الله جي ذڪر ۽ دعائن ذريعي گناهن جي معافي

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2019۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    104
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ⭐ *الله تعاليٰ جي ذڪر ۽ دعائن جي ذريعي گناهن جي معافي* .

    تحرير: ابوعمير حزب الله بلوچ

    اسلام ۾ الله رب العالمين جي ذڪر ۽ دعائن جي تمام گهڻي اهميت ۽ فضيلت آھي ان ڪري قرآن ۽ سنت ۾ زندگي جي هر لمحي ۽ موڙ خوشي توڙي ڏک ۽ غم واري ۾ حالت ۾ مختلف ذڪر ۽ دعائون سيکاريون ويون آھن، هتي اهڙن دعائن ۽ وظيفن جو ذڪر ڪجي ٿو جن کي شريعت ۾ گناهن جي معافي جو باعث قرار ڏنو ويو آھي .

    ⭐ *(1)* جيڪو ماڻھو هڪ دفعو دل جي خلوص سان نبي ڪريم ﷺ تي (صحيح ۽ ثابت) درود شريف پڙھي ٿو...ان جا ڏهه گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا. (السنن الڪبريٰ للنسائي : 9807-9810 ،سلسلة الصحيحة : 3360)

    ⭐ *(2)* جيڪو ماڻھو کاڌو کائڻ کان پوءِ هيءَ دعا پڙھي ته ان جا گذريل سڀيئي (صغيره) گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنِي هَذَا الطَّعَامَ وَرَزَقَنِيهِ مِنْ غَيْرِ حَوْلٍ مِنِّي وَلَا قُوَّةٍ . (ابودائود : 4023)
    نوٽ : ياد رهي ته ڪبيره گناهه توبه ۽ معافي وٺڻ سان ئي معاف ٿين ٿا خاص طور جن جو تعلق حقوق العباد سان هجي .

    ⭐ *(3)* جيڪو ماڻھو ڪپڙا پائڻ وقت هيءَ دعا پڙھي ٿو ان جا گذريل سڀيئي گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي كَسَانِي هَذَا الثَّوْبَ وَرَزَقَنِيهِ مِنْ غَيْرِ حَوْلٍ مِنِّي وَلَا قُوَّةٍ . (ابودائود: 4023)

    ⭐ *(4)* اذان کان پوءِ هيءَ دعا پڙھڻ سان ماڻهو جا گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا : أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ، وَأَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُهُ وَرَسُولُهُ، رَضِيتُ بِاللَّهِ رَبًّا، وَبِمُحَمَّدٍ رَسُولًا، وَبِالْإِسْلَامِ دِينًا . (صحيح مسلم : 386)

    ⭐ *(5)* جيڪو ماڻھو نماز کان پوءِ ٽيٽيهه (33) دفعا سبحان الله پڙھي ، ٽيٽيهه دفعا الحمدلله پڙھي ، ٽيٽيهه دفعا الله اڪبر پڙھي ۽ هڪ دفعو :
    لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ، وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ . پڙھي ته سندس سڀيئي گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا پوءِ ڀلي اهي سمنڊ جي گجيءَ جي برابر ئي ڇو نه ھجن . (صحيح مسلم: 597)

    ⭐ *(6)* جيڪو ماڻھو رات جو جڏھن سمهڻ لاءِ بستري تي اچي ۽ هيءَ دعا پڙھي ته سندس سڀيئي گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا پوءِ ڀلي اهي سمنڊ جي گجيءَ جي برابر ئي ڇو نه هجن :
    لَا إِلَهَ إِلَّا اللهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ، لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللهِ، سُبْحَانَ اللهِ وَالْحَمْدُ لِلهِ وَلَا إِلَهَ إِلَّا اللهُ وَاللهُ أَكْبَرُ . (صحيح ابن حبان : 5528، صححه الالباني الصحيحة : 3414)

    ⭐ *(7)* جيڪو ماڻھو رات جو ڪنهن به وقت ننڊ مان جاڳي ۽ هيءَ دعا پڙھي : لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ، الْحَمْدُ لِلَّهِ، وَسُبْحَانَ اللَّهِ، وَلَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ، وَاللَّهُ أَكْبَرُ، وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ.
    ۽ پوءِ الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهري ته سندس دعا قبول ڪئي وڃي ٿي(يعني گناهه ڪيا وڃن ٿا) ۽ جي نماز پڙھندو ته اها به قبول پوندي . (صحيح بخاري: 1154)

    ⭐ *(8)* جيڪو ماڻھو فجر نماز کان پوءِ هڪ سؤ ڀيرا سبحان الله ۽ هڪ سؤ ڀيرا لاالٰه الاالله پڙھي ٿو ته ان جا سڀيئي گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا جيتوڻيڪ سمنڊ جي گجيءَ جي برابر ڇو نه هجن . (سنن النسائي : 1354)

    ⭐ *(9)* جيڪو ماڻھو ڏينهن ۾ هڪ سؤ ڀيرا : سُبْحَانَ اللَّهِ وَبِحَمْدِهِ . پڙھندو ته ان جا سڀيئي گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا جيتوڻيڪ سمنڊ جي گجيءَ جي برابر ئي ڇو نه هجن . (صحيح بخاري : 6405)

    ⭐ *(10)* جيڪو ماڻھو ڏينهن ۾ هڪ سؤ ڀيرا :
    لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ، وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ. پڙھندو ان جا هڪ سؤ گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا...(صحيح بخاري: 6403)

    ⭐ *(11)* جيڪو ماڻھو صبح جي وقت هيءَ دعا پڙھي ٿو :
    لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ، لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ، وَهُوَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ . ته ان کي اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان ڏهه غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب ملي ٿو ، ان لاءِ ڏهه نيڪيون لکيون وڃن ٿيون ، ڏهه گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا ۽ ڏهه درجا بلند ڪيا وڃن ۽ شام تائين اهو شيطان کان محفوظ رهي ٿو ۽ جيڪڏھن شام جو اها دعا پڙھي ٿو ته تڏھن به ان لاءِ ساڳيو ئي بدلو آھي. (ابودائود : 5077)

    ⭐ *(12)* جيڪو ماڻھو هيٺئين دعا پڙھي ٿو ان کي معاف ڪيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ اهو جنگ (جهاد) کان ڀڳو هجي : أَسْتَغْفِرُ اللَّهَ الْعَظِيمَ الَّذِي لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْحَيَّ الْقَيُّومَ وَأَتُوبُ إِلَيْهِ. (ترمذي: 3577)

    ⭐ *(13)* جيڪو ماڻھو هيءَ دعا پڙھندو ته ان جا گناهه معاف ڪيا ويندا جيتوڻيڪ سمنڊ جي گجيءَ جي برابر ئي ڇو نه هجن :
    لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ، وَاللَّهُ أَكْبَرُ، وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ . (ترمذي: 3460)

    ⭐ *(14)* سبحان الله پڙھڻ سان ويهه گناهه معاف ٿين ٿا ، الله اڪبر پڙھڻ سان ويهه گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا ، لاالٰه الاالله پڙهڻ سان ويهه گناهه معاف ٿين ٿا ، ۽ الحمدلله رب العالمين پڙھڻ سان ٽيهه گناهه معاف ڪيا وڃن (مطلب ته اهي ڪلما پڙھڻ سان ٽوٽل نوي گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا). (مسنداحمد : 8012. صحيح الترغيب والترهيب : 1554)

    ⭐ *(15)* جڏھن امام نماز ۾ : غَيْرِ الْمَغْضُوبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّالِّينَ . پڙھي ته مقتدي : آمين چون اهڙي طرح جيڪڏھن سندن آمين جي موافقت ملائڪن جي آمين سان ٿي وئي ته انهن جا پٺيان سڀ گناهه معاف ڪيا ويندا. (صحيح بخاري: 4475، مسلم : 410)

    ⭐ *(16)* امام جڏھن رڪوع مان اٿي : سَمِعَ اللَّهُ لِمَنْ حَمِدَهُ ، چوي ته مقتدي : اللَّهُمَّ رَبَّنَا لَكَ الْحَمْدُ ، چون پوءِ جيڪڏھن سندن قول جي موافقت ملائڪن جي قول سان ٿي ويئي ته انهن جا گذريل سڀيئي گناهه معاف ڪيا ويندا. (صحيح بخاري: 796)

    ⭐ *(17)* مجلس ۾ ٿيندڙ غلط سلط ۽ گناهه تي مشتمل ڳالهين جي معافي ۽ ڪفاري جي دعا جنهن سان مجلس ۾ ٿيندڙ گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا :
    سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ وَبِحَمْدِكَ، أَشْهَدُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ، أَسْتَغْفِرُكَ وَأَتُوبُ إِلَيْكَ. (ترمذي: 3433، ابودائود: 4857)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو