سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو ابو: قاضي قادن

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو ابو: قاضي قادن

    سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جنهن کي عام طور تي اساسي شاعري به چيو ويندو آهي . اها سنڌي ٻولي ۽ ادب جو هڪ عظيم سرمايو آهي . جنهن تي جيترو فخر ڪجي ،سو گهٽ آهي ، ڇاڪاڻ ته برونيتيئر چيو ته ،
    ”ڪلاسيڪي دور هر قوم جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ايندو آهي ، ۽ اهو ان وقت ايندو آهي ، جڏهن ان جي زبان ڪمال درجي کي پهچندي آهي .“
    ۽ ان ڳالھ ۾ تِر جيترو به گمان ڪيئن ڪجي ته ، اڄ جنهن مقام تي سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادب بيٺل آهي ، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ وقتائتو ڪردار ڪلاسيڪل شاعرن ئي ادا ڪيو ، جنهن جا اسين سڀ مقروض آهيون .
    سنڌي ڪلاسيڪل شاعري يا اساسي شاعري نج اسان جي پنهنجي ڌرتي جي پيداوار آهي ، اها انگليند ۾ شروع ٿيل ڪلاسيڪل تحريڪ جو حصو نه پر خالص سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب جو هڪ بي بها خزانو آهي ، جنهن کي اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن املھ هيرن ۽ جواهرن سان ڀري سنڌي قوم جي حوالي ڪيو ، جنهن جي سار سنڀال لهڻ جو فرض نه رڳو اسان جي مٿان لاڳو ٿئي ٿو ، پر اسان جي ايندڙ نسل تي به لازم آهي ، ته هو هن عظيم ورثي جي نه صرف سار ۽ سنڀال لهن، پر ان کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جا جتن به ڪن ، ته جيئن دنيا وارا ، اسان جي قاضي قادن ، شاھ ڪريم ، ميان شاھ عنات ، لطف الله قادري ، خواجه محمد زمان ، شاھ لطيف ، ۽ سچل سرمست وغيره ، جهڙن ناياب ۽ نادر شاعرن جي شاعري مان نه صرف لاڀ حاصل ڪن ، پر ڀلي وڃي پنهنجن شاعرن سان ڀيٽ ڪن ۽ پوءِ ويهي ويچار ڪن ته ڪنهن جو پلڙو ڀاري آهي .
    گوئٽي فرانس جي شاعر ( جنهن کي هو عظيم سڏين ٿا ) ، موليئر جي باري ۾ لکيو ته ،
    ”موليئر ايترو عظيم آهي ، جو هر دفعي هڪ نئي انداز ۽ نئي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو .“
    اها موليئر جي خوشقسمتي ئي چئبي ، جو گوئٽي شاھ کي ڪونه پڙهيو ، جي پڙهي ها ! ته پوءِ موليئر ئي وسري وڃيس ها !
    اسان جيڪڏهن پنهنجي ان ڪلاسيڪل دور تي سرسري نظر وجهنداسين ، ته معلوم ٿيندو ان دور ۾ چند اهڙا نمايان شاعر پيدا ٿيا ، جن نه صرف سنڌي ڪلاسيڪل شاعري کي اوج ۽ عروج تي پهچايو ، پر ان جي فني توڙي فڪري ميدان ۾ تمام گهڻي وُسعت پيدا ڪري ايندڙ شاعرن لاء هڪ آسان راهـــ هموار ڪئي .
    اهي شاعر جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون . انهن شاعرن جي پوري سٿ جو اڳواڻ ۽ باني مباني قاضي قادن ئي آهي ، جنهن نه صرف سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو بنياد رکيو ، پر ان ۾ ڪيترا ئي نوان فني توڙي فڪري تجربا ڪري ، سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب ۾ نه رڳو جدت يا نواڻ آندي ، پر ان کي نئين سِري سان سنواري ۽ سڌاري هڪ نئون روح ڦوڪي هڪ اهم ۽ اعليٰ ڪردار ادا ڪيو.
    ائين کڻي چئجي ته ، قاضي قادن جيڪا سنڌي شاعري جي لاءِ زمين کيڙي ، ان ۾ ٻج شاه ڪريم پوکيو ، ته سار سنڀال ۽ آبياري جو ڪم ميان شاه عنات ڪيو ، ته شاھ جي حصي ۾ وري ان فصل جو لاب آهي، جنهن داڻو داڻي کان الڳ ڪري هڪ نئون رنگ ۽ روپ سان ان فصل جي پيداوار کي ڇندي ڦوڪي اهڙو ته امر ڪري ڇڏيو جو هاڻ ان کي نه سُري جي سٽ مٽائي سگهي ٿي ۽ نه ئي ماڪڙ جهڙو موذي مرض لڳي سگهي ٿو. تڏهن ئي شاه صاحب فرمايو ته،
    وکر سو وهاءِ ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
    (سر سريراڳ ، داستان ٽيون ، بيت نمبر_2)
    قاضي قادن اهو شاعر آهي ، جنهن نه صرف نين روايتن کي جنم ڏنو پر نين تشبيهن ۽ استعارن ، ترڪيبن ۽ تلميحن جو پهريون ڀيرو استعمال ڪري سنڌي ڪلاسيڪل شاعري ۾ هڪ نئين ۽ نرالي روايت قائم ڪئي.

    :قاضي قادن جي مختصر سوانح حيات

    :سندس اصل نالو
    قاضي قادن جي نالي تي تاريخ ۾ تمام گهڻو تفصيلي ۽ تحقيقي بحث مباحثو ملي ٿو ، جنهن بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تمام مفصل نموني سندس نالي تي بحث ڪيو آهي . هن جيڪو ( قاضي قادن جو رسالو ) جي نالي سان سندن ڪلام سهيڙيو آهي ، ان ۾ هن اِهيو ثابت ڪيو آهي ته سندس اصل نالو قاضي قاضن نه پر قاضي قادن هو .
    بلڪ هن ڪجھ هن ريت پنهنجو خيال ظاهر ڪيو آهي تـــــــــــــــــ

    قادن پيار ڀريو تصغير جي صورت وارو نالو آهي . جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تـــــــــــــــــــــــــ قاضي صاحب پنهنجي ننڍپڻ کان وٺي سلڇڻو ، ملنسار ۽ پيارو ٻار هو جو کيس پيار واري نالي سان قادن ڪري سڏيائون ۽ پوءِ ان سان ئي هو مشهور ٿي ويو . ٿي سگهي ٿو تـــــــــ جيئن موجوده وقت ۾ آهي تيئن ان وقت پڻ قادر بخش کي پيار مان قادن سڏيو هوندائون ۽ اصل نالوشايد قادر بخش هجي.
    : ولادت
    قاضي قادن جي ولادت بابت محققن جو رايو آهي ته اها 865ع کان 870ع واري عرصي دوران ٿي هوندي .ڇاڪاڻ ته جيستائين تُز حقيقت منظرعام تي نٿي اچي ، تيستائين سندس ولادت جو ڪو سال مقرر ڪرڻ انتهائي ڏکيو عمل آهي .
    بهرحال هن ان عرصي دوران قاضي ابوسعيد جي گهر جنم ورتو ، سندس ڏاڏي جو نالو قاضي زين الدين ۽ تاريخ معصومي ۾ اچي ٿو ته
    ٻن واسطن کان پوءِ سندس پڙڏاڏي جو نالو پڻ قاضي قاضن هو.
    هاڻ جيڪڏهن سندس پڙڏاڏي جو نالو قاضي قاضن هو ، ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته قاضي قادن جو نالو به قاضي قاضن ئي هجي ! ڇاڪاڻ ته اسان سنڌين ۾ اهيو رواج عام طور تي مروج آهي ته اسان پنهنجن وڏڙن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکندا آهيون . بهرحال اها ڳالھ اڃا وڌيڪ تحقيق ۽ غور طلب آهي .
    : سندس خاندان
    سندس وڏڙا پهرين سيوهڻ ۽ پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيا ، ۽ آخرڪار سندن خاندان مان هڪڙو وڏو پرهيزگار ۽ متقي بلڪ اعليٰ پايي جو عالم قاضي ابوالخير جي نالي سان اچي بکر ۾ سڪونت پذير ٿيو . ۽ ان کان پوءِ هي خاندان هميشـــــــــ جي لاءِ بکر ۾ ئي رهائش پذير ٿي رهيو.
    پر پوءِ به ڊاڪٽر علامـــــــــــــــــــــــــــــ دائود پوٽي مطابق قاضي قادن سيوستاني هو . ۽ ڊاڪٽر نبي بخش مطابق هو بکر جو رهاڪو هو ، ان ڪري هن کيس بکري سڏيو آهي.
    تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿي ٿو ته قاضي قادن جا وڏڙا پنهنجي دور جا چڱا ڀلا عالم هئا . ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندن پالنا ۽ پرورش جو اثر قاضي قادن تي به ٿيو.
    قاضي قادن جي ڀائرن مان محض هڪ ڀاءُ جو ذڪر ملي ٿو. ان جو نالو قاضي ابو نصرالله هو. ۽ هو سندس وانگي قاضي جي منصب تي به رهي چڪو هو.جڏهن ته محققن مطابق سندس ٻيا ڀائر به هئا ! ان بابت ڪا به معلومات اسان کي محققن وٽان نٿي ملي ته انهن جا نالا ڪهڙا ڪهڙا هئا ، ۽ اهي ڪهڙو ڪم ڪندا هئا ! ان بابت قاري جي ذهن تي ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا. مثال طور ، يا ته اهي ايترو پڙهيل لکيل نه هئا جو ڪو وڏو عهدي ماڻي سگهن ها ، ۽ تاريخ جي تذڪري ۾ به اچن ها ؟ يا ته انهن جي قاضي قادن سان ڪجھ اڻوڻت ٿي هجي ، ۽ انهن جي پاڻ ۾ ايتري گهرائپ نه رهي هجي . بهرحال ڪجھ ته اهڙو هو ،جو اهي تاريخ جي تذڪري هيٺ ناهن اچي سگهيا!
    بدقسمتي سان اسان کي سندس شادي بابت به تاريخ ۾ ڪوبه اٽي ۾ لوڻ برابر به ذڪر نٿو ملي . ته هن گهڻيون شاديون ڪيون ۽ کيس گهڻو اولاد هو، بس فقط سندس هڪ پٽ ۽ ڌيءُ جو ذڪر ملي ٿو، پٽ جو نالو قاضي عيسيٰ ۽ ڌيءُ جو نالو بي بي فاطمــــ هو.

    :سندس شروعاتي زندگي ۽ تعليم
    سندس شروعاتي زندگي بابت اسان کي ٿوري مقدار ۾ معلومات ملي سگهي آهي ! جنهن جي بنياد تي اسان اهيو طئي نٿا ڪري سگهون ته سندس ٻالڪپڻو ڪيئن گذريو ۽ هن ڪنهن کان ۽ ڪٿي تعليم حاصل ڪئي.
    بس رڳو اندازن جي بنياد تي اسان اهيو قياس ڪيون پيا ته هو گجرات جي شهر نهروالـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ به ويو هو ۽ هن احمد آباد ۾ به تعليم حاصل ڪئي هئي .

    ،تاريخ معصومي وارو سندس علمي لياقتن بابت ٻڌائيندي لکي ٿو ته
    قرآن مجيد فرقان حميد جو ياد حافظ هو. قرائت ۽ تجويد جي پوري ڄاڻ هئس . علم حديث ، علم تفسير، اصول فقه ، فقه ۾ عالم ، تصوف ۾ وڏو عارف ، ۽ علم آلات( ڪُلن اوزارن جو انجنيري علم يا ٽيڪنالوجي ) ۾ اڪابر هو، انشاپردازي ۾ سندس ڪو مٽ ڪونه هو. حساب ۽ رياضي جي به ڄاڻ هئس

    جيڪڏهن تاريخ معصومي واري صاحب جي مطابق هو ايڏو وڏو عالم هو ، ته پوءِ اسان جيڪڏهن چئون ته شاعري کان علاوه سندس نثر تي به ڪم ٿيل هوندو، ۽ سندس ڪي مشهور ڪتاب به ضرور لکيل هوندا ! ، پر شايد اهي اڃا تائين اسان جي اکين کان اوجهل آهن. ۽ ان جي حاصلات جي خاطر اڃا اسان ايتري جاکوڙ به ناهي ڪئي! ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو .
    اسان کي جيڪا پڪي پڪائي ملي فقط ان تي ئي خوش رهياسين!


    :قاضي قادن جي دور جون جو سياسي ۽ سماجي حالتون
    تاريخ جي ورقن مان اسان کي اها پروڙ پوي ٿي ته قاضي قادن پنهنهي حال حيات ۾ سنڌ تي سمن ۽ ارغونن ٻنهي جون حڪومتون ڏٺيون. ۽ هو سمن جي دورِ حڪومت ۾ ڄام نظام الدين طرفان بکر جو قاضي به مقرر ٿيو.سمــــــ گهراڻي جي حڪومت جو باني مباني ڄام انڙ بن بابينو کي سڏيو وڃي ٿو ، ۽ سمن سنڌ تي لڳڀڳ 170 سال پنهنجي بادشاهت قائم رکي ، هن سڄي عرصي دوران سماجي ، سياسي ، معاشي ، علمي ۽ ادبي ماحول ۾ چڱي ڀلي تبديلي آئيي
    سنڌ جي سرتاج شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي سر ڪاموڏ ۾ جنهن حڪمران کي ڳايو آهي ، اهو پڻ سمن حڪمرانن مان هڪ هو.
    سما سخاوت ۾ به سڀني کان سرس هئا ، ڄام جکري ، ڄام اوٺي ۽ ڄام سپڙ وغيره جي سخاوت هنڌين ماڳهين مشهور هئي ، ۽ اهوئي سبب آهي جو سندن سخاوت کي ڀٽن ۽ ڀانن خوب ساراهيو ۽ ڳايو آهي .
    بهرحال سمن جو دور هڪ خوشحال ۽ ترقي يافتـــــــــــــــــــــــــ دور هو ، جڏهن ته سمــــــــ دور ۾ مذهبي تحريڪن جو به بنياد پيو ، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏي تحريڪ مهدوي تحريڪ هئي ، جنهن جي اثر هيٺ سنڌ جا ڪيترائي وڏا وڏا عالم ان تحريڪ جو حصو بڻيا.
    قاضي قادن به سمن جي ٻن حڪمرانن ڄام نندي ۽ ڄام فيروز ( آخري حڪمران ) جي دور ۾ قاضي جي منصب تي مقرر رهيو.
    پر پوءِ بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    هو 899 ه ۾ اتي جو قاضي هو جو ، بکر جي قلعي ۽ شهر کي قتل ۽ غارت کان بچائڻ لاءِ ، حملــــــــ آور شاھ بيگ سان صلح جو معاهدو ڪيائين . سمجهجي ٿو ته پوءِ هن سنڌ جي جنگ واري ماحول مان نڪري گجرات جو سير سفر ڪيائين.(قاضي قادن رسالو )
    سمن جي ڀيٽ ۾ ارغونن جي بادشاهت جو سڄو عرصو ، سنڌ ۾ ڪربلا وارو ماحول برپا هو . هر طرف ڦرلٽ جي ڌُم متل هئي ، خونريزي ۽ جنگ و جدل جو ماحول هو ، سنڌ جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال هو .
    سنڌ جي ڪيترن ئي سپوتن کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو ، ۽ ان وقت جي وڏيراشاهي طبقي ارغون حڪمرانن جو نه رڳو ڀرپور ساٿ ڏنو ، پر سنڌ تي حملي جي ڪوٺ به ڏني. سڄو عرصو سنڌ ۾ محشر جو منظر ڇانيل هو، عياش پرستي جي بوءِ عام هئي ، سنڌ جا واهڻ ۽ وستيون ويراني جو ڏيک ڏئي رهيون هيون .
    چيو وڃي ٿو ته اها صورتحال ڏسي ، قاضي قادن ارغونن سان صلح ڪري بکر جو قلعو انهن جي حوالي ڪيو هو ، سا ڳالھ سنڌ جو هڪ ٻيو محقق ۽ تاريخ نويس رحيمداد خان مولائي شيدائي صاحب ڪجھ هن ريت مسترد ڪندي لکي ٿوته
    شاھ بيگ مرزا عيسيٰ ترخان کي لشڪر ڏئي بکر جي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو ، جنهن قاضي قادن صاحب کان قلعو کسي قبضي ۾ ڪيو ، ۽ فاضل بيگ ڪوڪلتاش کي بکر مٿان نائب مقرر ڪري پوءِ سيوهڻ فتح ڪيائين .
    ان مان ثابت ٿئي ٿو ته قاضي قادن ارغونن سان ڪو ٺاھ ڪونه ڪيو هو ، بلڪ ارغونن ان کان اهو قلعو کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو ،۽ سندس سڄي خاندان کي به قيد ڪيو هو .
    قاضي قادن سنڌ ۾ ان وقت برپا ٿيندڙ مهدوي تحريڪ جي هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو ، ۽ ان تحريڪ جو باني مباني سندس ئي مرشد محمد احمد جونپوري هو ،جيڪو شاھ بيگ جو پڻ مرشد هو، جنهن جي مقصد بابت حامد علي خانائي صاحب لکي ٿو ته
    محمد احمد جونپوري سنڌ جي عالمن ۾ ٻه گروھ پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي عوام ۾ اتحاد ۽ ٻڌي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون فتنو مهدوي تحريڪ کڻي سنڌ ۾ آيو، اهو اصل ۾ شاھ بيگ جو مرشد هو ،جنهن سندس چوڻ تي هن صاحب قنڌار جي هڪ مسجد ۾ هڪ مدلل تقرير به ڪئي .

    مڪلي نامي ۾ وري ڪجھ هن ريت لکيل آهي
    هو سنڌ ۾ شاھ بيگ ارغون طرفان موڪليو ويو هو،جنهن هت پنهنجو هڪ مخصوص گروھ پيدا ڪيو. جنهن جو مُک سنڌي قاضي قادن ٿيو، هن گروھ سنڌ ۾ پئن اسلامزم ۽ فرقيواريت پيدا ڪري سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي ، حملـــــــــ آور جي جاسوسي ڪئي ، ۽ ان جو ساٿ ڏنو، جڏهن هي چند مغل سنڌ ۾ آيا تڏهن هرکجي پيا ۽ کين طمع ۽ لالچ وٺي وئي،۽ هنن چالبازيءَ سان دريا خان کي قتل ڪرڻ ٿي گهريو ، ان بيوفائي ڪرڻ ۾ هنن کي ذري ماتر به پرواھ ڪانه هئي .

    هاڻ اچون ٿا مير معصوم جي لکيل ڪتاب تاريخ معصومي تي جنهن ۾ هو لکي ٿو
    آخرڪار قاضي قاضن جي ڪوششن سان جيڪو ان وقت جي وڏن عالمن فاضلن مان هو ، غضب جي باھ اجهاڻي . خود قاضي جو اهل عيال به قيد ٿيل هو ۽ هن ديوانن وانگر ٺٽي جي گهٽين ڳلين ۾ پنهنجي وڃايل ڪٽنب کي پئي ڳوليو ؛ سو آخر عبارت آرائي سان هڪ رقعو لکيائين جنهن ۾ خلق جي تباهي جو احوال درج ڪيائين . اهو رقعو امام حافظ محمد شريف ، شاھ بيگ کي ڏيکاريو. ان جي پڙهڻ ساڻ شاھ بيگ جي دل تي زبردست اثر ٿيو ۽ پڙهو گهمايائين ته فوج مان ڪوبه ماڻهن جي مال ۽ عيال کي هٿ نه لائي. ان کانسواءِ پنهنجي ترڪش جو هڪ تير قاضي کي ڏنائين ۽ ساڻس پنهنجو ماڻهو گڏي ڏنائين ته جنهن ڏانهن به قاضي اشارو ڪري سو سندس حوالي ڪن.(تاريخ معصومي )
    مٿئين ٽنهي تاريخي بيانن جو جيڪڏهن پاڻ ۾ تقابلي جائزو وٺبو ته ٽئي هڪٻئي کان بنھ منفرد آهن .
    قاري ويچارو ته اصل تذبذب ۽ ٻڏتر جو شڪار ٿيو وڃي ، ڇاڪاڻ ته مٿي ڏنل ٽئي حوالا سنڌ ۾ تاريخي حوالي سان مستند ڪتابن منجهان آهن.
    ڪهڙي حوالي ۾ ڪيتري صداقت آهي ، اهو فيصلو ڪرڻ مکڻ مان وار ڪڍڻ برابر آهي ، انتهائي باريڪ بينيءَ سان جيڪڏهن ٽنهي جو جائزو وٺبو ته اهو ڪجھ هن ريت ٿيندو.
    حامد علي خانائي صاحب مطابق مهدوي تحريڪ هڪ فتنو هو ، جيڪو محمد احمد جونپوري جو مچايل سانگ هو ! ته ڪهڙو سبب هو جو قاضي قادن جهڙو عالم ۽ مبلغ ، شرع جو پابند ۽ متقي ان تحريڪ جو حصو بڻيو؟ هو نه صرف پنهنجي وقت جو عالم هو پر وقت جو قاضي به هو ، ۽ اهو به سمن حڪمرانن طرفان مقرر ٿيل ! ۽ هوڏانهن سندس مرشد جيڪڏهن ارغونن جو حمايتي هو ته پوءِ قاضي قادن ڪئين سندس پوئلڳ ٿيو ؟ ڇاڪاڻ ته قاضي قادن ته ظاهري طور سمن جو نوازيل هڪ مخصوص ماڻهو هو ؟
    مڪلي نامي ۾ لکيل آهي ته محمد احمد جونپوري جو پيدا ٿيل گروھ جنهن جو مُک اڳواڻ (سنڌ) ۾ قاضي قادن هو، ارغونن طرفان جاسوسي جو ڪم ڪري رهيو هو ، هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته جيڪو ماڻهو سمن جي حڪمراني ۾ ٺٺ ۽ ٺانگر سان قاضي واري زندگي بسر ڪري رهيو هو ته ان کي ڪهڙو لاچار ، جو هو ارغونن جي جاسوسي ڪري ؟
    جيڪڏهن اسان اهيو مڃي به وٺون ته قاضي قادن جو گروھ جاسوسي ڪري رهيو هو ۽ هو ارغونن طرفان سنڌ ۾ حملي جو حامي به هو ته پوءِ بکر جي قلعي تان قاضي قادن کي ڇو هٽايو ويو؟۽ سندس خاندان کي قيد ڇو ڪيو ويو؟ چيو وڃي ٿو ته اهو گروھ فرقيواريت ڦهلائي رهيو هو ، جڏهن ته قاضي قادن جي شاعري ۾ اسان کي اهڙو ڪوبه پهلوء نٿو ملي ، جنهن جي بنياد تي اسان چئون ته اهي فرقيواريت ۾ مبتلا هئا.
    پر وري ساڳي جاءِ تي ڏسجي ته ، شاھ بيگ جو آخر ۾ قاضي قادن جي مٿان پختو اعتبار قائم ٿيو ، ۽ کيس قاضي القضات جي عهدي سان نوازيائين ، پر اڳتي هلي هو پاڻ لڳ ڀڳ 947ھ ۾ ان عهدي تان مستعفي حج تي روانو ٿي ويو ۽ مير معصوم مطابق هن 958 ھ بمطابق 1551ع ڌاري مديني شريف ۾ وفات ڪيائين.
    بهرحال اهڙا کوڙ سارا سوال آهن ، جيڪي قاري جي مونجهاري جو سبب بڻجن ٿا ، پر پوءِ به اسان ان حقيقت کان منهن نٿا موڙي سگهون ته ، ارغونن جو دور هڪ جبر ۽ بربريت جو دور هو . وقت جي مورخن هن دور کي خرابي سنڌ جو نالو ڏنو آهي ۽ هن دور کي تاريخ جو بدترين غلامي وارو باب سڏيو وڃي ٿو .


    پر تعجب ان ڳالھ جو آهي ته قاضي قادن جي شاعري ۾ انهن حالتن جي عڪاسي ذري برابر به موجود ناهي ، جڏهن ته شاعر سماج جا ترجمان هوندا آهن، جيڪڏهن قاضي قادن کان پهرين وارن شاعرن جا جيڪي هڪ ٻه شعر مليا آهن ته انهن ۾ به اسان کي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي عڪس ملي ٿو ، مثال طور
    جڏهن ڄام تماچي ۽ سندس پٽ دهلي جي حڪمرانن طرفان گرفتار ٿيا ته ڄام جوڻو تخت نشين ٿيو ، ته ان وقت جي مشهور شاعر شيخ حماد جمالي ڄام تماچي جي حمايت ۾ بي ساختـــــ چئـي ڏنو ،

    جوڻو مت اوڻو ، ڄام تماچي آءُ
    سٻاجهي ٻاجھ پيئي، توسين ٺٽو راءُ.
    شيخ حماد جمالي وانگر مخدوم نوح جي شاعري ۾ به اهڙي قسم جو بيت ملي ٿو جيڪو هن ڄام تماچي جي حمايت ۾ چيو هو ،

    جوڻو وڃي ، جهوري ءَ ماريو
    ڄام تماچي ، تختين چاڙهيو.

    اهڙي ريت جيڪڏهن قاضي قادن هڪ خط ۾ سماج جو درد اُتاري هڪ جابر حڪمران جي دل ميڻ جيان ڳاري سگهي ٿو ، ته اهيو به ممڪن آهي، ته اهي حالتون ڏسي هن ڪي بي ساختـــــــــــ شعر به چئي ڏنا هجن . جيڪا ڳالھ پڻ هڪ تحقيق طلب آهي ، ته قاضي قادن ۽ سندس شاعري تي ان وقت جي سياسي ، سماجي ، معاشي ، جبري ، ۽ ظلميت سان ڀرپور حالتن جو اثر ڇا جي ڪري نه پيو ؟ ۽ هن انهن حالتن کي پنهنجي شاعري ۾ ڇا جي ڪري پيش ناهي ڪيو.


    قاضي قادن جو ڪلام:
    قاضي قادن جو ڪلام تاريخي لحاظ کان قديم يا آڳاٽو آهي ، پر اهو سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ هڪ بنيادي ۽ اهم حيثيت رکي ٿو ، ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعري جي سڄي عمارت ان جي بنياد تي ئي تعمير ٿيل آهي . ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو ناياب ۽ نادر ڪلام سنڌي قوم جو هڪ عظيم ورثو آهي . سندس ڪلام ، بيت جي چئني فارميٽس ۾ موجود آهي جنهن جو تفصيل ڪجھ هن ريت آهي ، سورٺا ( 50 ) ، دوها ( 51 ) دوهو _ سورٺو ميل ( 09 ) ، سورٺو _ دوهو ميل ( 22 ) ، بڙو دوهو ( 01)، تنويري دوهو ( 01 ) ، جڏهن ته هڪ مصرع وارو بيت به سندس ڪلام ۾ موجود آهي ، ڪل ملائي ( 135 ) هڪ سئو پنجٽيھ ٿين ٿا ، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ( قاضي قادن جو ڪلام ) جي نالي سان سندس رسالي ۾ ڄاڻايا آهن . جڏهن ته هيري ڄيٺالال ٺڪر 1978ع ڌاري جيڪي سندس بيت شايع ڪرايا ، انهن جو تعداد مجموعي طور (118 ) هڪ سئو ارڙنهن آهي ، جيڪي سنتون ڪي واڻي جي نالي سان هڪ گرنٿ ۾ ڪاجي ڪادن جي ڪِي سنڌي ساکي سنڌي اور ڀي ساڌان ڪي ساکي ايڪٺي جي نالي سان لکيل هئا جيڪي پوءِ بعد ۾ هيري ٺڪر صاحب ڪتابي صورت ۾ قاضي قادن جو ڪلام جي نالي سان اهي بيت شايع ڪرايا.
    بهرحال سندس ڪلام جي حاصلات جا مجموعي طور ڪل ڏھ ماخذ آهن . جيڪي پنهنجي دور جا اهم دستاويز آهن . انهن ماخذن ۾ تذڪره قطبيه ( جمال الدين ابوبڪر الله آبادي ) ، گلزار ابرار ( محمد غوثي شطاري مانڊوي ) ، بيان العارفين و تنبيه الغافلين ( ميان محمد رضا ) ، شاھ جو رسالو ، حڪايات الصالحين ( عربي ڪتاب روض الرياحين جو فارسي ۾ ترجمو ، جيڪو هڪ سنڌي عاڪم ڪيو ، پر سندس نالو معلوم ناهي ٿي سگهيو، خزانت المعرفت ( پير علي گوهر شاھـ ) ، ۽ ٻيا چار گرنٿن ، جيپور گرنٿ ، سنتون ڪي واڻي گرنٿ ، ورهد سڪل ويدانت وچار سار مت گرنٿ ، ۽ جيپور گرنٿ _ 2 جهڙا مشهور ڪتاب شامل آهن .
    جيتوڻڪ ڇھ ماهي مهراڻ جي رسالي ۾ سندس ڪلام تي تمام گهڻا اعتراض واريا ويا . ۽ مختلف اديبن طرفان اهيو رايو پيش ڪيو ويو ته اهو ڪلام سندس ناهي ، پر سندس ئي خاندان ۾ سندس بعد سندس ئي نالي سان قاضي قادن نالي هڪ فرد جو ڪلام آهي!
    پر هن تحقيق ۾ ان ڳالھ جو وري ٻيهر ورجاءُ ڪرڻ بيجا سمجهجي ٿو.
    قاضي قادن سنڌي شاعري کي ڀٽن ۽ ڀانن کان آجو ڪرائي ، ان ۾ نواڻ ۽ ندرت پيدا ڪري ، نيون تشبيهون ۽ استعارا ، ترڪيبون ۽ تلميحون ، نئون موضوع ۽ نئون اسلوب ، نئون موڙ ۽ نئون رنگ عطا ڪري ان ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ڪيو ، جنهن جو اثر سڄي ڪلاسيڪل شاعري تي چٽو پٽو نظر ايندو. بقول سنڌ جي مشهور شاعر تاجل بيوس ته
    اهو قاضي قادن ئي هو ، جيڪو درٻاري ۽ نيم تاريخي واقعن جي ڌٻڻ مان نڪري شاعري کي ڀٽن ، چارڻن ۽ ڀانن جي قصــــ گوئي شاعري مان ڪڍي ادبي معيار ڏانهن وٺي آيو. ( ٺڪر هيرو : قاضي قادن جو ڪلام ( مهاڳ))
    هن سنڌي شاعري جي فني ۽ فڪري ميدان ۾ تمام گهڻي وسعت آڻي ، ايندڙ شاعرن جي لاءِ هڪ نئون گس ڳولي لڌو، بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ته
    قاضي قادن سنڌي اساسي شاعري جو ابو ۽ سنڌ ۾ تصوف جي فڪر جو پهريون شارح آهي. ( قاضي قادن جو رسالو )
    بهرحال قاضي قادن جو ڪلام سنڌي ادب ۽ ٻولي ۾ هڪ بي بها خزانو آهي . جيڪو اسان سڀني جي هڪ املھ ميراث مثل آهي .


    :قاضي قادن جي ڪلام جو فني جائزو
    فني حوالي سان قاضي قادن جي شاعري علم ڇند وديا جي بنياد تي آڌاريل آهي ، ان ۾ فني پختگي به اعليٰ سطحي درجي جي نظر اچي ٿي ، سندس ڪلام اسان کي بيت جي چئني فارميٽس ۾ ملي ٿو ، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هو نه رڳو شاعري جي فن کان پوري طرح واقف هو ، پر کيس ٻين ٻولين جي شاعري جو به گهرو مطالعو ٿيل هو. فني حوالي سان اسان کي جيڪي شيون سندس ڪلام ۾ ملن ٿيون ، تن جو تفصيل ڪجھ هن ريت آهي .
    :ٻولي
    سندس ڪلام ۾ جيڪا ٻولي استعمال ٿيل آهي ، اها ان وقت جي يعني 16 هين صدي جي سنڌي ٻولي آهي ، جنهن مان پتو پوي ٿو ، ان وقت هن خطي ۾ سنڌي ٻولي ڪهڙي صورت ۾ موجود هئي . جڏهن ته موجوده دور ۾ ان جو استعمال بلڪل ئي نٿو ملي ، ان جو سڀ کان وڏو سبب ٻولي جو پنهنجن ارتقائي مرحلن کي طئي ڪرڻ آهي ، هر دور ۾ هر ڪا ٻولي پنهنجون مختلف صورتون بدلائيندي رهي ٿي . ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا . قاضي قادن جي ٻولي بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته
    پرک جو پهريون معيار قاضي قادن جي ٻولي آهي ، جيڪا 16 هين صدي عيسوي ۾ بکر جي علائقي واري سنڌ جي اتر ۽ سري واري سنڌي ٻولي هئي ، جنهن سان آڳاٽي دور کان سرائيڪي ٻولي جي آميزش ٿي . ( قاضي قادن جو رسالو )
    هو اڳتي لکي ٿو ته
    تاريخي لحاظ سان قاضي قادن ان آڳاٽي دور جو شاعر آهي ، جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ادبي عبارت ، شعر ۽ بيان جي اوسر ٿي رهي هئي ، انهيءَ ڪري قاضي قادن جي اسلوب بيان تي قدامت جو رنگ چڙهيل آهي . سندس اسلوب بيان ، گهڻي حد تائين ڳرو ۽ ڳوڙهو آهي ۽ ان جي لفظن جي جوڙ ۽ سٽاءُ ۾ انوکائي آهي . ( 4)
    جيتوڻڪ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس ڪلام جي ٻولي ڳوڙهي ضرور آهي ، جيئن هي بيت ملاحظــــــــــ ڪريو
    ڌَر جيون ڌوئنس سهن ، ڳورائي پر بت جيون
    سيئي سيڻ ڪجن ، آئي واءَ نه لُڏڻا.
    پر اها ڳوڙهائپ اسان کي سندس ڪجھ بيتن ۾ ملي ٿي ، ڇاڪاڻ ته سندس ڪي بيت اهڙا به آهن جن کي پڙهڻ سان معنيٰ ازخود سمجھ ۾ اچيو وڃي، مثال طور
    لائي لام الــــــــــف ســـان ، ڪـــــــاتبُ لکي جيئن
    مـــــــــــون هـــــــــينڙو پريان سان ، لڳو آهي تيئن.

    اسين سڪون جَن کي ، تان سي اسين پاڻ
    هاڻي وڃ گمـــــــــان ، ســــــــــهي ســـــــــــــــــــــڃاتا ســپرين.

    اهڙا کوڙ سارا بيت ٻيا به ملن ٿا ، جيڪي عام فهم زبان ۾ چيل آهن .
    قاضي قادن جي ڪلام ۾ نه صرف سنڌي ٻولي پر ان ۾ سرائيڪي ٻولي ، هندي ٻولي ، سنسڪرت ٻولي ، پراڪرت ٻولي ، پالي ٻولي ، پنجابي ٻولي ۽ فارسي ٻولي ، وغيره جهڙين ٻولين جا لفظ اسان کي سندس ڪلام ۾ ڪي جهجا ته ڪي ٿوري مقدار ۾ استعمال ٿيل ملن ٿا ، مثال هيٺون بيت اسان کي مڪمل طور سرائيڪي ٻولي جو ملي ٿو ،

    ٻيان ڪـــــــون ڪِيا روئيي ، ڏک آپڻي ڪُون رو
    ٻنڌ سمــــل ، ٿي ســـــاختي ، اِٿ نه رهسي ڪــو.

    سندس ڪلام جو لهجو نج پج اترادي آهي ، مثال طور اسان چونداسين ، کٽون ته اترادي چون کٽان ، اسان جيڪڏهن چئون مُڪون ، هو چون مُڪان وغيره وغيره ، اهڙي ريت سندس هيٺين بيتن سندس اهڙو لهجو ظاهر ظهور نظر اچي ٿو .

    زيـــــران زبــــران آيـــــتان ، اکران انت نه پار
    هڪڙي ئي ايمان ۾ ، لهين سڀني سار.

    اڀرندي سِـــــجان ، پرين جي نه پسنديون
    ڪـــــــــــــــڍي کي ڪــــــــــــانگان ، نوالا نيڻ ڏيان.

    هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪن لفظن جا اسم تصغير استعمال ڪيا آهن ، جنهن سان سندس ڪلام ۾ حسناڪي جو هڪ بيحد دلڪش ۽ دلپذير اضافو ٿيو آهي ۽ ان جهڙو مثال اسان کائنس اڳ ڪٿي نظر نٿو اچي .
    ڪـــــــهي ڪـــــــيا شــــــــــــهيد ، تو جي اکڙين سان
    تن تنهنجي تاتڙي ، نه ڪو عيش نه عيد.

    پــــــــريان ســــــندي ڳالهڙي ، مر منجهين هوءِ
    ٻـــــــــــڌائي ٻـــــــــــــين کي ، ڪيهوڪـــــــــاڄ ســـــــــــريوء.
    اهڙي طرح ، تات جي بدران تاتڙي ، ڳالھ جي بدران ڳالهڙي ، رات جي بدران راتڙي ، هنج جي بدران هنجڙو ، هنياءُ جي بدران هنيڙو ، جهڙا لفظ اسم تصغير جا بهترين مثال اسان کي سندس ڪلام ۾ ملن ٿا.
    قاضي قادن جي ڪلام ۾ ٻولي جون ٻيون به کوڙ ساريون خوبيون ملن ٿيون، جيڪي هتي بيان ڪرڻ کان مٿي آهن .
    تشبيھ :
    ڪنهن هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان ڪن صفتن ۾ ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيھ چئبو آهي ، ڇاڪاڻ ته تشبيھ لفظ جي لفظي معنيٰ ئي مشابهت ڏيکارڻ يا ڀيٽ ڪرڻ آهي.
    قاضي قادن جي ڪلام ۾ اهڙي قسم جو ڪيتريون ئي تشبيهون ملن ، جيڪي بنھ نيون ۽ هڪٻئي کان منفرد آهن . هتي نموني طور ٻه مثال پيش ڪجن ٿا،
    ڪــــــنز، قدوري ، ڪافيـــــــه ، جي پڙهي پروڙين سڀ
    ڪر منڊي ماڪوڙي کوه ۾ پيئي ڪڇي اَڀ.

    جُه مهراڻ موج ڪئي ، تــه ڇـــــــــــاڳَر سهي نه سَــــــٽَ
    ايــــــــئن پــــــــــريان جي ڳـــــــــــــالهڙي ، رهـــــــــي نه انــــــدر گهٽَ.

    ظاهري علم تي وڏائي ڪرڻ واري جي منڊي ماڪوڙي سان ، ۽ درياھ ۾ پاڻي جي اٿل پٿل سان سڄڻ جي سار جي تشبيھ ڏيڻ اهيو صرف قاضي قادن جو ئي ڪمال آهي .
    استعارو:
    استعاري جي لفظي معنيٰ آهي ، اڌارو وٺڻ ، ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ ڪنهن لفظ جي اصل معنيٰ ڪڍي اڌاري ڪم آڻڻ . تشبيھ ۽ استعاري ۾ تفاوت معلوم ڪرڻ خاطر اسان هيٺيون مثال وٺي سگهون ٿا.
    تشبيھ
    فلاڻو ٿلهو جهڙو پاڏو !
    استعارو
    فلاڻو صفا ڪو پاڏو آ.
    قاضي قادن جي ڪلام ۾ اسان کي جتي تشبيھ جو استعمال ملي ٿو ، ته اتي استعاري جو استعمال به ضرور ملي ٿو، مثال طور

    سـيئي سيل ٿيام ، پڙهيام جي پاڻ لئه
    اکــــــــــــر اڳيان اڀــــــري ، واڳون ٿي وريام.

    اڇـــــــــا ٻـــــــــــگھ مَ پـــــــــس ، ور ميرا هنجهڙا
    رتا جي خالق سين ، تني لڳي مَ ڪس.
    مٿيئن بيتن ۾ ظاهري علم کي واڳون ۽ جيڪي سچا عاشق آهن انهن جي لاءِ هنجن جو ، ۽ جيڪي رڳو عاشقي جي ڪوڙي دعويٰ ڪن تن لاءِ ٻگهن سان علامتي استعاري جا بهترين مثال اسان کي سندس شاعري ۾ ملن ٿا.
    ترنم ۽ لئي :
    سندس شاعري جي هڪ وڏي خوبي ان ۾ موجود ترنم ۽ لئي جي آهي ، اسان کي سندس ڪلام ۾ ڪجھ اهڙا بيت ملن ٿا، جن ۾ نه رڳو سليس ۽ سادن لفظن جو استعمال ملي ٿو ، پر ساڳئي جاءِ ترنم ۽ لئي جهڙا عنصر به ملن ٿا ، مثال طور
    سُتي ، ويٺي ، اُٿيي ، ڳالهائيندي ، ڳيندي
    اسان تسان جي تاتڙي واٽڙئين ويندي.
    مٿئين بيت ۾ نه فقط ترنم ۽ لئي جو دلچسپ نمونو ملي ٿو ، پر ان سان گڏوگڏ اسان تسان (تجنيس مڪرر) ۽ پهرين سِٽ ۾ اسان کي صنعت متناسبب جو به هڪ بهترين امتزاج ملي ٿو.
    اندروني قافيــــــــــــــ :
    سندس ڪلام ۾ ڪن بيتن ۾ اسان کي اندروني قافين جو استعمال به ملي ڪجھ بيت ملاحظ ڪريو،
    سڄڻ ڏُچڻ ڏيک ڪِي ، چت نه ڪجي ڀَنگُ
    لــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــوئي ٿيئي پـــــــــــارچِي، لاک نه ڇــــــڏي رنـــــگ.

    ڀــــــــــــــــڳو ســـــــــــــــــــڄو نه ٿــــــــئي، مــــــــــــــــــــــــــــــــــن موتاهلُ ڳچ
    ڪنين ســــــــــــــــــڻيو نه مـــــــــــــــــــــــــــنيئي، اکين ڏٺو سچ.

    قافيي جو ورجاءُ:
    اُلان جيهي نه اُل ، تسان نه اسان جيتري
    پــــــريان جامع اُل ، تنه سان ٻيائي ڪـــــــــــري.
    ڪمزور قافين جو استعمال:
    لـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڳي وڃان پير، دانهان ڪندي ڏونگرين
    سوئي سڄڻ ميڙ ، جنهين مون هئون وئا کڻي.

    جيئن ڦڦڙ ماه ۾ ، ايئن روزا عيد نماز
    اڃان آهي ڪا ٻئي، الله سندي حاج.

    صنعتن جو استعمال :

    سندس ڪلام ۾ هيٺين صنعتن جو استعمال ملي ٿو.
    تجنيس حرفي:
    پهرين پـــــــــــــــــــاڻ پـــــــــــرک ، پــــــــرين پــــــــــــرکڻ سوکڙا
    در ڀي ســـــوئي رک، جتـــــــــــان ڏِکائـــــــــــــــــــــون لهين.

    تـــــــــوڙي تـــــــــڙين تيئن ، تـــــوھ تنهنجو آســــــــرو
    تـــــــــــو در وڻــــــــــــان ڪــــــــــيئن ، اي وڙ وڏا راڄيا.


    صنعت مڪرر:
    جوُن جوُن پاڙھ ۽ لِک ، ڪوڙين ڪُتبيان پڙهين
    ايءَ سڀائي سِک، جــــــــــــــــــــــان جــــــــــــــــــــــان پريان نه مڙين.

    جان جان سو نه پسن ، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا
    تان تان سنــــــــــــــــــــــاســــــــــــــــــــــين ، ورھ وهـــــــــــــــــامي راتـــــــــــــــڙي.

    صنعت ذوقافيتين:

    ڪاغذ ڪاري اکرين ، مون واچيندو اَلڌو
    ســــــــڄڻ اَڇــــــــــي اکـــــــــــــــــــرين مون لــــــوڙيندو لڌو.
    مٿيئن بيت ۾ نه صرف صنـــــــــــــــــــــــــــــــعت ذوقــــــــــــــــــــافيتين جو استعمال ملي ٿو ، پر ان سان گڏوگڏ ، لــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڌو ۽ اَلــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڌو (صنـــــــــــــــــعت متـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــضاد)، ڪـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــارين اکرين ۽ اَڇــــــــــــــــي اکرين(صنعت متضاد) جو به استعمال ملي ٿو.

    صنعت ايهام :
    جـــــــــــــــــــــــــــــــــوڳي جـــــــــــــــاڳايوس ، ستو هئس ننڊ ۾
    تـــــــــــهان پوءِ ٿـــــــيوس ، پريان سندي پيچري.
    صنعت سوال و جواب :
    آپـــــــــــــــــــــيري ۾ پـــــــــــــــــــــــــــــــــير ، ڪنهين لــــــــــــــــــــــــــڌو پــــــــــــــــــــــيريئن
    تنه ڀون سندو ڀير ، ڪوڙين منجھ ڪو لهي.

    صنعت لزوم مان يلزم:

    سوئي هيڏانهن ، سوئي هوڏانهن ، سوئي سو وسي
    تهين ســــــــــــــــــندي ســــــــــــــوجهري، ســـــــــــــــــــــــــــــوئي ســـــــــــــــــــــو پسي.

    تـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــون آڌار سڌار تــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــون ، تــــــــــــــــــــــــــــــــــــون آڏائو اَڏ
    تــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــون ئي اکڙين ۾ ، تــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــون ئي انــــــــــــــــــــــــــــدر هڏ
    ڳل لــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڳي ڳالھ چوان ، ڪيهي حاجت ســـــــــــــــــــــــــــــڏ.

    صنعت تلميح:
    ڪن ڪلاچيءَ پار ، سڏ نه سُچي ساٽئين
    گهاتُوئين ســـــندا مڪُرا ،ڪنه تڙ ٻئي نهار.
    (مورڙي جي قصي ڏانهن اشارو)

    اڄ جِـــــــــــــــــــــــــــــــــمَ ڪِــي ماءُ ، هنيڙو مان ڪُورُ ٿيو
    جو نه پئيم سماءُ ، ته صحي مڙندو سڄڻين.
    ( سسئي ۽ پنهون جي قصي ڏانهن اشارو)

    صنعت ڪلام جامع:
    تـــــــــــوڙي وڃي رُوم ، ناھ نصيبون اڳرو
    ماني مٿي ٿوم ، جئن جو لکيو چٺيءَ ۾.

    رب ســـــــــــــــــــــــــــــڃاڻڻ سُٿرو ، پاڻ ســــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڃاڻڻ ڏک
    تان تان ڪج مَ سُکُ ، جان جان پسين پاڻ کي.

    ورجاءُ يا ورجيسي جو استعمال:

    ورجاءُ جا بهترين مثال اسان کي سندس ڪلام ۾ ملن ٿا ، مثال طور
    جـــــــــــي مــــن مانه سي نانه ، جي نانه سي گهڻا
    موڙهو منجھ وڳانه، هينڙو نولي ڍور جئن.

    جـــــــــــي مــــن مانه سي نانه ، جي نانه سي گهڻا
    تني ڪبو ڪانه ، جن گڏيي گوندر نه لهي.

    تـــــــون چئــــ الله هــــيڪڙو ، وائــــي ٻي مَ وار
    سوئي ڏيو ٻار ، جو نه اجهامي ڪڏهن.



    اکـــــــــــــــــــــر ٻيا وســــــار ، الف اڳيون ئي ياد ڪر
    سو تون ڏيو ٻار ، جو نه اجهامي ڪڏهن.

    قاضي قادن جي ڪلام جو فڪري جائزو :
    فڪري حوالي سان اسان کي سندس ڪلام ۾ ڪيترائي نت نوان موضوع ملن ٿا ، جيڪي بلڪل ئي منفرد ۽ نرالا آهن ، ان کان اڳ وارن شاعرن وٽ اهڙي قسم جا موضوع اسان کي ڪونه ٿا ملن . قاضي قادن کي سنڌي شاعري ۾ فارسي جي شاعر ابو سعيد ابو الخير واري حيثيت حاصل آهي ، ڇاڪاڻ ته هن سڀ کان پهرين تصوف جهڙي موضوع کي سنڌي شاعري ۾ جهجي مقدار ۾ متعارف ڪرايو ، قاضي قادن جيڪي موضوع پنهنجي ڪلام ذريعي سنڌي شاعري ۾ آندا ، اهي ئي موضوع بعد ۾ ايندڙن شاعرن به پنهنجي پنهنجي شاعري ۾ اختيار ڪيا . پر انهن ۾ تمام گهڻي جيڪا وُسعت آندي ، تن ۾ پهريان ميان شاه عنات ۽ بعد ۾ شاعرن جي سرتاج شاھ لطيف تمام اهم ڪرادر ادا ڪيو ، قاضي قادن جي شاعري ۾ نه صرف تصوف جو موضوع ملي ٿو پر ان سان گڏوگڏ ، توحيد ، سچائي ، سورهيائي ، عشق ، محبت ، وصال ۽ وڇوڙو ، درد ۽ درمان ، رنج و الم ، آھ و زاري ، عوامي قصا ، همت ، جدوجهد ظاهري علم بابت تنبيھ، ڌڻي جو حمد ، وغيره وغيره جهڙا موضوع عام ملن ٿا .
    هو چوي ٿو ته سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ گهرجي ، جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي ، ورلي ئي ڪو اهڙو ماڻهو ملندو جيڪو پنهنجو پاڻ کي سچ چوندو ، هن چيو ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ کان پوءِ ئي رب ملي سگهندو . ۽ اهو سڀني صوفين جو اولين مول متو آهي ، يعني اندر جي آرسيءَ تان دز کي ڌوئي صاف ڪبو ته پوءِ ئي سڄڻ جي صورت نظر ايندي .تڏهن ئي خواجه محمد زمان لواري واري فرمايو آهي ته
    صوفين صاف ڪيو ، ڌوئي ورق وجود جو
    تـــــــــڏهن تـــــــــــــــــــــــــــــــــــــن ٿيو ، جيئري پسڻ پرين جو.
    من عرف نفسه فقد عرف ربه ، سو سڀ کان پهرين پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ سلوڪ جي واٽ جو اولين ڏاڪو آهي.
    قاضي قادن فرمائي ٿو ته
    پــــــــهرين پاڻ پرک ، پرين پرکڻ سوکڙا
    در ڀي سوئي رک، جتان ڏکائون لهين.
    يا هي بيت ملاحظـــــــ ڪريو ،
    پــــــــــــــيرين پـــــــــــــــــــاڻ وڃــــــــــــاءِ ، پــــــــــــــــــاڻ وڃـــــــائي هوءُ له
    تهان ڌار نه سپرين ، منه اندر منجهئين پاءِ.
    هاڻي هن پنهنجي اند ۾ جهاتي پاءِ ڏٺو ته جنهن جي لاءِ هن پَر ۾ پڇائون پئي ڪيون ، اهو ته پاڻ آهي ،
    پنهون ٿيس پاڻ ، سسئي تان سور هئا.
    (شاه)
    قاضي قادن فرمائي ٿو،
    اســـــين سڪون جن کي ، تان سي اسين پاڻ
    هاڻي وڃ گــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــمان ، سهي سڃاتا سپرين.

    هو چوي ٿو ته جي پرين جي حب رکين ٿو ، ته پوءِ پنهنجو پاڻ روئي پڌرو نه ڪر ، يعني ڏيکاءُ ڪرڻ ضروري ناهي ، بلڪ پنهنجي جسم کي جيئن باھ ۾ ڪاٺي ٻري ڇار جي صورت اختيار ڪري ٿي ، تون به ائين پنهنجو پاڻ جلاءِ جيئن پنهنجي هستيءَ کي محبوب جي هستيءَ ۾ فنا ڪري سگهين .
    نهائين ءَ کان نينهن ، سک منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهــــــــر ٻاڦ نه نڪري.
    (شاه)
    هر يک بميرد بار ، يک بيچاره جامي بارها (جامي)
    يعني هر هڪ ماڻهو رڳو هڪ ئي دفعو مري ٿو پر جامي ويچارو ته بار بار مري ٿو .
    ائين قاضي قادن به فرمائي ٿو ته ،
    روئي ڪـــــــــــــــــــــر مَ پــــــــــــــــــــــــــــــــــڌرو ، هــــــٺ منجهيئي حال
    جان جان پريان نه مڙين ، تن ڪاٺي جيئن ٻال.
    يا هڪ ٻئي بيت ۾ فرمائي ٿو ٿه
    پريان سنـــــدي ڳالهڙي ، مر منجهين ئي هوءِ
    ٻـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــڌائي ٻين کي ، ڪيهو ڪاڄ سريوءِ.

    هو غافل ٿيڻ کان روڪي ٿو ، ۽ ڪجھ ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو ، هن پنهنجي زندگي جو تجربو به بيان ڪيو آهي ته هن دنيا ۾ سواءِ پنهنجو پاڻ پتوڙڻ جي ٻيو ڪجھ به حاصل ناهي ٿيڻو ، يار دوست سڀ وقتي آهن ، ان ڪري عفلت ڇڏ ۽ ڪجھ ڪرڻ جو سوچ!
    جــــي اتر جي لاھ ، سڄڻ سڀ پرکئا
    ريءَ پنهنجي کٽئي، سُڀر ٻري نه باھ.

    يا هڪ ٻئي بيت ۾ چوي ٿو ته ،
    ستون ساري رات ، منهن ڍڪي مئن جيئن
    نه تون ســـــــــــــمر تات ، نه جهوري تو آھ ڪا.

    قاضي قادن اهو واحد شاعر آهي ، جنهن سڀ کان پهرين مرشد يا رهبر لاءِ جوڳي لفظ ڪم آندو ، ۽ فرمايائين ته ، هن کيس جاڳايو نه ته پرين جي پيچري جي خبر ئي نه هئي.
    ڇاڪاڻ ته مولانا رومي چيو ته
    تــــــــــــــــــا ز لا لا مي ، گريزي وصل نيست
    ز انکــــــــ لا لا را ز، شاهد فصل نيست.
    يعني ، جيستائين تون محبوب جي خدمتگذار کان پاسو ڪندين ، تيستائين تون محبوب سان ڪو نه ملندين ، ڇو ته محبوب هن کان پري نه آهي .
    قاضي قادن فرمائي ٿو ته
    جــــــــــــــــــــوڳيءَ جاڳايوس، ستــــــو هئس ننڊ ۾
    تهان پوءِ ٿيوس ، سندي پريان پيچري.
    يا جن سناسين جو مقصد پرين کي پسڻ آهي ، جيستائين هو کيس نٿا ڏسن ته پوءِ سندن هڪ هڪ رات سال برابر گذري ٿي ،
    جان جان سو نه پسن ، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا
    تــــــــــان تــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــان سنــــــــــــــــــــــــــــاسين ، ورھ وهامي راتڙي.
    ۽ جڏهن کين سندن محبوب جو ديدار ٿيو ته پوءِ خواجه محمد زمان لواري واري جي چواڻي ته
    ســــــــڄڻ ڏٺو جن ، تن ڏسڻ غير گناھ
    جنين لڌي راھ ، ويهڻ تنين ويھ ٿيو.
    واري ڪار ٿيندن .
    جن کي محبوب پنهنجي سهڻين اکڙين سان ڪُٺو ، انهن جي ڪهڙي عيد ٿيندي ، کين ڀلا ڪهڙيون خوشيون !
    هو ته هر وقت ان ئي يادگيري ۾ آهن ته وري ڪڏهن ٿي محبوب جي مهرِ نطر ٿئي.
    ڪـــــــــهي ڪيا شهيد ، تو جي اکڙين سان
    تن تنهنجي تاتڙي ، نڪو عيش نه عيد.
    يا
    ايءَ پَرِ سندي سڄڻان ، جي ڪهن جي ڪوٺين
    هو تقدير جو قائل آهي ، ۽ چوي ٿو ته جيڪو لوح محفوظ ۾ لکيل هوندو ، اهوئي ملندو ، چاهي کڻي ڪٿي به وڃو.
    توڙي وڃي رُومَ، ناھ نصيبون اڳرو
    مــــــــــــاني مٿي ٿوم ، جئن لکيو چٺي ۾.
    هاري جي محنتي هوندو ، ۽ پنهنجي زمين تي محنت ڪندو ته کيس پيداوار به سٺي ملندي ، پر جي ٻنيءَ ۾ جيڪو ڪن ڪاڄر ٿئي ۽ ان کي صاف به نه ڪري سگهي ، ته پوءِ من پسند پيداوار ڪٿان حاصل ڪري سگهندو.
    ڪڍي ڪاڄوراء .، جني ٻج نه پوکيو
    راهون روح رچنديون ، تني کي ڪياء.
    سورھيـــــــ اهو آهي ، جيڪو مچي ميدان ملهائي ، باقي رڳو ٺلهي ۽ سکڻي دعويٰ سان ڪو پنهنجو پاڻ بهادر نٿو سڏرائي سگهي .
    تان تان سورھيــــــــ سڀڪو، جان جان مَھَ نه مڙن
    رُڪ وهندي ســــــــــــــــــــــــــــامهون ، سورهيـــــــ سي جاون.

    هو چوي ٿو ته ، جنهن سان نيهن اڙايئن ٿو ، ته ان لڪاءِ نه ڇاڪاڻ ته جيڪي عشق ڪندا آهن ، انهن جو اهيو مَرڪ ناهي ته هو ، پنهنجي عشق کي لڪائيندا وتن ، عاشقي جي دعويٰ ڪرڻ وارا نروار ٿي بيهندا آهن ، جي منصور نروار نه ٿئي ها ، ته پوءِ سوليءَ تي ڇو لٽڪايو وڃي ها ، تڏهن ته ڪنهن هندي جي شاعر ڇا نه خوب فرمايو آهي ته
    ڪــــــهي آگ پتنگ نُون ، تُج مُج سي چاءُ
    اِڌر اُوڌر ڪيون ڪري ، سِر ڏئي سيداءُ.
    يعني ، باھ پتنگ کي چيو ته جيڪڏهن توکي مون سان چاهت آهي ، ته پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڇو ٿو ڦرين ، سڌو ٿي سِر ڏئي.
    قاضي قادن به فرمايو ته
    پَئُــــــ پــــــــڌر سيڻان ، لڪج لڪندين ڪيترو
    ٻُڏا چاءُ سندان ، ڪوڏئون سڄا ميهڻا.

    هن کي جڏهن محبوب ملي ٿو ، ته هر شيءِ وساري ويهي ٿو ، ايستائين جو ان لاءِ هر عبادت کان افضل سندس محبوب جو وصال آ ، هن لاءِ عيد ۽ سعيد به محبوب سان ملڻ آهي .
    تڏهن ته حافظ به چئي ڏنو،
    وصال دوست گرت دست مي دهد يکدم
    بــــــــــــرو کــــــ هر چــــــ مراد است در جهان داري.
    يعني جيڪڏهن دوست جو وصال هڪ گهڙي لاءِ به هٿ اچي وڃي ، ته پوءِ تون هليو وڃ ، سمجھ ته توکي ٻنهي جهانن جي مراد ملي وئي.
    خواجه محمد زمان به فرمايو ته
    ڇڏيان هي جهان ، هو پڻ گهوري گهوريان
    پلڪ پريان ساڻ ، جي مون سَري جيڏيون.
    قاضي قادن فرمائي ٿو ته
    مـــــــــــــــــــــــــــاءَ ! مُــــــــــــــــــــــــــــصلي وير ، هاڻي ويئي وسري
    عيد ڪريندي ڪير ، مان کي سڄڻ گڏيو.
    بهرحال سندس ڪلام ۾ جتي درد و فراق جو بيان آهي، اتي محبوب سان وصال جو به عڪس ملي ٿو ، هن وٽ مايوسي جو تصور نه، بلڪ اميدي جو اُتساھ ملي ٿو .
    هو پنهنجي هستيءَ جي شناخت تي زور ڏئي ٿو، پنهنجي هستيءَ کي محبوب جي ڪاڻ چکيا تي چاڙهڻ جو ڏس ڏئي ٿو. ڪوڙا عاشق کيس ٻگھ ۽ سچا عاشق کيس هنج جي روپ ۾ نظر اچن ٿا .
    سندس ڪلام ۾ جتي تصوف جا راز سمايل ملن ٿا ، ته اتي سماجي عڪس نگاري به ملي ٿي .
    هو فني ۽ فڪري حوالي نه صرف هڪ منفرد شاعر آهي ، پر پنهنجي دور جو هڪ سچو صوفي ۽ درويش قسم جو ماڻهو آهي ، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري مان پتو پوي ٿو ته ، هو هڪ اعلي پايي جو صوفي شاعر آهي .
    سندس ڪلام جو ٻين شاعرن تي اثر
    شاعري جي دنيا انتهائي دلچسپ ۽ دلفريب آهي ، ڇاڪاڻ ته نثر جي ڀيٽ ۾ شاعري پڙهندڙ تي هڪدم پنهنجو اثر ڇڏي ٿي . ڪالرج چيو ته ، تنهن ڪري
    شاعري جو مقصد فوري طور تي متاثر ڪرڻ آهي .(11)
    ڪلاسيڪيت تحريڪ ۾ هميشــــــ ان تحريڪ جا حامي اهيو راڳ آلاپيندا رهيا ، ته هر پهرين شاعر جي شاعري جو اثر ٻئي شاعر جي شاعري تي هر حالت ۾ ٿئي ٿو ، انهن ۾ انفراديت جو سوال ئي پيدا ئي نٿو ٿي سگهي .
    ۽ اهو اثر فني ۽ فڪري مطلب ته ٻنهي صورتن ۾ ٿئي ٿو.
    اهڙي طرح اسان جيڪڏهن سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري کي باريڪ بينيءَ سان جاچي ڏسنداسين ، ته انهن به هڪ ٻئي کان فني ۽ فڪري حوالي سان اثر ضرو ورتو آهي ، ۽ اها روايت سڀ کان پهرين اسان کي شاھ ڪريم وٽان ملي ٿي ، جنهن کي قاضي قادن جي شاعري متاثر ڪيو ، ايستائين جو سندس بيت ياد ڪري پنهنجن مريدن ۽ معتقدن کي ٻڌائيندو هو .۽ خوشقسمتي جي ڳالھ اها آهي ته سڀ کان اول شاھ ڪريم ئي اهو واحد فرد هو ، جنهن اسان کي قاضي قادن جي شاعري کان واقف ڪرايو ، نه ته پهرين ڪنهن کي اهيو پتو ئي ڪونه هو ، ته ڪو قاضي قادن جهڙو شاعر به آهي !
    ان کان قاضي قادن جي شاعري جو اثر ٻين شاعرن جهڙوڪ ، ميان شاه عنات ، شاھ لطيف ، خواجه محمد زمان وغيره تي به ٿيو . انهن شاعرن قاضي قادن جي دوهن جا هڪ چرڻ يا هڪ سِٽ ايستائين جو شاه لطيف سندس ڪنهن بيت ۾ هڪ ٻه لفظن جي ڦير گهير ڪري پنهنجي شاعري ۾ اهي شامل ڪيا آهن . جڏهن ته ڪي بيت سڌا سنوان سندس رسالي ۾ ڏنا ويا آهن ، جيڪي اصل ۾ قاضي قادن جا ئي هئا.
    سڀ کان وڏي ڳالھ ته اسان هميشــــ اهيو ٻڌندا پيا اچون ته شاھ ڪريم جي ڪتاب بيان العارفين ۾ اسان کي فقط ست بيت مليا آهن ، جيڪي اصل قاضي قادن جا آهن . پر بلوچ صاحب جي تحقيق موجب انهن جو تعداد ڪل ( 21) آهي ، جيڪي هن مختلف ماخذن مان ڳولي لڌا آهن ، ان ڪري شاھ ڪريم جا (94) بيت نه پر ڪل (73) بيت وڃي بيهن ٿا، جيڪي اصل شاھ ڪريم جا آهن .
    بهرحال قاضي قادن جي شاعري جو ٻين شاعرن تي جيڪو اثر ٿيو ان جو تفصيل ڪجھ هن ريت آهي . پر سان هتي اهي بيت ڏينداسين جيڪي پهريين ڪنهن محقق تحقيق هيٺ ناهن آندا ، ڇاڪاڻ ته ڪجھ بيتن جو تقابلي جائزو ، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ، قاضي قادن جو رسالو ۾ اڳ ۾ ئي ڪري چڪو آهي ، انهن جو ٻيهر ورجاءُ ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان .
    قاضي قادن جي ڪلام ۾ اسان کي جيڪو پهريون بيت ملي ٿو ، اهو ڪجھ هن ريت آهي .
    اسين ٻانهان تون ڌڻي ، پاڻو پاڻ هي ڄاڻ
    (قاضي قادن )
    ان بيت جو پهريون پد اسان کي خواجه محمد زمان جي هڪ بيت هن طرح ملي ٿو .
    پـــــــــــــــل پــــــــــــــــل پوءِ پچار ، ملڪ ۾ ميثاق جي
    ڪک پن ڪن اقرار ، اسين ٻانها تون ڌڻي.
    ساڳيو ئي پد لفظن جي ڦير گهير ڪري ، ميان شاه عنات به پنهنجي هڪ بيت ۾ ڪم آندو آهي، جنهن جو مفهوم پڻ ساڳيو ئي نڪري ٿو.
    اسين بندا تنهنجا ، تون اسان جو ڌڻي
    ( شاھ عنات)
    قاضي قادن چيو ته،

    ايــــــــڪ قصر ، در لک، ڪوڙين سهسين کڙڪيان
    جـان ئي ڪرين پرک ، تان ئي سڄڻ سامهان.

    اهڙو ئي هڪ بيت شاھ صاحب هڪ فقط ، کڙڪيان جي بدران ڳڙکيون ، سامهان جي بدران سامهون ، جان ئي ڪرين جي بدران جيڏانهن ڪريان، ۽ تان ئي جي بدران تيڏانهن ، جهڙا لفظ تبديل ڪيا، پر ان جو مفهوم بلڪل ئي ساڳيو بيهي ٿو.
    ايــڪ قصر، در لک ، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون
    جيڏانهن ڪريان پرک ، تيڏانهن صاحب سامهون.

    قاضي قادن چيو ته
    سوئي هيڏانهن ، سوئي هوڏان ، سوئي سو وسي
    تهين سنـدي سوجهري ، سوئي سو پـسي.

    شاھ ڪريم فقط ، وسي جي بدران وساءِ ، ۽ پسي جي بدران پساءِ تبديل ڪري ساڳيو ئي بيت چيو آهي .
    ســـــــوئي هيڏانهن ، سوئي هوڏان ، سوئي سو وساءِ
    تــــــــــهين سنـــــــــــــــــــــــــــــــدي سوجهري ، سوئي سو پــــــــــساءِ.
    قاضي قادن چيو ته
    اڀـــــــــــــــــــــــرندي سجان جي نه پسنديون
    ڪڍي کي ڪانگان ، نوالا نيڻ ڏيان.
    اهڙي ئي بيت شاھ صاحب جي رسالي ۾ به ملي ٿو ، جنهن جو مفهوم به ساڳيو ئي نڪري ٿو.
    اڀــــــــــــــــرندي ئي سج ، جي نه پسنديون
    ڪڍي ٻيئي ڏج ، اکڙيون ڪانگن کي.

    قاضي قادن چيو ته
    اسين سِڪون جن کي ، تان سي اسين پاڻ
    قاضي قادن جي بيت جي مٿيئن سِٽ اسان کي شاھ صاحب جي هڪ بيت ۾ ملي جنهن جو مفهوم بلڪل ئي ساڳيون آهي .
    اسين سِڪون جن کي ، اسين پڻ سيئي
    بهرحال هي ڪجھ مثال هئا ، جيڪي اسان پيش ڪيا ، پر جيڪڏهن اڃا به ڳولا ڪبي ته ٿي سگهي ٿو ڪجھ ٻيا به مثال ملي پون .

    سچ پچ ته هو پنهنجي وقت جو هڪ اهڙو شاعر ٿي گذريو ، جنهن نه رڳو نيون روايتو قائم ڪيون ، پر سنڌي شاعري کي فرسوده روايتن کان آزاد ڪرائي هڪ نئي گس ۽ پنڌ تي آندو ، جنهن جو اثر بعد ۾ ڪيترن ئي شاعرن تي به پيو . پر کيس سڀني شاعرن کان هڪ بنيادي ۽ باليٰ حيثيت حاصل آهي .جنهن جي ڪري هو سڀني ۾ منفرد ٿي بيهي ٿو.

    عرفان گُل ڏاھري جي ٿورن سان
     
    سجاد علي چنا هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو