سماج ،ثقافتي روح ۽ سنڌ.

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    669
    ورتل پسنديدگيون:
    632
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ جو اصل سرچشمو انهن جي تهذيب ۽ ثقافت هوندي آهي جيڪا انساني زندگيء جو بنيادي اصول آهي.ڪنهن سماج ۽ سندس ڪلچر ۽ تهذيب جا مظاهرا ان جي سوچن جي انداز،اخلاق،علم،ادب،سندس مذهبي نظريي،زبان،رهڻي ڪرڻي،رسمن،رواجن، ريتن،روايتن، تعمير جي فن،لباس ۽ زندگي گذارڻ جي طرز پسي سگھجن ٿا.اهي اهڙيون بنيادي شيون آهن جيڪي ڪنهن قوم کي غيرتمند،قابل فّر ۽ خود مختيار بنائين ٿيون ۽ انهن جو نه هئڻ يا ڪمزور هئڻ ڪنهن قوم کي حقير،ڪريل،غلام ۽ بزدل بنائي ٿو ايستائين جو انهن جي سڃاڻپ به نيٺ تاريخ جي صفحن مان مٽجي وڃي ٿي.اهي ته ڪنهن به ثقافت جا ڪجهه ظاهري پاسا آهن پر ثقافت جا لڪيل پاسا به آهن جيڪي اسان جي تقدير ڀيء ڪرڻ ۾ بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.مثال، سڀ کان مٿانهين اخلاقيات،سماج ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي ذاتي،سماجي ۽ معاشي زندگيء جو طريقو، عقيدا،روايتي تصور ۽ قصا ڪهاڻيون شامل آهن.ثقافت جي ان پاسي سان سان اسان جون اميدون، تمنائون ۽ خواب جڙيل ٿين ٿا.ثقافت جي ان پاسي ۾ اسان جي سوچڻ جا انداز آهن يعني ڏسڻ، سوچڻ، نيڪي ۽ بدي،چڱائي ۽ برائي،خوبصورتي ۽ بدصورتي،سرهاڻ ۽ گدلاڻ جو تصور،سليقي ۽ بد سليقگي پرکڻ جا معيار،اهو سڀ ڪنهن ثقافت جو باطني پاسو آهي.جهڙيء طرح ثقافت سماج جي جوڙجڪ،جسم يا ڍانچي ۾ روح يا ساهه واري حيثيت رکي ٿي ان نموني ثقافت جو باطني پاسو ثقافت جي ظاهري پاسي ۾ روح جو درجو رکي ٿو.جڏهن ثقافت جو باطني يا ذهني پاسو ڪمزور ٿي وڃي ته سماج جي پوري بناوت ڍري ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿي.چيو وندو آهي ته جيڪر ڪنهن قوم تي غلبو حاصل ڪرڻو هجي ۽ کيس غلام بنائڻو هج،انهن جي مال،دولت ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻو هجي ته سڀ کان موثر طريقو انهن جي سوچ ۽ فڪر يعني روح تي قبصو ڪيو وڃي جنهن جي ذريعي انهن جي مال،دولت ۽ وسيلن،سندن ٻنين،زمينن،عزت ۽ آبرو،تهذيب ۽ ثقافت ايستائين جو انهن جي ذهن،قلم،عقيدن ۽ نظرين تي به قبضو ڪري سگھجي ٿو.اسان سان مسئلو اهو آهي جو هڪ طرف اسان پنهن جي ماضيء کان ڪٽجي ويا آهيون ته ٻئي طرف اولهه جي رنگا رنگي دنيا ۾ گم ٿيندا تا وڃون.اسان کي وهم آهي ته اسان جديديت جي نالي تي انهن قومن جي نقالي ڪري دنيا ۾ ڪو مقام ۽ حيثيت حاصل ڪري سگھون ٿا.

    جديد دنيا سان گڏ هلڻ ٻي ڳالهه آهي پر جديديت کان متاثر ۽ مرعوب ٿي پنهن جي تهذيب ۽ ثقافت کي وساري ڇڏڻ بلڪل ئي الڳ معاملو آهي. جديد دنيا جي علم،سائنس ۽ ايجادن مان فائدو حاصل ڪرڻ نهايت ئي صروري آهي پر ٻين قومن جي تهذيب ۽ ثقافت ۾ پنهجوپاڻ کي رنڱي ڇڏڻ هڪ الڳ شيء آهي.اسان ان احساس ڪمتريء جو شڪار بڻجي جديديت جي هر شيء پويان اکيون ٻوٽي ڊوڙڻ شروع ڪري ڏنو آهي جنهن جا ناڪاري اثر اسان پنهنجي صدين جي تهذيب ۽ ثقافت تي پڌرا محسوس ڪري رهيا آهيون.سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته اسان اڄ تائين پنهنجن ابن ڏاڏن تي فّر ڇا جي ڪري ڪيون ٿا؟ ان ڪري جو انهن ڪنهن به قيمت تي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جو سودو نه ڪيو ان ڪري ئي اهي باوقار،مضبوظ ۽ توانا،عالم،فاضل ۽ دانشور ۽ عالمي سطح تي اڄ به معزز ۽ محترم آهن.اسان کي کوجنا ڪرڻ ۽ سوچ ويچار ڪرڻ جي صرورت آهي ان ڪري جو اسان جتي اولهه جي رنگا رنگين ۾ گم ٿي ويا آهيون اتي اسان کي اوڀر وارن وري مذهب ۽ ڪلچر جي بحث ۾ منجھائي ڇڏيو آهي.ڇا ٿقافت ۽ مذهب جو ڪو پاڻ ۾ تعلق آهي؟ اسان دين ۽ مذهب جي نالي تي جهالت ۾ پنهنجي سڃاڻپ کي بگاڙي وڌو آهي.نوجوان نسل کي ان نقطي تي سوچڻ جي گھرج ۽ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.اسلام نه رڳو هڪ عالمگيرپر ان سان گڏ هڪ فطري مذهب آهي ان کي ڪنهن به هڪ قوم يا علائقي تائين محدود ڪري نٿو سگھجي. دين اسان جي سماج جو باطني پاسو آهي ۽ اهو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جي سمورن جزن کي ڪنهن هڪ رخ جو پابند نٿو ڪري بلڪه اهو اختلاف جي حوصلا افزائي ڪري ٿو.ان ڪري مختلف مسلمان ملڪن جون تهذيبون يا ڪلچر پڌري طور تي هڪ ٻئي کان جدا جدا آهي مثال؛ ايراني ڪلچر يا تهذيب اها ناهي جيڪا مصر جي تهذيب يا ڪلچر آهي.ثقافت ۽ تهذيب جي انهن حصن ۾ دين يا مذهب جو ڪو لاڳاپو ناهي جن جو تعلق قوميت يا علائقي سان آهي.دين اسلام انهيء اختلاف جو قدر ڪري ٿو ان ڪري اسان ڪنهن ملڪ جي تهذيب يا ثقافت کي اسلامي تهذيب يا ثقافت چئي نٿا سگھون.

    سنڌ هڪ منفرد ۽ نرالي قسم جي تهذيب ۽ ثقافت رکندڙ خطو آهي،وقت گذرڻ سان گڏ اسان پنهن جي ثقافتي سڃاڻپ مان ٻاهر نڪري ڌارين جي طور طريقن ۾ گم ٿيندا ٿا وڃون.اهي سماج، قومون، ماڻهو يا گروهه گمنام بڻجي وڃن ٿا جيڪي ٻين قومن جي شناخت ۽ تهذيب کي واپرائي پنهنجي وجود جي جنگ وڙهن ٿا.ثقافت تباهه ڪڏهن ٿيندي آهي؟ جڏهن ڪو گروهه، سسٽم ڪنهن خاص طبقي،سياسي،ذاتي ۽ انفرادي مفادن ۽ مقصدن لاء ڪنهن قوم کي قيدي بڻائي ڇڏي. ان جي ثقافتي بنيادن کي نشانو بنائي،ان جي ثقافت کي قديم ۽ پراڻو ظاهر ڪري ترميم ۽ تبديليء جي نالي تي سندس پنهنجي ثقافت،نين شين ۽ فڪرن کي متعارف ڪرائي ۽ انهن کي وقت سان گڏوگڏ مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جيڪو بدقسمتيء سان اسان سان ٿي رهيو آهي، انهيء کي ئي ثقافتي ڪاهه چئبو آهي.اها بربادي ۽ زوال جي نشاني آهي،جيڪڏهن انهن موقعن تي اهل علم،دانشور ۽ نوجوان خاموش رهن ته سندن ايندڙ نسل غلام ۽ بي نام بڻجي ويندو آهي. سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت سدا بهار جيان آهي جنهن ۾ مختلف زبانون باغ ۾ بلبل ۽ ڪوئل جي ٻولين جيان روح کي راحت پهچائين ٿيون جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو باغ جي مختلف گلابن جي سرهاڻن جيان ماحول کي پيارو ۽ وڻندڙ ۽ عقل لاء راحت جو سبب بنائين ٿا.جهڙيء طرح اسان جا جذبا سدائين سرسبز،ساوا،شاداب، جوان ۽ هڪ ٻئي لاء سڪون جو سبب هوندا آهن اهڙيء طرح اسان جي ثقافت اسان جي سڇاڻپ ۽ اسان جو چهرو هوندي آهي. انهيء جاندار ۽ باڪمال ثقافت ئي اسان جي وڏڙن کي صدين تائين هڪٻئي سان محبت،اخوت ۽ همدرديء سان رهڻ سيکاريواهي ان لحاظ کان نهايت ئي ڪامياب ماڻهو ليکيا ويا جو سندن سماج سک ۽ شانتيء وارو سماج هو،امن ۽ آدرشن جو ديس هو.ڇا اهو ممڪن ناهي ته اسان به پنهنجن ابن ڏاڏن جيان تنگدلي،تعصب،خود غرضي ۽ ذاتي مفاد پرستي جي خول مان ٻاهر نڪري هڪ نئون سماج جوڙيون.نظرياتي، مذهبي، لساني ۽ علاقائي اختلاف موجود آهن ۽ آخر تائين موجود رهندا، اهي فطري آهن،انهن سمورن اختلافن باوجود ثقافت اسان کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي هڪ ڪري ٿي.تعصب جون سڀ عينڪون ٽوڙي ٿي.اسان جي قومي وجود جو سوال به ان نقطي ۾ سمايل آهي ته اسان پنهنجي ثقافت سان ڪيترو پيار ڪيون ٿا ۽ ان ثقافتي روح کي ڪيترو پنهنجي عملي زندگي ۽ سماجي معاملن ۾ اوتيون ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو