جنتين جو قبرستان

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2019۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ليکڪ اصغر علي جمالي
    ڪهاڻي
    عنوان =- جنتين جو مُقام

    جولائي جي گرمي صفا ساه پئي ڪڍيو سج صفا سواءِ نيزي تي لهي آيو هو ڌرتي تپي صفا ٽانڊا لڳي پيئي هئي رجو مينهنء جي ڌڻ کي گس ڏيرائي هڪلون ڏيندو هون امان هون هون امان هون ڇي امان ڇي چوندو مينهن کي بيئراج جي ڪڙ ڏيرائي هئي جيڪا رڳو نسريل سرن سان ڀري پئي هئي رجو جتي روزانو معمول مطابق تتي ٽاڪ جو مينهنء کي ٻه ٽي ڪلاڪ اچي بئيراج ۾ ويهاريندو هو ۽ پاڻ پاڻي مان ڪجهه ٽوٻيون هڻي اچي ٽالي جي ڇانوَ ۾ پنهنجي ڳاڙهي رنگ جو رومال وڃائي سمهي رهندو هو اڄ به جئين مال کي هڪليندو اچي بئيراج جي ڪپ تي مينهنء کي روزاني واري گھيڙ مان مينهن کي پاڻي ۾ لاهڻ جي ڪئي هئين ته اڳين ڀوري مينهنء جيڪا روزانا بنا ڪنهن ھڪل جي پاڻي ۾ لهي ويندي هئي اڄ ڇرڪ ڀري پوئتي هٽي ڀهي رهي هئي رجو پريشان ٿي ويو هو ته اڄ مال پاڻي ۾ ڇو نه ٿو وڃي ڇا سبب آهي هن پاڻ جڏهن گهيڙ مان هيٺ لهي ڏٺو ته هن جي حيرت جي ڪا حد ئي نه هئي هي پاڻ ڇرڪ ڀري پوئتي هٽي ڪپ تي ڀهي ڳوٺ جي ڀرسان ووڻن جي فضل جي سنڀار لاءِ ويٺل خميسي کي ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون ان جون رڙيون ٻڌي والو به ڀڃندو آيو هو خميسي پهچندي ئي پڇيو رجو خير ته آهي نه ڇو ڇا ٿيو آهي رجو هراسيل هٻڪندي هٻڪندي چيو ته هو هو هو هوتي پاڻي ۾ لاش پيو آهي خميسو پهلوان مڙس هو سو والو کي چيائين اچ هي به ته ڪنهن انسان جو ئي لاش هوندو اچ ته ڪڍي هلي پنهنجي مقام ۾ ڪفن دفن ڏئي دفنايون والو لاش ته ڪنهن عورت جو آهي خميسي پاڻي لهندي ڏسندي چيو والو به پاڻي ۾ لهي آيو همت ڪري لاش ٻاهر ڪڍرايو والو لاش کي ڏسندي چيو خميسا هن ڏس مٿي ۾ ڌڪ ۽ گاٽو به ڪپيل آهي
    لڳي ٿو ڪنهن ظالم ظلم ڪيو آهي
    خميسي چيو
    رجو جلدي گهران کٽ ته کڻي اچ والو رجو ڏانهن ھڪل ڪري چيو
    خميسو ٽالي جي ڇانوَ ۾ لاش رکي ڪنهن سوچيون جي سمنڊ ۾ ٻڏي وڃي ٿو اسان جي معاشري ۾ ڀلا ايڏو ڪمزور عورت کي ئي سمجهو وڃي ٿو اچي ڇو ڪو به عورت جي عظمت جي ڳالھ نه ٿو ڪري گهر سنڀالي ته به عورت ٻنين ۾ ڪم ڪار ۾ هٿي وٺرائي کان وٺي ويندي مرد جو وڏو سهارو آهي مگر اسان جي سماجي عورت کي پنهنجي حوس جي ميشن ئي سمجهي آهي پنهنجي ٿوري ذاتي مفادن خاطر عورت ذات جو ئي قتلام ٿيو آهي هر مذهب عورت کي عزت عظمت ڏني آهي پوءِ به اسان جو معاشرو ڇو انهن جي عزت جو انڪاري آهي. هي لاش کڻائي گهر اچي ٿو ايتري ۾ مامو الياس به اچي وڃي ٿو ماما الياس اوهان ڀلا ڪفن جو بندوبست ڪيو ۽ چاچا مولوي جعفر کي به جنازي جو به چئو آئون همراه وٺي مقام تي سامي جو بندوبست ڪيان خميسو ائين چئي سر جو ڪانو کڻي ڪوڏر ۽ رنبي به پاڻ سان گڏي ڪجه ڳوٺائي ساڻ وٺي قبرستان ۾ اچي قبر کوٽڻ شروع ڪن ٿا قبر جو پهريون تھ کوٽين ئي ٿا ته مولوي جعفر به قبرستان تي اچي ٿو پري کان ئي رڙيون ڪري چوي ٿو خميسا قبر نه کوٽ قبر نه کوٽ سڀ حيرت ۾ اچي وڃن ٿا مولوي جعفر جئين وجهو اچي ٿو ته ولو پڇي ٿو ڇو چاچا مولوي جعفر ڇا ٿيو آهي جو صفا ڪاوڙبو پيو آهين ڪنهنجي ٿا قبر کوٽيو پگهر ۾ شل ٿيل مولوي پنهنجو پگهر اُگهندي چيو چاچا مولوي اڄ هڪ نوجوان ڇوڪري جو لاش بئيراج مان مليو آهن ان لاءِ ٿا قبر کڻون ۽ جنازا نماز به چاچا توهان پڙاهي جو خميسي چيو جنازي نماز جو مولوي ٻڌي ٽپي صفا باھ ٿي ويو نه نه مون کي لاچار ئي ناهي توهان پهريان لاش کي سهي ڏٺو آهي جي ها چاچا مولوي ها ڇو والو چيو ڇوڪري کي ڪهاڙيون لڳل آهن هن جو ڳاٽو ڪهاڙين سان ڪپيل آهي مان هن مهل لاش ڏسي آيو آهيان اهو لاش ڪنهن ڪاري ڪري ماري آهي سو هي ڪارين جو مقام ناهي مان ان ڪاري کي هتي دفن ٿيڻ ڪو نه ڏيندوس جڏي وڻيوي وڃي دفنايو مان ان جو جنازو به نه پڙهيندس سڀن کي ڏندين اڱريون اچي ويون قالو پڇيو ڇو ڪاري آهي اوهان وٽ ڪهڙو ثبوت آهي جو ان کي ڪاري ٿا چوء
    ڇو ڇو ڪاري ناهي پاڻ واري موخو به پنهنجي زال کي ڪاري ڪري ماريو هو ته به ڪهاڙي سان وقو به پنهنجي ڀيڻ کي ڪهاڙيون هڻي ماريو هو ڪارين کي ڪهاڙيون سان ئي ماريندا آهن مولوي جعفر گيگ ڳاڙيندي چيو پوءِ مون انهن ڪارين جا جنازا به ڪونه پڙهايا ها نه ئي انهن جو لاش هن مقام ۾ دفن ٿيڻ ڏنو هيم مولوي کان صفا پيرن تائين پئي پگهر هليو ميرل به گهڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيس پر مولوي جون گيگون ڱڙيون آسمان سان پيو ٽڪر هڻي ايتري ۾ موسو موالي به اچي ويو يا علي مدد سنگت ڇا ٿيو آهي وري ڪنھن جي ٿا قبر کڻو موسي موالي پڇيو گامون ڪوڏر پاسي تي رکندي چيو چيو اڄ هڪڙي ڇوڪري جو لاش بئراج مان مليو آهن ان لاءِ پيا قبر کڻون پر مولوي جعفر نه ٿو کڻڻ ڏي ڇو مولوي صاحب ڇاجي ڪري نه ٿو کڻڻ ڏيڻ موسي موالي حيدري ڏنڊو کٻڙ جي ٽاري تي هڻندي پڇيو
    اهو لاش ڏسڻ سان ئي خبر ٿي پوي ته ڪنهن ڪاريء جو لاش آهي سو هي ڪارين جو مقام ناهي مولوي اکيون کي ڪاوڙ مان ڦيرائيندي چيو ڄڻ ڪو رڇ ميدان ۾ لٿو هو
    ڇو هي ڀلا جنتين جو مقام آهي ڇا جو هتي ڪاري کي جاءِ نه ملندي موسي چيو هو
    ها يار لڳي ٿو هي جنتين جو مقام آهي خميسو ڀڻڪيو
    اڙي کڻو ڪوڏر ۽ سامان منهنجي مقان جي ڀر ۾ الم جي سائي ۾ ٿا ڪاري کي دفنايون مولوين جو مسجدن تي ته قبضو هوندو آهي مگر هاڻ مقام تي به انهن جو قبضو آهي موسي موالي ھڪل ڪري سڀن کي وٺي اچي پنهنجي مقان تي ڀيٺو جيڪو مقان ڳوٺ جي پرين آخري ڇڙي ۾ هو ڳوٺ وارن قبر کوٽ ان لاش کي ڪفن دفن ڏئي الم جي سائي ۾ ئي دفنايو هو پوءِ موسي جو مقان ڪاري جي قبر جي نالي سان مشهور ٿي ويو آهي جتي پري کان ماڻهو پنڌ ڪري ان قبر تي پڙ وجهندا آهن ۽ باسون باسيندا آهن انهن جا ڪم ٿيو وڃن پر جنتين جي مقام ڏي ڪير لڙي ئي ڪونه
    ________________________________________
    اصغر علي جمالي / دادو
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو