شاگرد يونين جي بحالي ڇو ضروري آهي..؟ رحمت تنيو

'تعارف' فورم ۾ رحمت علي طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2019۔

  1. رحمت علي

    رحمت علي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    ڪراچي
    29 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو سميت ٻين شاگرد تنظيمن جي اتحاد اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي 50 کان وڌيڪ شهرن ۾ “شاگرد يڪجهتي مارچ” جي سِري هيٺ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سنڌ جي 10 کان وڌيڪ شهرن ۾ مارچ ڪڍيا ويا. شاگردن جي ڪامياب تحرڪ بعد هڪ ڀيرو وري شاگرد سياست بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. مختلف ميڊيا جي پليٽ فارمز سميت حڪومتي ايوانن تائين شاگرد يونين جي بحالي جون ڳالهيون هلن پيون. لڳ ڀڳ مين اسٽريم جي سڀني سياسي پارٽين شاگرد يونين جي بحالي جي حمايت ۾ بيان ڏنا، ان سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ ۾ شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏيندي قانونسازي جو اعلان ڪيو. جڏهن ته ٻي پاسي لاهور ۾ مارچ جي منتظمين سميت 300 کان وڌيڪ شاگردن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. وڏي اچرج جي ڳالهه اها آهي ته شهيد مشال خان جي والد تي به مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.شاگردن جي هاڻوڪي تحرڪ هڪ پاسي ماضي جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي آهي ته ٻي پاسي ڪجهه ڌرين جو ننڊون پڻ حرام ڪري ڇڏيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو مٿن ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. اها ئي مارچ جي ڪاميابي آهي.

    شاگرد روڊن تي ڇو نڪتا...؟

    ڏسجي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان شاگرد روڊن تي آهن. پر هن ڀيري 29 نومبر تي شاگردن جي ايڏي وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪرڻ گهڻو سڀاويڪ ۽ اثرائتو آهي. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سڄي ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جا شاگرد سراپا احتجاج آهن. اهي احتجاج تعليمي ادارن ۾ شاگردن تي پابندي، شاگردياڻين سان ٿيندڙ جنسي هراساني، شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا جي قتل، فيس وڌائڻ، ۽ هاسٽلن ۾ بنيادي سهولتون نه ملڻ سميت ٻين مسئلن خلاف هئا. آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا جي قتل خلاف اسلام آباد جي پريس ڪلب کان ويندي سڄي سنڌ ڪراچي سميت جي مختلف شهرن ۾ وڏا وڏا احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. لمس يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي سائره ٿهيم کي هيسائڻ واري واقعي خلاف به احتجاج ڪيا ويا. جڏهن ته بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي وڊيو اسڪينڊل خلاف به سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا. سنڌ مسلم لاءِ ڪاليج جي 850 شاگردن جي داخلا ختم ڪري سندن مستقبل داءَ تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان خلاف به شاگردن زبردستي احتجاجي ريلي ڪڍي پنهنجو ڪيس وڙهيو. سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلن ۾ پاڻي کوٽ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي انتظاميا فيسز اوڳاڙڻ باوجود هاسٽل ۾ شاگرن کي صاف پاڻي جي فراهمي سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم نه ڪري سگهي آهي. انتظاميه جي اهڙي رويي خلاف شاگردن 31 آڪٽوبر تي احتجاج ڪيو ته انتقامي ڪارروائي ڪري 17 شاگردن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ڄامشورو ٿاڻي تي يونيورسٽيءَ جي پوليس سيڪيورٽي انچارج هاسٽل ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ احتجاج ڪندڙ ٽن اڻڄاتل شاگردن سميت 17 ڄڻن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪرايو.گذريل ٿورڙي عرصي ۾ ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ ڏسجي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سوين مسئلا پيش آهن، جيڪي حل ٿيڻ بدران وڌندا پيا وڃن. اهو ئي سبب آهي جو شاگرد هن ڀيري منظم صورت ۾ پنهنجي مطالبن سميت روڊن تي نڪتا.

    شاگرد يونين ڇو ضروري آهي؟

    جهڙي ريت ڪنهن ملڪ لاءِ پارليامينٽ جو هجڻ ضروري آهي، اهڙي ريت تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جو هجڻ به لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اليڪشن ذريعي چونڊجي ايندڙ شاگرد اڳواڻ تعليمي اداري ۾ سمورن مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائين ٿا. ان سان گڏ شاگرد يونين آئيني ۽ جمهوري حق پڻ آهي. آئين جو آرٽيڪل 17 شاگردن کي پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ جو حق ڏئي ٿو. شاگرد يونينز ملڪ کي تمام وڏا سياسي اڳواڻ ڏنا آهن، شاگرد يونين سياسي اڳواڻ پيدا ڪندڙ نرسريون آهن. جن ذريعي شاگرد سياست سکي ٿو، سماج جو ذميوار فرد بڻجي ٿو، فڪري بحث مباحثن ذريعي سياسي شعور اجاگر ٿئي ٿو. ڊاڪٽر اديب رضوي، معراج محمد خان، جاويد هاشي سميت ٻيا کوڙ نالا آهن، جيڪي شاگرد سياست مان اڀريا.

    شاگرد يونين جي بحالي واري بحث ۾ هڪ ٻيو نقطه نظر اهو آهي ته شاگرد سياست ڪن ٿا ته هو پڙهن نٿا، پرتشدد ڪارروايون زور وٺن ٿيون. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. جيڪڏهن ملڪي تاريخ جو جائزو وٺجي ته خبر پوندي 1977ع کان اڳ ڪڏهن شاگردن پرتشدد ڪارروايون نه ڪيون، ان جي ابتڙ 1952ع ۾ ٻولي واري تحريڪ ۾ لٺبازي ڪئي وئي، تشدد ڪيو ويو، ۽ چئن شاگرد کي قتل پڻ ڪيو ويو هو. ون يونٽ جي تحريڪ هجي يا فوجي آمر جي آمريت خلاف جدوجهد هجي، ان ۾ شاگردن ڀرپور ڪردار نڀايو، جنهن جي موٽ ۾ مٿن تشدد ڪيو ويو، ۽ کين جيلن ۾ واڙيو ويو. 77ع کانپوءِ ئي تعليمي ادارن ۾ پرتشدد ڪارروايون شروع ٿيون، افغان جنگ شروع ٿئي ته فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق سمجهو ته ان وقت کيس وڏي ۾ وڏي مذاحمت شاگرد طرفان ڏسڻي پوندي. پوءِ ائين ٿيو ته هڪ سازش تحت تعليمي ادارن ۾ مختلف گروهه جوڙيا ويا. ٿنڊر اسڪواڊ سميت ٻيا اهڙا ڪيترائي گروپ هئا، جن شاگرد يونين جي اليڪشن دوران پرتشدد ڪارروايون ڪيون، هڪٻئي کي قتل ڪيو. 84ع کان وٺي شاگرد يونين تي پابندي آهي، جيڪي چون ٿا ته شاگرد يونين سان تعليمي ادارن جو ماحول خراب ٿئي ٿو ته کين سمجهڻ گهرجي ته 84 کان شاگرد يونين تي پابندي آهي، پوءِ ڇو تعليمي ادارن ۾ پرتشدد ڪارروايون ٿين ٿيون؟ جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ هٿيار اچن ٿا ته پوءِ ان کي روڪڻ ڪنهن جو ڪم آهي؟ اهو سوال رياست تي ئي آهي ته ائين ڪيئن تعليمي ادارن ۾ هٿيار پهچن ٿا؟ هڪ ٻيو دليل ڏنو ويندو آهي ته سياست ڪندڙ شاگرد پڙهائي تي ڌيان نه ڏيندا آهن، کين تاريخ پڙهڻ گهرجي ته ڊاڪٽر اديب رضوي به شاگرد سياست جو حصو هو. هاڻ سندس ڪم ۽ ڪردار ڏسو ته ڪيترن ئي انسانن جي زندگيون بچائي ٿو. ان سميت کوڙ نالا آهن، جيڪي شاگرد سياست مان اڀريا ۽ سماج جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو.

    شاگردن جي تازي تحرڪ جي سڀاويڪ ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري اهو تحرڪ ترقي پسند شاگردن طرفان ورتو ويو، اهي ئي سڄي ملڪ جي شهرن ۾ ٿيل يڪجهتي مارچ جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا. مارچ جي پهرين ڪاميابي سنڌ اندر پابندي ختم ڪرڻ جي اعلان جي صورت ۾ ته ظاهر ٿي آهي، پر اڃا منزل اڳتي آهي، هاڻ ئي اڙانگو رستو شروع ٿيندو، جيڪو پار ڪرڻ لاءِ جدوجهد، حڪمت عملي، ترقي پسند سوچ ۽ ايڪي جي تمام سخت ضرورت آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو