گرمي جا روزا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ليکڪ =- اصغر علي جمالي
    ڪهاڻي =-
    گرمي جا روزا

    جولائي جي تمام گرم ڏينهنين ۾ رمضان جا روزا به پڇن ٿا محروم نانو ۽ ڏاڏو محروم جڏهن روزا رکندا هئا ته سيارو هوندو هو جڏهن اسان جو روزا رکڻ جو وارو آيو ته ڌرتيءَ ئي تپي ٽرامون لڳي پئي آهي سج جا ڪرڻا ته دونالي بندوق کان نڪتل ڇرن جي اسپيڊ وانگر صفا تيز لڳا پيا آهن مزو ته انهن ماڻهن کي آهي جيڪي روزو رکي اي سي هلائي ٿا سمهي پون مگر مسئلو مڙي اسان جهڙن غريبن لاء آهي جو امان مان ۽ 17 سترهن سالن جي ڀيڻ روباب لاءِ آهي هڪ ڏينهن گرم ٻيو روزو ڇا ڪيون سولر وارو پکو هلائي چادر پُسي ڪري مٿان ٿا وجھون سا به ڏهن مينٽن ۾ سڪيو وڃي روزا رکون ته به حالت. نه رکون ته پوءِ بابا جي موچڙن جو زيپٽ بابا پاڻ ته روزي ۽ نماز جو تمام گھڻو پابند آهي بابا ٽيزري ۾ ڪلارڪ آهي پوري آفيس جا ماڻھو پٽيوالي کان وٺي ويندي هر ڪو رشوت وٺندو آهي پر بابا اسلامي ماڻهو آهي سو ڪڏهن به انهن جي چانھ به ناهي پيندو ڇو ته بابا چوندو آهي ته اسان جي پياري نبي ڪريم ﷺ جو فرمان آهي ته رشوت وٺندڙ ۽ رشوت ڏيندڙ ٻئي برابر جهنم جا حقدار آهن هي آفيس جا جيڪي ملازم آهن سڀ جا سڀ راشي آهن سو مان پنهنجي پيٽ ۾ حرام نه ڀريندوس اهو ئي سبب آهي جو هڪ ڪلارڪ جي گهر ۾ اي سي به ناهي جو اسان سڪون سان ماھ رمضان جا روزا رکون. پاڻ بابا روزو رکي آفيس ته هليو ٿو وڃي اُتي به ته اي سي لڳل آهي پيو ٿڌڪار جو مزو وٺندو آهي جڏهن آفيس کان ايندو آهي ته سدو پاڙي واري مسجد ۾ وڃي سمهي پوندو آهي اُتي به ماشاءاللہ چار اي سيون لڳل آهن مسجد ۾ گهڙڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ سيارو اچي ويو هجي اڄ ته ڏينھن اهڙو تتو آهي جو سڀ رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا اٿس بار بار چادر پُسي ڪري ٿا مٿان وجھون سا به سولر واري پکي ته سڪيو وڃي امان چادر پُسائي ڪڏي محل پنهنجي مٿان وجهي ڪنهن گهڙي منهنجي ڀيڻ روباب جي مٿان پئي وجهي ادي روباب اڳ ئي ڪمزور ۽ سائي جي مريض آهي انهن جي تڪليف جڏهن ڏسندو آهيان ته الله پاڪ کان پڇندو آهيان يا رب تو ڇو اسان لاء رمضان جا روزا گرمي ۾ موڪليا آهن اسان ۾ ته سهپ ئي ناهي منهنجي ڀيڻ ڏس ڪئين ٿي پابندي سان تنهنجا روزا رکي ويچاري ڪڏي ڪمزوري ۽ بيمار آهي بابا چوندو آهي ته جيڪو روزا نه رکندو ان کي تون جهنم ۾ وجهندين اسان کي جولائي جي گرمي ۾ ائين ٿو محسوس ٿئي ڃڻ جهنم جي ڪا دري کولي هجي امان به روزي سان پوري گهر جو ڪم ڪندي رهندي آهي يا ﷲ ٻيو نه غريبن تي ته روزا معاف ڪرين ها امير ته اي سين ۾ روزو رکي سمهي ٿا پون انهن تي فرض ڪرين ها ته سٺو منهنجي خيالن جو سمنڊ ان وقت ٽوٽ جڏهن بابا گهر آيو ۽ وڏي آواز ۾ رڙ ڪري چيائين سرمد آذان نه ٻڌي اٿئي چيم جي ها بابا ٻڌي اٿم پوءِ هل نمازي تي اڄ جمعي جو ڏينهن آهي بابا چيو
    بابا نماز ۾ اڃان منو ڪلاڪ آهي مان اچان ٿو
    منهنجي ڳالھ ٻڌي بابا صفا ڪاوڙ جي ويو چيائين نماز ۾ منو ڪلاڪ آهي باقي مولو اسد جو خطبو ڪير ٻڌندو هو خطبو واعظ جاري آهي هل ته هلون مان به رومال پُسي ڪري وضون ساري مسجد ۾ آيس مسجد ماشاءاللہ تمام ٿڌي لڳي پئي هئي ڇو نه ٿڌي هجي جو سڃو ڏينهن ٿيون چار اي سيون هلڻ بس مولوي اسد جو واعظ جاري هو رمضان شريف جا فضائل پئي بيان ڪيائين روزي ڇڏڻ جو پئي عذاب ٻڌيائين روزي ڇڏڻ جا عذاب ٻڌي منهنجا ته لڱن ٿئي ڏڪيا بيان جي آخر ۾ منهنجي بابا جي طرف هٿ کڻي فرمايائين دعا ڪيو اسان جي هن جماعتي پاڙيسري ۽ دوست حاجي اقبال کي جنهن رمضان ايندي ئي اسان جي مسجد جي اي سي واري لائين لڳرائي ڏني پاڙي جا سڀ روزائت هتي اچي سمهن ٿا هن قهر جهڙي گرمي ۾ ڪير ٿو گرمي برداشت ڪري سو سڀ جماعتي حاجي اقبال لاءِ دعا ڪيو پوء مولوي اسد دعا ڪئي خاص بابا لاءِ اسان به آمين چوندا وياسين نماز پڙهي جئين ٻاهر آياسين مون بابا کان پڇيو بابا اڄ مولوي اوهان لاء دعا ڪرائي هئي بابا چيو ڇو ته هنن کي اي سي جو ڪنيڪشن مون هڻائي ڏنا آهن ان ڪري
    پوء بابا بجلي جو بل هاڻ اوهان ڀريندوء مون پڇيو.
    نه نه بس3 ٽي هزار مسجد جي انتظامياء انهن بجلي واري لائين مين کي ڏيندا اهو لائين مين منهنجو دوست آهي بابا ٻڌايو .
    اڇا بابا پوء اهڙا ته چوري جي بجلي آهي نه بابا مون وڏي معصوميت مان پڇيو.
    ها پٽ چوري جي آهي
    بابا جيڪر چوري جي آهي ته پوء انهن تي گناھ ٿيندو ۽ پوء روزائتن جا ته روزا ئي قبول نه ٿيندا اسان گهر جي طرف وڌڻ لڳاسين مون بابا کي چيو.
    گناھ ڇو ٿيندو هو اسان جي شهر جو جيڪو مفتي مختيار ڪربلائي آهي ان جي مسجد ۽ گهر ۾ به اهي اي سي جا ڪنيڪشن لڳل آهن مفتي اڪرم الزهراوي جيڪو مصر مان پڙهي عالم ۽ مفتي ٿي آيو آهي ان جي مسجد ۾ به اي سي جي تار ڊائريڪٽ لڳل آهن اهي ته وڏا عالم ۽ مفتي آهن بابا جذبات مان صفا ڄڻ گاڙهو ٿي ويو هو.
    مان به بابا کان ڊڄڻ لڳوهيس متان ڪٿي چماٽ نه واهي ڪڍي حيڪر سوچيم بابا سان نه ڳالهايان وري سوچيم بابا کي چئي ڏسان ڊڄندي ڊڄندي چيومانس بابا اوهان مڃيو يا نه مڃيو مگر حقيقت اهڙا آهي ته حرام حرا۾ آهي چوري چوري آهي ڀلي ڪو مفتي هجي يا ڪو عالم بابا لٺ کڻندي چيو اڙي ڇورا تون ڪو وڏو عالم يا مفتي ٿي ويو آهين بس ڪر ڏيئن نه لٺين جي ڦيھ
    مون به ڏٺو ڪم گهڻو چڙهي نه وڃي سو ڀڃي وڃي امان کي ڀاڪر پائي سولر واري پکي تي سمهي پيس
    ___________________________________. اصغر علي جمالي / دادو
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو