچ سنڀالي سگھن ٿا.. ۽ پنھنجي خواھشن لاءِ بچت پڻ ڪري سگھن ٿا..

    وڌيڪ تفصيل لاءِ حاضر آھي ڊيمو وڊيو


    ايپ گوگل پلي يا آئي اسٽوري تان ڊائونلوڊ ڪري سگھجي ٿي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو