“سرزمين سنڌ مان “بيدار” وڇڙي ويو هليو”

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏17 ڊسمبر 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    112
    ورتل پسنديدگيون:
    27
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ

    پنهنجي سونهاري سنڌ ڌرتيءَ هر وقت ۾ بيشمار مردِ قلندرن کي جنم ڏنو آهي جن مان ڪن پنهنجي زندگي انسان ذات جي خدمت ڪندي گذاري، ته وري ڪن پنهنجو پاڻ کي مخلوق جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ته ڪن لکڻ جي ميدان ۾ عوام تائين پيغام پهچايو، اهڙن ئي ناليوارن ليکڪن ۽ اديبن ۾ فتح محمد سومرو جو به شمار ٿئي ٿو، جنهن کي دنيا “بيدار مورائي” جي نالي سان ياد ڪري ٿي.

    سندس ولادت پنج فيبروري 1937ع ۾ مورو ۾ صوفي شخصيت جي مالڪ جان محمد سومري جي گھر ۾ ٿي. پاڻ شروعاتي تعليم اباڻي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد فارسي ۽ ابتدائي عربي جي سکيا مدرسه رحمانيه مورو ۾ مولانا عبدالرحيم لغاري وٽ پڙهيائون، 1955ع ۾ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا مان پاس ڪيائون، جيئن ئي ميٽرڪ جي تعليم مڪمل ڪئي ته ان ئي سال ۾ کيس اسڪول ۾ نوڪري ملي، جتي پاڻ ايندڙ نسل کي تعليم ڏيڻ ۾ مشغول ٿي ويا. ملازمت دوران شروع ۾ کيس 75 روپيه ماهوار پگهار ملندي هئي ۽ 1997ع ۾ جڏهن رٽائرڊ ٿيا ته ان وقت سندس جي پگھار6 هزار 4 سؤ نوي رپيا ٿي.

    بيدار کي پڙهائيءَ دوران لکڻ جو شوق پيد اٿيو، ڪتاب پڙهڻ، ادبي ڪتابن کي مطالعو ڪرڻ سندس مشغلو بڻجي ويو، ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران 1954ع جي ڏهاڪي ۾ پاڻ پهريون دفعو “ڀٽائيِءَ جو ڀيرو، هاريءَ جي حياتي ۽ زميندار جي زندگي” تي مضمون لکيا، جيڪي سندن جي استاد محترم منصور ويراڳي کي بيحد پسند آيا. بيدار موارئي پنهنجي لکڻين ۾ اڪثر ڪري فرضي نالا جهڙوڪ:علامه اڦٽ مار ، علامه هڻ کڻ، علامه سيلاني، سجاڳ سومرو تخلص طور استعمال ڪيا آهن.

    1970ع ۾ الخالق ادبي اداره هالا ۾ ٿيل هڪ روح روهاڻ جي موقعي تي بيدار هڪ مقالو پيش ڪيو ته اتي موجود ناليواري شاعر انور هالائي کيس “بيدار مورائي” جي لقب سان نوازيو. بيدار موارئي 1956ع جي ڏهاڪي ۾ گهڻو عرصو مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندا رهندو رهيو، بيدار، هڪ سٺو ناول نويس، سيرت نگار، سوانح نگار ۽ افسانه نويس هو. سٺ کان مٿي سندن جا ڪتاب لکيل آهن، جن مان هن وقت تائين 54 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. بيدار 1999ع ۾الاصلاح پبليڪيشن دادو جي نالي سان اداري جو بنياد رکيو، اداري طرفان شايع ٿيندڙ سلسليوار “الاصلاح” جو چيف ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ان دوران هن رسالي جا سمورا انتظام پاڻ ذميواري سان سنڀاليا، اداري جي ڪتابن جي ڪمپوزنگ ڪرائڻ، پروف ريڊنگ، توڙي ڇپائي جا مرحلا سڀ پاڻ آخر تائين ذميداري سان سنڀاليا، ان الاصلاح رسالي توڙي اداري مان شايع ٿيندر ڪتابن جو ڪم هن وقت سندس پيارو شاگرد وفا شر طاهري نهايت سهڻي انداز سان سنڀالي رهيو آهي، اداري جي ڪتابن جي ڪمپوزنگ کان وٺي سرڪيوليشن تائين جا مرحلا بخوبي سرانجام ڏئي رهيو آهي.

    بيدار جو پهريون ڪتاب “حقيقي ايمان” 1958ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ايمان جي حقيقت بيان ڪيل آهي، ٻيو ڪتاب “حقيقي علم” لکيو، جنهن ۾ عارف ۽ عالم جي گفتگو ۽ بحث افساني ۽ ناول جي طرز تي ڪيل آهي. ٽيون ڪتاب “حقيقي دوست” ناول جي طرز تي لکيل آهي. 1984ع ۾ “ديدار بازي” نالي سان مزاح ۽ اصلاح تي مشتمل ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ دور جي عياشي، فحاشي ۽ عريانيءَ کي مدنظر رکندي، بدنظري جي باري ۾ هڪ بهترين ڪتاب لکيو.

    “ دهل وڄي دوسو مڙي” نالي هي ڪتاب غير شرعي، رسمي و رواج جي متعلق لکيو، جنهن ۾ ڄمڻ کان مرڻ تائين، ڇٺيء کان چٽي تائين، شادي کان تعديءَ تائين، مزاح سان ڀريل دلچسپ رسمن جو ذڪر ٿيل آهي.

    “زهريلا ڏنگ” ڪتاب نوجوان نسل جي اصلاح خاطر هڪ عبرت ناڪ، سبق آموز وقعات مشتمل ڪتاب ناول جي طرز تي لکيو ويو، هن ڪتاب جي اندر رنگارنگي پروگرام، ٽوٽڪا ۽ لطيفا ذڪر ڪيل آهن جڏهن ته هن ڪتاب جي اندر پريمي جوڙن وارو “لو مئريج” جو خصوصي ذڪر ٿيل آهي.“زهر ڀري زندگي” ڪتاب ۾ موجوده دور جي بک، بيماري، بدامني، بيروزگاري، پريشاني، خودڪشيءَ جي وڌنڌڙ رحجان کي ڏسندي هڪ بهترين، نصيحت آموز، اصلاحي، اسلامي واقعات تي مشتمل ڪتاب لکيو ويو.

    “ظلم جي زنجير” ڪتاب ۾ معاشري جي اصلاح خاطر لکيو ويو، جنهن ۾ ڪلارڪن جا ڪرتوت، اڳيان پويان ڪاف اٿس، آفيسرن جون ارڏيون، واپارين جي هيرا ڦيري، زميندار جا ظلم، پوليس جا پرڪار، ٻه سڻڀيون ۽ مکيه پارٽيون “ماسترن جي من مستي” ۽ “ڊاڪٽرن جي بي رخي ۽ بي توجهي”. ماسترن جو سائيڊ بزنيس ٽيوشن سينٽر۽ ڪاپي ڪرائڻ جو ٺيڪو، جهڙن عنوانن سان هن ڪتاب کي سينگاريو ويو آهي.

    “ انڌو گھوٽ ۽ ڪاڻي ڪنوار” نالي هن ڪتاب ۾ سبق آموز اصلاحي نصيحت، چپي چپي محبتن جا ڀريل اسلامي اکاڻيون شامل آهن، هن ۾ “انڌو گھوٽ ۽ ڪاڻي ڪنوار” پهرين رات جي عجيب و غريب گفتگو، حاجاڻي ٻلي ۽ عقيدت مند ڪئا، ڌمال جو حشر “ٻگهه پکي بزرگ” جا ڪڌا ڪرتوت، گدڙ ۽ اٺ جي ريسلنگ، پاڻ وڏي سان پڇ اٽڪائڻ جو نتيجو جهڙا عنوان شامل ڪيا ويا آهن، “دنيا دم گذر” ڪتاب ۾ حضرت پير مٺا سائين رحه ۽ حضرت سڄڻ سائين جن جي تقريرن جو تت ۽ ست بهترين نچوڙ، الله جي نيڪ ٻانهن جا قول شامل ڪيا ويا آهن. “محبت ملهه مهانگو”: اڳئين دور ۾ خلوص هيو، هن دور ۾ فلوس آهي، اڳئين دور ۾ علم اڻ لڀ هيو، ماڻهو سادا سودا هوندا هيا، ديني مدرسا توڙي اسڪول ورلي ملندا هيا، پوءِ به وڏڙن جو ادب، احترام، شناس ۽ ساڃاهه هئي، ڪينو ۽ ڪدورت جا ڪوار ڪو نه هيا. محبت جا مٽ هيا، پيار جا پياسا، محبت جي مٽن مان قرب جا ڪپا ڀري، اندر جي اڃ اجھائيندا هئا، اڄ علم ۽ عقل جا اڪابر مدرسن توڙي جو اسڪولن جو ڪاٿو ئي ڪونهي پوءِ به قرب محبت جو ڪال آهي وک وک تي نفرتن جو وڇايل ڄار آهي، دوکي دولاب ٺڳي فريب جو فصل تيار آهي. ان ڪري هن ڪتاب جو نالو “محبت ملهه مهانگو” رکيو ويو.

    بيدار مورائي جي تخليقن ۾ سماجي براين، سماج جي غلط رسمن رواجن، بي انصافي، ظلم ڏاڍ، رشوت خوري ۽ ذخيره اندوزي، منافع خوري، ڪامورن جي ڪڌن ڪرتوتن کي وائکو ڪيو اٿن، سندن جا اصلاحي سماجي افسانا، ناول، سيرت ۽ سوانح، ملفوظات، ديني ادب تي 60 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن. سندن جي اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مقالات بيداريه، سالار نقشبنديه طاهريه فيض جي طيغاني ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. بيدار مورائي روحاني فيض حضرت عبدالغفار “پير مٺا سائين” جن کان حاصل ڪيو، سندن جي وصال کان بعد سندن جي خليفي الحاج الله بخش المعروف سهڻاسائين رح جن جي بيعت ڪئي، حضرت سهڻا سائين رح جي وصال کان بعد سندن جي فرزند حضرت خواجه محمد طاهر المعروف سڄڻ سائين جن جي بيعت حاصل ڪئي. بيدار مورائي جي لکيل ڪتاب ۾ حضرت سڄڻ سائين، تقريظ ۾ لکن ٿا ته بيدار واقعي بيدار آهي، سندس دل بيدار، سندس، اخلاص بيدار ۽ بيدار جو ڪردار هر طرح سان بي داغ آهي جسماني لحاظ کان ڪمزور، لاغر مگر سندن محبت هر دم جوان آهي. بيدار موارئي جي لکيل ڪتاب محبت ملهه مهانگو ۾ صاحبزاده محمد جميل عباسي، تقريظ لکندي لکي ٿو ته بيدار مورائي پنهنجي تخلص مثل نهايت سجاڳ ۽ بيدار شخصيت آهي، جن پنهنجي سموري عمر کي معاشري اندر سجاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.

    سنڌ جو هيء نامور اديب ۽ ليکڪ 18 ڊسمبر 2013ع تي اربع ڏينهن هن فاني دنياکي الوداع ڪري درالبقا ڏانهن راهي ٿيو، کيس مورو جي اباڻي قبرستان “خليفي صاحب جي مقام” ۾ مٽيء ماءُ حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي مشهور سگھڙ ۽ شاعر عاجز رحمت الله لاشاري سندن وفات تي هي شعر ٺاهي پڙهيو:

    اڄ ڪري جانب جدايون، يار وڇڙي ويو هليو،
    سرزمين سنڌ مان “بيدار” وڇڙي ويو هليو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو