وڪلاء ۽ ڊاڪٽر وارو معاملو

'تعارف' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2019۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    *موجوده مسئلي کي سنجدگي سان حل ڪيو وڃي*

    تحرير ظھير حسين ملوڪاڻي

    اگرڪو انسان هن سڄي خطي ۾ غور ۽ ويچار سان نظر ڪندو ته هن سڄي خطي ۾ آباد رهندڙ ملڪ پوء چاهي اهي هن خطي جا سپرپاور ملڪ چو نه هجن چاهي اهي امير ملڪ چو نه هجن
    پر هن خطي ۾ آباد رهندڙ ننڊي يا وڏي ملڪ ۾ ڪانه ڪا مشڪل نظر ايندي
    پر انهن سڀن ملڪن جي ڀيٽ ۾ هن وقت پاڪستان ۾ گهڻي حصي تائين ڪانه ڪا مشڪل ضرور نظر ايندي مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل اقتدار ۾ ويٺل موجوده حڪومت جا ميمبر وري هن وقت هن نئي مسئلي ويتر موجوده حڪومت لاء هڪ نئو ڏچو پيدا ڪيو آھي نئي پاڪستان جا خواب ڏيکاري پنهنجو اقتدار ٺاهي موجوده حڪومت پاڪستان جون واڳون سنڀاليون جنهن حڪومت جون پر امن پاڪستان ٺاهڻ جون دعوائون هن وقت تائين مڪمل ناڪام ٿئي چڪيون آھن اقتدار ۾ ويٺل حڪومت جنهن لاء اقتصادي ۽ معاشتي حالتون ته تمام خراب آھن پر تازو ٿيل وڪلاء ۽ ڊاڪٽر جو مسئلو جنهن پاڪستان جي معاشتي ۽ اقتصادي حالتن کي ته نقصان پنچھايون پر اتي وري انهي مسئلي پاڪستان جي سڄي سياسي سماجي ۽ اخلاقي نظام کي به ڏهڪائي چڏيو آھي
    پنجاپ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊلاجي اندر گهڙي هڪڙي وڪيل جي علاج ۾ ٿوري ڪوتاهي جي ڪارڻ ڪري جيڪا پنهنجي من گهڙت بدمعاشي ڪئي انهي من گهڙت بدمعاشي پاڪستان کي انٽرنيشنل سطع تي گهڻون ڏهڪائي چڏيو
    جيڪي وڪيل قانون جا محافظ هوندا آھن جن وڪلين کي پنهنجي انهي شعبي جي ڪارڻ هن سماج ۾ عزت ملندي آھي انهي مليل عزت ۽ انهي شعبي جو انهن ناجائز فائدو ورتو آھي ۽ وري ڪجھ وڪيلن بدلي وٺڻ لاء اسپتال تي جوابي حملو پڻ ڪيو جنهن ۾ اسپتال ۾ پنهنجي حياتي سان کيڏڻ وارن مريضن لاء ويتر ڏکائي پيدا ڪئي ۽ مختلفن رپورٽن موجب چند مريضن پنهنجي حياتي کان به هٿ کڻي ويٺان ۽ اسپتال جي مشنيري کي به ڏاڊو نقصان پهتو جيڪو ڪم هن معاشري ۾ جاهل طبقي سان تعلق رکندڙ افراد ڪندا آھن پر اهي افراد به سرڪار جي وڏي عزت ڪندا آھن مونکي هڪ پڪي يادگيري آھي ته اسانجي ڳوٺ ڀرسان هڪ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ ٻنن پاسن وارن ماڻھن کي وڏو نقصان پهتو ۽ زخمي ٿيل ماڻھون وڃي اسپتال پهتان ته هاڻ جتي وري وڪيل پلاند ڪري سگهن ٿان سوچ جيڪا پڙهيل ۽ لکيل طبقي ۾ آھي اها وري جاهل طبقي ۾ ڪيتري هوندي اها توهان پاڻ سمجهو ٿان پر ڳوٺ جي چڱي مڙس جيڪو ايترو گهڻو پڙھيل لکيل به ڪونه هئو پر جيڪو ان فيصلو ڪيو اترو اگر هن وڪيلن ۾ هجي هان ته هي ايڏو وڏو مسئلو پيدا ئي ڪونه ٿئي هان ان چڱي مڙس جيڪو فيصلو ڪيو اهو انتهائي سٺو فيصلو هو ان پنهنجن ماڻھن کي چيو ته غلطي ڪري به اسپتال ۾ موجوده علاج لاء مخالف مريضن تي حملو نه ڪنجو چو جو اتي حملي ڪارڻ اسپتال جي ٻين مريضن ڊاڪٽرن ۽ اسپتال لاء هڪ وڏو مسئلو ٿئي سگهي ٿو هاڻ هتي اهيو سوال پيدا ٿئي ٿو چا ايترو عقل انهن وڪيلن ۾ نه هو جن اسپتال تي حملو ڪيو ٻئي طرف وري اقتدار ۾ ويٺل اسانجي وزير اعظم عمران خان جي ڀيڻ جو پٽ بئرسٽر حسان خان نيازي هن من گهڙت معاملي ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم نظر آيو جنهن جي انهي سرگرمي به موجوده وزير اعظم جي سياست تي به ڪجھ حصي تائين ڪارا داغ هنيا آھن پر اتي موجوده ان بئرسٽر حسان خان نيازي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي هڪ بيان جاري ڪيو آھي جنهن ۾ ان چيو آھي اي! ڪاش مان وڪيلن جي هن احتياج ۾ شامل نه هجان هان پر انهي جڳھ تي لاهور وڪيلن جي تنظيم سر گرم رهي انهن احتياجن کي جي دائري کي اڳتي وڌائڻ لاء چيو پر گهٽ ڪرڻ لاء نه چيو
    پر اتي وري لاهور هاء ڪورٽ پاران سخت قدم کنيو آھي جنهن پاران بيان جاري ڪيو آھي ته وڪيلن کي اسپتال تي حملي ڪرڻ جي جرئت ڪئين پيدا ٿئي ائين ته جنگين ۾ به ناهي ٿيندو توهان جي پروفيشن ۾ ڪاريون رڊون آھن توهان هن کي واقعو ڪئين ٿا چئون توهان کي خبر نه آھي اسان هن وقت ڪهڙي ڏک ۾ آھيون اسان وڪيل ٿيڻ کان پهريان حلف کنيو ته قانون ۾ معاشرو نه آھي جيڪو هنن ڪيو اهو جنگ جو قانون آھي چا توهان هڪ وضاحت ڏئي سگهون ٿا ته حملو چو ڪيو لاهور هاء ڪورٽ پاران اهيو سخت قدم کڻڻ سٺو سنوڻ ۽ اهميت جوڳو آھي
    هن معاشري ۾ ڊاڪٽر واري شعبي کي وڏي اهميت آھي جنهن کي هن سماج ۾ مجازي خدا ڪوٺيو ويندو آھي هن سماج ۾ وڪيلن جي بيٽ ۾ ڊاڪٽرن سٺي عزت ڏيندا آھن انهي ڪري موجوده اقتدار ۾ ويٺل حڪومت انهي مسئلي کي سنجدگي سان حل ڪري ۽ موجوده چيف جسٽس طرفان پڻ هڪ بيان جاري ڪيو ويو آھي جنهن ۾ ان چيو آھي ته لاهور واقعو افسوسناڪ آھي اميد آھي ته اڳتي ائين ڪونه ٿيندو ۽ اهڙا واقعا اڳتي نه ٿيڻ گهرجن جيڪو ڪجھ ٿيو اهو غير يقيني آھي ۽ وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر ۽ وڪيل ٻئي معتبر شعبا آھن ائين ٿيڻ نه گهرجي هان في الحال اهيو مسئلو لاهورهاء ڪورٽ ۾ آھي
    بهرحال اسانکي اهيا اميد آھي ته انهي مسئلي کي سنجدگي سان حل ڪري پاڪستان جي استحڪام کي وڌيڪ مظبوط ۽ محڪم ڪيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو