پنهن جي لاء پاڻ بحران پيدا ڪندڙ حڪومت!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    639
    ورتل پسنديدگيون:
    632
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اها فيبروري 2003ع جي ڳالهه آهي جو اڳوڻو صدر پرويز مشرف پنهنجن ويجھن ساٿين سان گڏ ويهي ان وقت جي وزير اعظم مير ظفرالله جمالي ۽ وزير اعليٰ سنڌ علي محمد خان مهر جي حڪومتي ڪارڪردگيء جو جائزو وٺي رهيو هو.ٻئي ڪجهه مهينا اڳ ئي انهن ڪرسين تي ويهاريا ويا هئا ۽ هاڻي سندن ڪارڪردگيء تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو پئي ويو.مايوسي ايتري قدر هئي جوڪجهه سينئر فوجي عملدارن سمورو حڪومتي نظام ئي ويڙهڻ جي صلاح ڏيئي ڇڏي.ان محفل ۾ ويٺل ان وقت جي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد صلاح ڏني ته پورو نظام بدلائڻ بدران هن نظام ۾ مسئلا پيدا ڪندڙن يا ڪم نه ڪندڙن کي بدلائي ڇڏجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو. هن جو دليل هو ته هڪ دم ڪنهن نظام کي ختم ڪرڻ سان نظام جوڙڻ وارن تي به آڱريون اڀيون ٿينديون آهن.

    ڊاڪٽر عشرت العباد جي چيل ڳالهه ڪجهه بحث مباحثي کان پوء مڃي ورتي ويئي.ايندڙ ڏينهن ۾ مير ظفرالله جمالي ۽ علي محمد مهر کي نظام مان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويو.ان واقعي کان پوء جي سالن ۾ به ايئن ئي ٿيو.جيڪو به سسٽم ۾ رهندي سسٽم جي سامهون ٿيو تنهن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو توڙي جو اهو پرويز مشرف پاڻ ئي ڇو نه هجي.

    پرويز مشرف 2007ع ۾ اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان افتخار محمد چوڌري کي نظام مان ٻاهر ڪڍڻ لڳو ته سندس خلاف عوامي تحريڪ شروع ٿي ويئي ۽ سندس پنهنجو اقتدار خطري ۾ پئجي ويو.ملڪ ۾ نيون چونڊون ٿيون ۽ پيپلز پارٽيء جي حڪومت وجود ۾ آئي ته اسٽيبلشمينٽ پرويز مشرف جو بار به برداشت نه ڪري سگھي.

    سوچ اها هئي ته مشرف دور ۾ سندس ئي” سليڪٽيڊ“ وزير اعظم ظفرالله جمالي پنهنجو پنجن سالن جو حڪومتي مدو پورو نه ڪري سگھيو ان ڪري شايد آئيندي ايئن نه ٿئي پر پاڪستان جي قسمت ئي ڪجهه اهڙي آهي جو جمهوري دور آيو به ته ڪو به وزير اعظم پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري نه سگھيو.ملڪ جي ٻاهتر سالا تاريخ ۾ اهو ئي ٿيندو آيو آهي.اڪثر وزراء اعظم کي اقتداري ايوانن مان بي آبرو بڻجي ٻاهر نڪرڻو پيو.

    اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ميان نواز شريف کي سپريم ڪورٽ هٿان اقتدار کان ٻاهر نڪرڻو پيو.راجا پرويز اشرف ۽ شاهد خاقان عباسيء جي دورن تي ترتيب وار آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جو پاڇو پوندو رهيو۽ انهن وزارت عظميٰ جي آفيس ۾ پنهنجو مختصر وقت گذاريو.سال 2018ع جي طوفاني سياسي حالتن ۾ چونڊن بعد وزير اعظم عمران خان جي اڳواڻيء ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي.ڪجهه ماڻهن جي خوش فهمي هئي ته اسٽيبلشمينٽ جي ڀرپور آشريواد سان ايندڙ اها حڪومت اقتدار ۾ ايندي ئي عوام کي رليف ڏيندي ۽ ان لاء پنج سال ته ڇا پر ڏهن سالن جو مدو به ڪو مسئلو نه رهندو پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو.اڃا حڪومت کي آئي پندرهن مهينا به ناهن ٿيا ته ان جي خاتمي لاء آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن.سس پس اها به آهي ته حڪومت کي آڻيندڙ پاڻ هن حڪومت مان بيزار ٿي چڪا آهن ۽ وقت اچڻ تي عمران خان جي حڪومت جو به اهو ئي حال ٿيڻ وڃي رهيو آهي جيڪو کانئس پهرين وزراء اعظم جو ٿي چڪو آهي.

    وزير اعظم عمران خان جي سربراهيء ۾ قائم حڪومت جي هيستائين جي ڪارڪردگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهم قومي مامرن تي حڪومت نه رڳو پوريء طرح بيوس پر ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ پوريء طرح نااهل ثابت ٿي چڪي آهي.اهو به ثابت ٿيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت پنهنجي لاء پاڻ بحران ۽ مصيبتون پيدا ڪرڻ ۾ ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي.تازو آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان حڪومت جي قانوني ٽيم جنهن نااهلي ۽ غير سنجيدگيء جو مظاهرو ڪيو ۽ جيڪو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ بحث هيٺ آهي ان سان نه رڳو ملڪ ۾ هڪ وڏو آئيني ۽ قانوني بحران پيدا ٿي ويو آهي پر اسان جو پوري دنيا ۾ تماشو بڻايو پيو وڃي.ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو معيشت آهي جيڪا روزانو ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپيي جي قيمت ۾ گھٽتائي ۽ عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ لاڳيتي اضافي جي صورت ۾ عوام تي ڳري پئجي رهي آهي.گھڻا ان سموري معاملي کي نيب جي پاران سياستدانن توڙي ڪاروباري ماڻهن خلاف جاري ڪاروائين کي ان جو سبب ڄاڻائين ٿا . جنهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام ئي نه هجي اتي معيشت ڪيئن مستحڪم ٿي سگھي ٿي؟

    هوڏانهن خيبر پختونخواهه ۽ فاٽا جي ڪجهه علائقن ۾ به سياسي بيچيني پيدا ٿيل آهي جنهن جي نتيجي ۾ پشتون تحفظ موومينٽ جهڙيون علاقائي تنظيمون زور وٺي رهيون آهن.ان تنظيم جي ٻن اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاريء هيڪاري باهه تي تيل جو ڪم ڏيکاريو آهي.توڙي جو اهو معاملو حڪومت جو نه پر اسٽيبلشمينٽ جو آهي تنهن هوندي به ظاهر آهي ته ان ڪاوڙ جو نشانو حڪومت بڻجي رهي آهي.بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال به ڪا مثالي ناهي.ٻئي طرف ڪراچيء ۾ ماڻهو حد دخلين جي آڙ ۾ سندن خلاف ٿيل آپريشن تي تپيل آهن.سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پيپلز پارٽي جا حامي نيب جي ڪاروائين کي انتقامي سياست جي طور تي ڏسن ٿا.پنجاب ۾ ته اڳيئي سياسي ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي.ان سموري منظر نامي ۾ ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ حڪومت بارود جي هڪ اهڙي جبل تي چڙهي بيهي رهي آهي جنهن کي رڳو هڪ چڻنگ ڏيکارڻ جي دير هوندي ته پاسو بدلجي ويندو.ظاهر ۾ هيء حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي لاڏلي ۽ منظور نظر معلوم ٿئي ٿي پر مخالف ڌر جي تحريڪن کان وڌيڪ هن حڪومت کي خود پنهنجن بيوقوفاڻين حرڪتن ۽ غير ذميداراڻن پرڪارن مان خطرو آهي.جيئن جيئن وقت گذرندو حڪومت تي سياسي توڙي معاشي دٻاء وڌندو ويندو.انهيء کان سواء حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن خلاف بدعنوانين جا جيڪي به ڪيس هن وقت تائين دفن ٿيا پيا آهن اهي به آهستي آهستي ٿي کلندا ويندا ۽ اهي موسمي پکي جن حڪومتي وڻن تي رڳو ان ڪري پنهنجو آکيرو بنايو هو ته جيئن اهي احتساب کان بچي سگھن سي به آهستي آهستي ٿي ڪنهن ٻئي وڻ تي پنهنجو آکيرو اڏڻ جو سوچيندا.انهيء کان سواء غير ملڪي فنڊن وارو ڪيس به پي ٽي آئي حڪومت جي نڙيء جي هڏي بڻجي چڪو آهي جنهن کي هو نه ڳهي سگھي ٿي ۽ نه ئي ٻاهر ڦٽي ڪري سگھي ٿي.هن حڪومت جي اها بدقسمتي ٿيندي جيڪر اسٽيبلشمينٽ جي مڪمل پٺڀرائي ۽ مخالف ڌر جي ڪمزورين باوجود اها عوام کي ڪجهه به ڊليور نه ڪري سگھي.ماڻهن کي رڳو سياسي محاذ آرائي ۽ سياسي مخالفن تي گند اڇلائڻ واري راند سان گھڻي عرصي تائين وندرائي نٿو سگھجي.جيڪڏهن هاڻي به عمران خان جوش بدران ڪجهه هوش کان ڪم وٺندي پنهنجو سمورو ڌيان عوامي مسئلن جي حل طرف لڳائي ته ماڻهو مخالف ڌر جي ڪنهن به چڪر ۾ نه ايندا پر لڳي نٿو ته خان صاحب پنهنجي روايتي ۽ جذباتي سياست کان باز ايندو.شايد هو سمجھي تو ته کيس اصل واڳ ڌڻين جي جيڪا ڇانو ميسر آهي انهيء هيٺ هو پنجن سالن تائين محفوظ آهي.هو سمجھي ٿو ته پاڪستاني قوم هڪ جذباتي قوم آهي سو انهن جي جذبات سان کيڏندي هو آسانيء سان پنهنجو سفر اڳتي جاري رکي.سگھي ٿو . پر سوال اهو ته آخر ڪيستائين؟جنهن احتساب ۽ انصاف جو نعرو هو کڻي آيو هو انهيء جو جنازو ته هو پاڻ ئي ڪڍي چڪو آهي،عوام کي ڪو بنيادي رليف ڏيڻ بدران هن عوام جون دانهون ڪڍرائي ڇڏيون آهن.سياسي نظام ۾ ايتري ته پوليرائزيشن وڌي ويئي آهي جو پارليامينٽ ئي عملي طور تي غير فعال بڻجي چڪي آهي،انهن حالتن ۾ حڪومت پنهنجي هاڻوڪي رويي سان ڪيستائين اڳيان هلي سگھي ٿي،انهيء جو جواب ڪجهه ئي عرصي ۾ ملڻ وارو آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو