ڏک کي لفظ ڪرڻ سولو ناھي

'سنڌياڻي' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2019۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    116
    ورتل پسنديدگيون:
    54
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    ڏﮎ ﮐﻲ ﻟﻔﻆ ڪﺮﮠ ﺳﻮﻟﻮ ﻧﺎﻫﻲ
    ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
    ﺧﺪﺍ ﺗﻌﺎﻟﻲٰ ﻫﻦ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺍﻧﺪﺭ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺷﻴﻮﻥ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺟڏﻫﻦ ﻫﻦ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ۾ ﺳﺞ ﭼﻨڊ ﺗﺎﺭﺍ ﺯﻣﻴﻦ ﺁﺳﻤﺎﻥ ﺟﺒﻞ ﻧﺪﻳﻮﻥ ﭼﺸﻤﺎ ﺳﻤﻨڊ ﺭﻭﺷﻨﻲ ﺍﻭﻧﺪﺍﻫﻲ ﺳﻤﻴﺖ ﺑﻴﺸﻤﺎﺭ ﺷﻴﻮﻥ ﺗﺨﻠﻴﻖ ڪﻴﻮﻥ ﺗﻪ ﻗﺪﺭﺕ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﺎﺭ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮐﻲ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻴﻮ ﺍﻥ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮐﻲ ﺧﺪﺍ ﺗﻌﺎﻟﻲٰ " ﺍﺷﺮﻑ ﺍﻟﻤﺨﻠﻮﻗﺎﺕ " ﺟﻮ ﺩﺭﺟﻮ ﻋﻄﺎ ڪﻴﻮ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﺍﻧﺪﺭ ﺟﻴڪﻲ ﺑﻪ ﻣﺨﻠﻮﻗﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ۾ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺍﻋﻠﻲٰ ﺩﺭﺟﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮐﻲ ﭔﻦ ﺟﻨﺴﻦ ۾ ﺗﺮڪﻴﺐ ڪﻴﻮ ﺟﻦ ۾ ﻫڪ ﻣﺮﺩ ﭔﻴﻮ ﻋﻮﺭﺕ ﻋﻮﺭﺕ ﺧﺪﺍ ﺟﻲ ﻃﺮﻓﺎﻥ ڏﻧﻞ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﺗﺤﻔﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﺩﻧﻴﺎ ﺍﻧﺪﺭ ﻋﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﺭﺷﺘﻲ ﮐﻲ ﺍﭲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڪﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﻋﻮﺭﺕ ڪﭥﻲ ﻣﺎﺀُ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾ ﺟﻨﺖ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻭﻻﺩ ﮐﻲ ﺟﻨﺖ ﺟﺎ ﺳﭛ ﺭﻧﮓ ڏﻳﮑﺎﺭﻱ ﭤﻲ ﻟﻮﻟﻴﻦ ﺟﺎ ﺍﻧﺒﺎﺭ ﺍﭤﺎﺭﻱ ﭤﻲ . ﺗﻪ ﻋﻮﺭﺕ ڪﭥﻲ ﭜﻴﮡ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎﺀُ ﮐﻲ ﺩﻋﺎﺋﻦ ﺳﺎﻥ ﺟﻬﻮﻟﻴﻮﻥ ﭜﺮﻱ ڏﺋﻲ ﭤﻲ ﻋﻮﺭﺕ ڪﭥﻲ ﻣﺤﺒﻮﺏ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﻣﺤﺒﺖ ۾ ﺩﻝ ﮐﻲ ﺗﺴڪﻴﻦ ﭘﻴﺶ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻋﻮﺭﺕ ڪﭥﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﻲ ﺭﻭﭖ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ڪﭥﻲ ﻋﻮﺭﺕ ﻣﻈﻠﻮﻡ ﻣﺠﺒﻮﺭ ﻣﻮﻣﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎﻥ ﻧﺎﺣﻖ ﻗﻴﺪﻥ ۾ ﻗﻴﺪ ﺁﻫﻲ . ﺟﻬڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺳﻨﮅ ﺍﻧﺪﺭ ﮔﺬﺭﻳﻞ ڪﺠﻬﻪ ڏﻫﺎڪﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﻋﻮﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﻋﺮﺑﻦ ﻭﺍﺭﻭ ﺳﻠﻮڪ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﻋﻮﺭﺕ ﻫﺮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺭﺍﺕ ﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﻭﻫﻨﺠﺎﺭﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ڪﺎﺭﻭ ڪﺎﺭﻱ ﺟﻲ ﭼڪﺮ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻔﺎﺩﻥ ﺧﺎﻃﺮ ﻗﺘﻞ ڪﺮﻱ ﻟﻮڙﻫﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﻮﭚ ﻻﻟﭻ ﺗﻲ ﭔﻨﻲ ﭔﺂﺭﻱ ﺗﻲ ﻣﺎﺭﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴڪﺎ ڪڏﻫﻦ ﺳﻨﮅﻭ ﺟﻲ ﻟﻬﺮﻥ ﻣﺎﻥ ﻟڙﻫﻨﺪﻱ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ڪﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻏﻦ ﻣﺎﻥ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ﭔﻮﺭﻱ ۾ ﺑﻨﺪ ﭘﻴﻞ ﻻﺵ ﮔٽﺮ ﻣﺎﻥ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺛﺒﻮﺕ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ﻋﻮﺭﺕ ﺳﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﺑﺮﻭ ﺳﻠﻮڪ ﭤﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ .
    ﺗﻨﻬﻦ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻋﻮﺭﺕ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺍﻧﺪﺭ ﻋﻮﺭﺕ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻮ ڪﻢ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺍﺩﺏ ۾ ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﻭڏﻭ ﻣﻘﺎﻡ ﺣﺎﺻﻞ ﺁﻫﻲ ﻋﻮﺭﺕ ﺟﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۾ ﺍﺯﻝ ﮐﺎﻥ ﺩﻡ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﮀﻮﺟﻮ ﻋﻮﺭﺕ ﺗﻤﺎﻡ ﻧﺎﺯڪ ﻧﻔﻴﺲ ﺣﺴﺎﺱ ﻫﺠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻭﺭﻱ ﺟڏﻫﻦ ﻫﻮﺀ ﺍﺩﺏ ﺳﺎﻥ ﻟﮙﺎﺀُ ﺭﮐﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺩﻧﻴﺎ ﺍﻧﺪﺭ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻗﺼﺎ ﻭﺍﺭﺩﺍﺗﻮﻥ ۽ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻞ
    ﭼﻞ ﭘﺎﮠ ڏﺍﻧﻬﻦ ﮀڪﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻋﻮﺭﺕ ﺍﭸﺎ ﻭﮄﻳڪ ﺣﺴﺎﺱ ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﻋﻮﺭﺕ ﺭﻧﮕﻴﻦ ﺍﺣﺴﺎﺳﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻟڪ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﻋﻮﺭﺕ ۾ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻫﺮ ﺭﻧﮓ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ﺍﭲ ﻣﺎﻥ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺗﻲ ﻟﮑﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﺍﻥ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺗﻲ ﻟﮑﮡ ﻻﺀ ڪﻴﺘﺮﺍ ﭜﻴﺮﺍ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪﻭ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﻫﺌﺲ ﺗﻪ ﻣﺎﻥ ﻫﻦ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺗﻲ ﺍﻳﺘﺮﻭ ڪﺠﻬﻪ ﻟﮑﺎﻥ ﺍﻫڙﻭ ﺗﻪ ﻟﮑﺎﻥ ﺟﻮ ﭘڙﻫﻨﺪڙ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﺎﺭ ﺑﺎﺭ ﭘڙﻫﻦ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺗﻲ ﻟﮑﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﻣﺎﻥ ﭼﮝﻲ ﺭﻳﺖ ﻭﺍﻗﻒ ﭤﻲ ﻭﭸﻦ ﭘﺮ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺳﻮﭼﮡ ﺑﺎﻭﺟﻮﺩ ﺍﻧﺪﺭ ڪﻮ ﭘﻴﭽﺮﻭ ﭠﺎﻫﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﻔﺮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﺎﻥ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻴﭽﺮﻱ ﺗﻲ ﭘﻨﮅ ﻻﺀ ﻧڪﺮﺍﻥ ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﺍﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﺎڪ ﻫﺌﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ﺟﺎ ﻣﺜﺎﻝ ﻫﺌﺎ ﻫﻦ ﺟﺎ ﭘﺮﺳﺘﺎﺭ ﻫﺌﺎ ﻫﺮ ﻭﻗﺖ ﻭﺍﻫﻪ ﻭﺍﻫﻪ ﻟﮙﻲ ﭘﺌﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻨﻬﻨڪﺮﻱ ﻣﺎﻥ ﻫﻦ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺗﻲ ڪﺎ ﺭﺍﺀ ﻗﺎﺋﻢ ڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺲ ﻫﻮﺀ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﭼﻤڪﻨﺪڙﻥ ﺳﺘﺎﺭﻥ ﻣﻨﺠﻬﺎﻥ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﮔﻼﺑﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺟﻬڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺗﻪ ﺍڙﺍﻧﮕﻬﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﭽﺮﻥ ﺗﻲ ڪﻮ ﺳﻔﺖ ڪﺮﮠ ﻻﺀ ﻧڪﺘﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﺰﻝ ﺗﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﺍﺩﺏ ﺟﻮ ﺭﺳﺘﻮ ﺗﻤﺎﻡ ڪﺸﺎﺩﻭ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻫڪ ﻧﺌﻴﻦ ﺩﻳﺮﻱ ﭴﺎﺋﻲ ﻋﺰﻳﺰﻩ ﺑﻴﮕﻢ ﭘﮡ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﺎ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﻫﻦ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﺭﺳﺘﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺑﮣﻲ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺍﭸﺎ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻨﺰﻝ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺁﻫﻲ . ﻋﺰﻳﺰﻩ ﺑﻴﮕﻢ 07 ﺳﻴٽﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺩﻳﺮﻱ ۾ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻭﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﺭﺗﻮ ﭘﺎﮠ ﺷﺮﻭﻋﺎﺗﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺍﺗﺎﻥ ﺋﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ ﺍﻧٽﺮ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀ ﻫﺎﺀ ﺍﺳڪﻮﻝ ٽﻴﭽﺮ ‏( ﺍﻳﭿ ﺍﻳﺲ ٽﻲ ‏) ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻃﻮﺭ ﻧﻮڪﺮﻱ ﻣﻠﻴﺲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮﻥ ﺧﺪﻣﺘﻮﻥ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ڏﻳﻨﺪﻱ ﺭﻫﻲ ﭤﻲ ﻋﺰﻳﺰﻩ ﺑﻴﮕﻢ ﻫڪ ﺧﻮﺷﺤﺎﻝ ﮔﻬﺮﺍﮢﻲ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻨﺪڙ ﺁﻫﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﻭڏﻱ ﻻڏ ڪﻮڏ ﺳﺎﻥ ﭘﻠﻲ ﻧﭙﻲ ﻭڏﻱ ﭤﻲ . ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ﻣﺤﺒﺘﻮﻥ ﻗﺮﺑﺘﻮﻥ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻨﺪڙ ﻋﺰﻳﺰﻩ ﺑﻴﮕﻢ ﮐﻲ ﻧﻪ ﭴﺎﮠ ڪﻬڙﺍ ڏﮎ ﺳﻮﺭ ﺳﻤﺎﺝ ﺟﺎ ﺩﺭﺩ ﻭڪﻮڙﻱ ﻭﻳﺎ ﺟﻮ ﻫﻮﺀ ﻋﺰﻳﺰﻩ ﺑﻴﮕﻢ ﻣﺎﻥ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﭤﻲ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺍڙﺍﻧﮕﻬﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ﭘﻴﺮ ﭘﺎﺗﻮ . ﺍﺩﺏ ﺍﻧﺪﺭ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺳﻮﻟﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺟﻮ ﻫﺮ ڪﻮ ﺍﺳﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﻟﮑﻲ ﺟﻠﺪﻱ ﻟﻴﮑڪ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﭘﺮ ڪﺎ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺑﻪ ڏﮐﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻮ ڪﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺍﭲ ﺟﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﻋﻮﺭﺕ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﺩﺏ ﻻﺀ ﭘﺘﻮڙﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﺎ ﺑﻪ ﻫڪ ﻫﻤﺖ ﺟﺮﺋﺖ ﭼﺌﺒﻲ ﮀﻮﺟﻮ ﺍﭲ ﺟڏﻫﻦ ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ڪﻮٽﻦ ﺍﻧﺪﺭ ﻗﻴﺪ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﮔﻬﺮﻥ ﺟﻲ ﺯﻳﻨﺖ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﺻﺮﻑ ڪﻢ ڪﺎﺭﻥ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﺪﻭﺩ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﻣﺮﺩﺍﮢﻲ ﺳﻤﺎﺝ ۾ ﻫﻦ ﺑﻬﺎﺩﺭﻱ ڏﻳﮑﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﻣﻬﺎڏﻭ ﺍٽڪﺎﺋﻲ ﻣﺸڪﻼﺗﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺍڪﺜﺮ ﻣﺎﻥ " ﮐﻠﮣﻲ " ﺟﻲ ﻟﻘﺐ ﺳﺎﻥ ﺳڏﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻴﺎﻥ ﺍﻫﺎ ﻭﻗﻌﻲ ﺑﻪ ﮐﻠﮣﻲ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﻣﺮڪ ﺋﻲ ﻣﺮڪ ﭘﮑڙﻳﻞ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﻧﺪﺭ ﺟﻴڪﻲ ڏﮎ ﺩﺭﺩ ﺳﻮﺭ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﺍﺫﻳﺖ ﻧﺎڪ ﺣﺎﺩﺛﺎ ﭘﻴﺶ ﺁﻳﻞ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺷﺎﻳﺪ ڪﻮ ﻭﺍﻗﻒ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻮﭺ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﮐﻴﺲ ﺍﻧﻬﻦ ﺋﻲ ﺩﺭﺩﻥ ﺳﻮﺭﻥ ﻟڙڪﻦ ڏﮐﻦ ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻣﺠﺒﻮﺭ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻣﺪﺍﺩ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﭼﻴﻮ ﺁﻫﻲ
    ڏﮎ ﮐﻲ ﻟﻔﻆ ڪﺮﮠ ﺳﻮﻟﻮ ﻧﺎﻫﻲ
    ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﻤﻨڊ ۾ ﺗﺮﮠ ﺳﻮﻟﻮ ﻧﺎﻫﻲ
    ڏﮐﻦ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﻭڏﻭ ﺑﻴﺮﺣﻢ ﻇﺎﻟﻢ ﺩﻧﻴﺎ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﭹﺮﻥ ۾ ﺳﻮﻳﻦ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﭘﮑﻲ ﻗﻴﺪ ﭤﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﮐﻴﻦ ﻗﺪﺭ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻭﻗﺖ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ۾ ﺍﻳﺬﺍﺀ ڏﻳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﮐﻴﻦ ﺍﺫﻳﺘﻮﻥ ڏﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﮐﻲ ﭼﻴﺮﻳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺫﺭﻭ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ . ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺍﻧﺪﺭ ۾ ﺳﻤﻨڊ ﺟﻴڏﻱ ﮔﻬﺮﻱ ﺳﻮﭺ ﺭﮐﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﻬﺮﻥ ۾ ﺳﻮﻳﻦ ﻫﺰﺍﺭﻳﻦ ﺩﺭﺩﻥ ﭘﻴڙﺍﺋﻦ ﺟﻲ ﭔﻴﻮ ڪﺠﻬﻪ ﻟﻬڙﻧﺪﻱ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ ﺍﻳﻨﺪﻭ . ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻻﺀ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺍﺩﺑﻲ ﭘﻮﺭﻫﻴﺌﻲ ﺟﻮ ﻣﻄﺎﻟﻌﻮ ﻻﺯﻣﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﻣڪﻤﻞ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﺍﺣﻮﺍﻝ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﺟﻨﻬﻦ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﮐﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻟﻔﻆ ﻟﻔﻆ ڪﺮﻱ ﺳﺎﻧﮃﻱ ﺭﮐﻴﻮ ﻫﻮ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺍﻳﺘﺮﻭ ڏﺳﻨﺪﻱ ﺑﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﭼﻬﺮﻱ ﺗﻲ ڪڏﻫﻦ ﺍﺩﺍﺳﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﭼﻬﺮﻱ ﺗﻲ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﻫﻠڪﻲ ﻣﺮڪ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻨﻔﻦ ﮐﻲ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻬڙﻭڪ ﮔﻴﺖ، ﻏﺰﻝ ، ﻭﺍﺋﻲ، ﺑﻴﺖ ، ڪﺎﻓﻲ ، ﭘﺮ ﭘﺎﮠ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ ﺷﺎﻫڪﺎﺭ ﺷﺎﻋﺮ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﻏﺰﻝ ۾ ﻋﺠﻴﺐ ﺳﺮﻭﺭ ﺑﺨﺸﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﺎ ﺟﻲ ﻏﺰﻟﻦ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڪﺒﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪﺱ ﻓﻦ ﻓڪﺮ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺁﻫﻲ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ ﺑﻴﻬڪ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﺟﻮڙ ﺟڪ ﺟﻮ ﻧﺮﺍﻟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺍﭤﺲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻏﺰﻝ ﺟﻲ ﭘڪﻲ ﭘﺨﺘﻲ ﺷﺎﻋﺮﻩ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺍﺩﺏ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻨﺲ ﺭﻧﮓ ﻧﺴﻞ ﺟﻮ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﺷﺎﻋﺮﻩ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﻫڪ ڏﺍﺕ ﺁﻫﻲ ڏﺍﺕ ﻗﺪﺭﺕ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺍﻥ ۾ ﻣﺤﻨﺖ ﺟﻮﺵ ﺟﺬﺑﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮐﭙﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺑﻘﻮﻝ ﻭﺗﺎﻳﻮ ﻓﻘﻴﺮ ﺍﻟﻠﻪ ﺗﻌﺎﻟﻲ ﺑﻴﺸڪ ﺭﻭﺯﻱ ڏﺋﻲ ﭤﻮﭘﺮ ﮐﻨﮕﻬﮡ ﺳﺎﻥ ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺑﻪ ﺧﺪﺍ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺗڏﻫﻦ ﺟڏﻫﻦ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻨﮕﻬﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺳﻤﺎﺝ ۾ ﻧﻈﺮ ﻭﺟﻬﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﺗﻨﻬﻦ ڪﺮﻱ ﺍﺩﺏ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻨﺲ ﺟﻮ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﭘﺮ ﺟﻨﺲ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﻣﺤﺘﺎﺝ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺻﺎﺣﺐ ﭼﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ
    ڏﺍﺕ ﻧﺎﻫﻲ ﺫﺍﺕ ﺗﻲ
    ﺟﻮ ﻭﻫﻲ ﺳﻮ ﻟﻬﻲ
    ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﻮﺿﻮﻉ ﺗﻪ ﺩﺭﺩ ﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺍﻧﺪﺭ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻣﻮﺿﻮﻉ ﻣﻠﻨﺪﺍ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺩﺭﺩ، ﺧﻮﺷﻲ ، ﭘﻴﺎﺭ ، ﻣﺤﺒﺖ ﺍﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﺍﻣﻦ ﭜﺎﺋﻴﭽﺎﺭﻭ ﺳﻤﺎﺝ ﺑﺮﺍﺋﻲ ﭜﻼﺋﻲ ﻫﻤﺖ ﺣﻮﺻﻠﻮ ﺑﻬﺎﺩﺭﻱ ﺑﺰﺩﻟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮﺍ ﺍﻟﻔﺖ ڪﻠﻔﺖ ﺳﻤﻴﺖ ﭔﻴﺎ ﺍﻧﻴڪ ﻣﻮﺿﻮﻉ ﭘڙﻫﻦ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺟﻮ ڏﺱ ﺭﻧﮓ ﮂﻧﮓ ﻣﻨﻔﺮﺩ ﺁﻫﻲ . ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﻏﺰﻟﻦ ۾ ﻫڪ ﻏﺰﻝ ﻫﺘﻲ ﭘﻴﺶ ڪﺠﻲ ﭤﻮ .
    ﺍﺭﺍﺩﻥ ﺟﻲ ﺗﺎﺑﺶ ﺗﭙﺎﻳﺎ ﮬﻲ ﭘﻴﺮ ﮬﻦ ﮬﻠﻴﺎ
    ﻧﻪ ﺳﺖ ڪﻮ ﺋﻲ ﺟﺴﻢ ۾ ﮬﻲ ﭘﻴﺮ ﮬﻦ ﮬﻠﻴﺎ
    ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺳﺞ , ﺍﭶ ﺭﺍﺋﻮ ۽ ﺭﭶ ﻧﻪ ﮀﺎﻧﻮﺭﻭ ﺻﻔﺎ
    ﺗﺘﻲﺀ ﺩﻝ ﻧﺎﮬﻦ ﭘﺮ ﺟﻬﻠﻴﺎ ﮬﻲ ﭘﻴﺮ ﮬﻦ ﮬﻠﻴﺎ
    ڏﺭﻥ ﭤﺎ ڏﮎ ﮬڪڙﻱ ۾ ﺧﻮﺵ ﺁﮬﻴﺎﻥ ﺗﻪ ﮀﻮ ﺁﺧﺮ
    ڏﭴﮡ ﮀﺎ ﭴﺎﮢﻦ ﺩﺭﺩ ﺳﺎﻧﮃﻱ ﮬﻲ ﭘﻴﺮ ﮬﻦ ﮬﻠﻴﺎ
    ﺳﻠﻴﺎ ﻧﺎﮬﻦ ڪﻲ ﺳﻮﺭ ﺳﻴﻨﻲ ۾ ﺋﻲ ﺍﮠ ﺳﻠﻴﺎ
    ﻣﭥﺎﻥ ڪﻨڊﻥ ﺟﻲ ﺻﺒﺮ ۾ ﮬﻲ ﭘﻴﺮ ﮬﻦ ﮬﻠﻴﺎ
    ﭤڪﺎ ﺋﻲ ﻧﺎﮬﻴﻮ ﺗﻴﺮ ﺍﮀﻼﺋﻲ ﺯﮬﺮ ﭔڏﻝ
    ﮐﮣﻲ ﺳﭛ ﺍﻳﺬﺍﺀ ﺗﻬﻤﺘﻮﻥ ﮬﻲ ﭘﻴﺮ ﮬﻦ
    ڏﮐﻴﺎ ﺍﻭﻧﺪﺍﮪ ﺭﺳﺘﺎ ﺳﺤﺮ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﺳﭹﺎ ﻣﮕﺮ
    ﭜﺮﻳﻞ ﺳﭙﻨﺎ ﺳﺎﺭﺍ ﮐﮣﻲ ﮬﻲ ﭘﻴﺮ ﮬﻦ ﮬﻠﻴﺎ
    ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻏﺰﻝ ﮐﻲ ﭘڙﻫﻨﺪﻱ ﭘﺎﮠ ﺋﻲ ﺍﻧﺪﺍﺯﻭ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﺟڏﻫﻦ ﺍﺭﺍﺩﻥ ﺟﻲ ﺗﭙﺶ ﺟﺴﻢ ﮐﻲ ﺗﭙﺎﺋﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭘﻴﺮ ﭘﺎﮢﻬﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺟڏﻫﻦ ﺟﺴﻢ ۾ ﺳﺎﻫﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺳﺞ ﺟﻲ ﺗﭙﺶ ﺭﭶ ﺭﺍﺋﻮ ﺍﭶ ﺑﮏ ﺑﻴﺤﺎﻝ ڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺗڏﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺭﻭڪﻲ ﻧﺎﻫﻴﻮﻥ ﺳﮕﻬﻨﺪﺍ ﻫﻦ ﻏﺰﻝ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍ ﻧﻪ ﻋﺠﻴﺐ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﺳﻤﺎﻳﻞ ﺁﻫﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﮐﻲ ﭘﺮﻭڙﮠ ﺟﻬڙﻱ ﺗﻬڙﻱ ﺟﻲ ﻭﺱ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﮐﻲ ﭘﺮﮐﮡ ﻻﺀ ﮔﻬﺮﻱ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﺟﻲ ﺿﺮﻭﺭﺕ ﺁﻫﻲ ‏( ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻲ ﺳﻮﭼﺎﺭ ڊﮔﺮﻱ ﺑﺨﺎﺭ ﭤﻮ ﭼڙﻫﻲ ‏) ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺟﻮ ﺁﻭﺍﺯ ﺍﻧﺪﺍﺭ ﺟﻲ ﺁﻭﺍﺯ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ﭼﻮﮠ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺎﻥ ﺟﻴڪﺎ ﺑﻪ ﺷﺎﻋﺮﻱ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ ﭘڪﻲ ﭘﺨﺘﻲ ﺍﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺟﻮ ﺁﻭﺍﺯ ﺁﻫﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻲ ﺗڙﭖ ﺁﻫﻲ ﻣﺎﻥ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﮐﻲ ڪڏﻫﻦ ڪﭽﻲ ﭘڪﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﻥ . ﻫڪ ﻫﻨﮅ ﻟﮑﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ
    ﺫﺍﺕ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ۾ ﭘﻴڙﺍ ڪﻴڏﻱ ﺳﺤﺮ
    ﺩﺭﺩ ﺟﻮ ﮔﻴﺖ ﮘﺎﺋﮣﻮ ﺁ ﺗﻮﮐﻲ ﺍﭸﺎ
    ﺍﻥ ﺳٽﻦ ۾ ﭘﺎﮠ ﺳﺎﻥ ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﻲ ﭼﻮﻱ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺍﻧﺪﺭ ۾ ڪﻴڏﺍ ﺑﻪ ﭘﻴڙﺍ ﺁﻫﻦ ڪﻴڏﻭ ﻭڏﻭ ﺩﺭﺩ ﺟﻮ ﺩﺭﺩ ﺟﻮ ﺟﻬﻨﮓ ﺁﻫﻲ ﺍﻧﺪﺭ ۾ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﺩﺭﺩ ﺟﺎ ﮔﻴﺖ ﮘﺎﺋﮣﺎ ﺁﻫﻦ ﺩﺭﺩ ﮐﻲ ﺩﻧﻴﺎ ﺍﻧﺪﺭ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﺋﮣﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﭸﺎ ﺩﺭﺩ ﺳﺎﻥ ﺟﻬﻨﮓ ڪﺮﮢﻲ ﺁﻫﻲ ﻫﻤﺖ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﺎﺭﮢﻲ .
    ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻫﻦ ﻭﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭔﻪ ڪﺘﺎﺏ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺑﺎﺭﺵ ۽ ﺩﺷﺖ ﭘﻴﻤﺎ ﺷﺎﻳﻊ ڪﺮﺍﺋﻲ ﭼڪﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﭘﺎﮠ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔڏﻳﻞ ﺷﺎﻋﺮﻱ ۽ ﮔﮅﻳﻞ ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻲ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ﺣﺼﻮ ﻭﺭﺗﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ” ﺍﺟڙﻳﻞ ﺍﻧﺪﺭ ﺟﻮ ﻋڪﺲ “ ” ﺳﺨﻨﻮﺭ ﺳﻨﮅ ﮄﺭﺗﻲ ﺟﺎ ”“ ﺳﻨﮅ ﺟﻮﻥ ﺷﺎﻋﺮ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ”“ 100 ﺷﺎﻋﺮ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ”“ ﺍﺣﺴﺎﺳﻦ ﺟﻮ ﺩﻳﺲ ”“ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﻧﮕﺮ ”“ ﺻﺤﺮﺍ ﻣﻨﺠﮫ ﺻﺪﺍ ”“ ﻋڪﺲ ﺟﺎﻧﺎﻥ ﻫﻢ “ ﻣﻬڪﻴﺎ ﮔﻞ ﮔﻼﺑﻲ “ ۽ ﭔﻴﺎ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ ﺳﻨﺪﺱ ﻫڪ ﻧﻈﻤﻦ ۽ ﻫڪ ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻮ ڪﺘﺎﺏ ﺳﻬﻴڙﻳﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﺟﻠﺪ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻲ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ﺍﻳﻨﺪﺍ . ﮐﻴﺲ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﻣﻴﮕﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎﻟﮕﺮﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻪ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﻣﭹﺘﺎ ﺍﻳﻮﺍﺭڊ ﭘﻦ ﻣﻠﻴﻮ ﺁﻫﻲ .
    ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﻧﻪ ﺭﮘﻮ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﻻﺀ ﺟﺎﮐﻮڙ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﭘﺎﮠ ﺍﺭﺩﻭ ﺍﺩﺏ ﮐﻲ ﭘﮡ ﮘﭙﻞ ﻋﺮﺻﻮ ﺍﺭﭘﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺍﺭﺩﻭ ﺍﺩﺏ ۾ ﭘﺎﮠ ﻧﻈﻢ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺳﺎﻥ ﻟﮑﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺍﺭﺩﻭ ﺍﺩﺏ ۾ ﺟﻬﻮﻟﻲ ۾ " ﺩﺷﺖ ﭘﻴﻤﺎ " ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﺘﺎﺏ ﺭﮐﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﻣﭹﺘﺎ ﻣﺎﮢﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ۾ ڪﻮﺑﻪ ﻟﻴﮑڪ ڪﻨﻬﻦ ﻣﭹﺘﺎ ﺟﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﭘﺮ ﻣﭹﺘﺎ ﭘﺎﮠ ﻟﻴﮑڪ ﺟﻲ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺟڏﻫﻦ ﻟﻴﮑڪ ﺳﮕﻬﺎﺭﻭ ﻣﻮﺍﺩ ﺍﺩﺏ ﮐﻲ ﺍﺭﭘﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﭹﺘﺎ ﭘﺎﮠ ﻟﻴﮑڪ ڏﺍﻧﻬﻦ ﺭڙﻫﻨﺪﻱ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ .
    ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺑﻨﻴﺎﺩﻱ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭ ﺁﻫﻲ ﻫﻦ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ﻟﮑﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ ۽ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺋﻲ ﺍﻧﺪﺭ ۾ ﺳﺎﻧﮃﻱ ﺭﮐﻴﻮﻥ ﺍﭤﺎﺋﻴﻦ ﺑﺲ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﺎ ﺯﻳﻮﺭ ﭘﺎﺭﺍﺋﮣﺎ ﺁﻫﻦ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﻭڏﻭ ﻣﻘﺎﻡ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ ﭼڪﻲ ﺁﻫﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭﻥ ﺿﺮﺍﺏ ﺣﻴﺪﺭ ﺍﺧﺘﺮ ﺣﻔﻴﻆ، ﭘﺮﻭﻳﺰ، ڪﻠﻴﻢ ﭔٽ، ﻧﻌﻴﻢ ﻣﻠڪ، ﺛﻨﺎﺀ ﻟﻬﭕﺮ ﻏﻼﻡ ﺣﻴﺪﺭ ﮂﻟﻮ، ﻃﺎﺭﻕ ﻗﺮﻳﺸﻲ ، ﻓﺮﺯﺍﻧﻪ ﺷﺎﻫﻴﻦ ، ﺍﺭﺷﺎﺩ ﺳﻮﻣﺮﻭ ، ﺷﻤﻴﻢ ﻣﺮﻱ ، ﻫﻴﻨﺎ ﻫﻴﺮ ﺁﮔﻨﺎﮢﻲ ، ﺟﻬڙﻥ ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭﻥ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ ڪﻬﺎﮢﻲ ﻓﻨﻲ ﻓڪﺮﻱ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﻫﭥﻲ ﻭﭠﺮﺍﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﮔﺬﺭﻳﻞ ڏﻫﺎڪﻲ ۾ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ڪﻤﺰﻭﺭ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭘﻴﻮ ﻫﺮ ﭔﺌﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﻟﻴﮑڪ ﺟﻮ ﭼﻮﮠ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻬﺎﮢﻲ ﻧﺎڪﺎﻡ ﻭﭸﻲ ﭘﺌﻲ ﺍﺻﻞ ۾ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻬﺎﮢﻲ ﻧﺎڪﺎﻡ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﻭﭸﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﭘﺎﮠ ﻧﺎڪﺎﻡ ﻭﭸﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺳﻨﮅ ۾ ﻫﺮ ﭔﻴﻮ ﺍﺩﻳﺐ ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﭼڪﺮ ۾ ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﺎﻥ ﻫﭣ ﻣﻮڙﻱ ﻭﻳﻮ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻧﻬﻦ ﻧﺎﻡ ﻧﻬﺎﺩﻥ ﭘﻮﺋﺘﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﻭﺭﺍﺋﻲ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻬﺎﮢﻲ ﻋﺮﻭﺝ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭼڪﻲ ﻫﺌﻲ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺧﻮﺷﻴﻦ ﻣﺎﻥ ﺟﻬﻮﻣﺮﻳﻮﻥ ﻫﮣﻲ ﺭﻫﻲ ﻫﺌﻲ . ﺳﻨﮅﻱ ڪﻬﺎﮢﻲﺀ ﺟڏﻫﻦ 70 ﻉ ﮐﺎﻥ 90 ﻉ ﻭﺍﺭﻱ ڏﻫﺎڪﻲ ۾ ﺗﺮﻗﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ ﺍﻥ ﺩﻭﺭ ۾ ڪﻴﺘﺮﻭﻥ ﺋﻲ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ڪﻬﺎﮢﻴﻮﻥ ﺗﺨﻠﻴﻖ ﭤﻴﻮﻥ ﺟﻦ ﺳﻨﮅﻱ ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﻋﺮﻭﺝ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ ﺟﻦ ۾ ﺟﻤﺎﻝ ﺍﺑڙﻭ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭰڙ ﻧﺴﻴﻢ ﮐﺮﻝ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺮﺍﺩ ﺍﻣﺮ ﺟﻠﻴﻞ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺍﺭﻭڙ ﺟﻮ ﻣﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﺍﻳﺎﺯ ﺟﻲ ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﻠﮣﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ۾ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻭﭠﺮﺍﺋﮡ ۾ ﺍﻫﻢ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺍﺩﺍ ڪﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺩﻭﺭ ۾ ﺍﻫڙﻱ ﺋﻲ ﻋڪﺎﺳﻲ ڪﻨﺪﻱ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ڪﻬﺎﮢﻲ " ﻣﺎﺀۡ " ﮐﻲ ﺗﺨﻠﻴﻖ ڪﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﭤﻮﺭﻱ ﻋﺮﻋﺮﺻﻲ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﺷﻬﺮﺕ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ ﻣﺎﻥ ﺳﻤﺠﻬﺎﻥ ﭤﻮ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻲ ﺍﻥ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺟﻬڙﻱ ڪﻬﺎﮢﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ڏﻫﺎڪﻲ ۾ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﮐﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ڏﻧﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ . ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﺍﮘﺘﻲ ﻭﮄﻱ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺩﻭﺭ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺟﻴڪﺎ ڪﻬﺎﮢﻲ ۾ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﺎ ﺳﻨﺪﺱ ﺍﺩﺑﻲ ﻟڏﻱ ﺟﻲ ﻫﻤﻌﺼﺮ ڪﻬﺎﮢﻴڪﺎﺭ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺎ ﺁﻫﻦ ﺳﻨﺪﺱ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﻧﮕﺎﺭﻱ ڪﺮﺩﺍﺭ ﻧﮕﺎﺭﻱ ﻣﺎﺣﻮﻝ ﺟﻲ ﻋڪﺎﺳﻲ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﻧڊ ﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺳﭛ ڏﭠﻞ ﻭﺍﺋﭡﻞ ﭘﺮﮐﻴﻞ ﭘﺮﻭڙﻳﻞ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ڪﻬﺎﮢﻲ ﺟﻲ ڪﺎﺭﻳﮕﺮ ﺁﻫﻲ ڪﻨﻬﻦ ﻭﺍﮂﻱ ﺟﻴﺎﻥ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﺑﻪ ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﮔﻬڙﻱ ﺍﻫڙﻭ ﺗﻪ ﭘﻴﺶ ڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﻲ ﭘﺎﮠ ﻃﺮﻑ ﻣﺎﺋﻞ ڪﺮﻱ ﮀڏﻳﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﮐﻲ ڪﻬﺎﮢﻲ ۾ ڏﺍﻥﺀۡ ﻃﻮﺭ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﺍﻟﮗ ۽ ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ﺁﻫﻲ ﺳﻨﺪﺱ ڪﻬﺎﮢﻲ ڪﺮﺩﺍﺭ ﮐﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﭘﻼٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻼٽ ﮐﺎﻥ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﻧڊ ڊﺍﺋﻼﮒ ﺑﺎﺯﻱ ﻫﻨﺮ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺁﻫﻲ ڪﻬﺎﮢﻴﻦ ۾ ﻟﻔﻈﻦ ﮐﻲ ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ﺗﻪ ﭘﻴﺶ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ﭴﮡ ﻣﻮﺗﻴﻦ ﻫﺎ ﻫﺎﺭ ڪﻬﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﭘﺎﺭﺍﺋﻲ ﮀڏﻱ ﭤﻲ . ﻫڪ ﺳﭽﻲ ﻟﻴﮑڪ ﺟﻲ ﺍﻫﺎ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﭘﺎﮠ ﺳﭽﻮ ﻫﺠﻲ ﭤﻮ ﺍﺩﺏ ۾ ﭘﮡ ﺍﻫڙﺍ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺋﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﺑﮣﺒﺎ ﺁﻫﻦ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ۾ ڏﺍﺕ ﺟﺎ ﺑﻴﭡﻞ ﻧﺎﻫﻲ ﺑﻠڪ ﺳﺪﺍﺋﻴﻦ ﻭﻫﻨﺪﻱ ﺭﻫﻲ ﭤﻲ ﺟﻴڪﺎ ﻋﻴﻦ ﺳﺤﺮ ﮐﻲ ﻟﮑﮡ ﮐﺎﻥ ﺳﻮﺍﺀ ﻭﻳﻬﮡ ﻧﭥﻲ ڏﺋﻲ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو