مير عبدالرسول مير به وڇڙي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2019۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    مير عبدالرسول مير به وڇڙي ويو
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    تنهنجو ناهي جواب

    تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو

    جهڙن موتين مالها لظفن جو خالق سنڌي زبان جو ناميارو شاعر مير عبدالرسول مير به هن رنگابه رنگي دنيا کي الوداع ڪري هميشه لاءِ ڏاڏاڻي ڏيهه روانو ٿي ويو سنڌ ڌرتي جو هي سريلو شاعر ڪافي عرصي کان گڙدن جي بيماري مبتلا رهيو هن سنڌ جي وڏن وڏن شفا خانن منجهان پنهنجي صحت کي درست ڪرڻ لاءَ وڏا وس ڪيا پاڻ علاج واسطي نوابشاهه ، حيدرآباد ، لاڙڪاڻو ، ڪراچي منجهان ڪافي ڀيرا ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايندو رهيو مڱر بيماري سندس پيڇو نه ڇڏيو سنڌ جي هن ناليواري اديب ، شاعر ، تعليمدان ،پروفيسر جي جسم کي نپوڙي ساهه ست ختم ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو اڄ پنهنجي خيرپور واري گهر منجهه دم ڌڻي حوالي ڪري سنڌ جي شاعر اديبن گهر وارن کان اوچتو موڪلائي ويو سنڌ ڌرتي جو (ڪافي گو شاعر ) جي لاجواب سڃاڻپ رکندڙ شاعر مير عبدالرسول مير سال 1970ع کان وٺي پنهنجي قلم وسلي شاعري واري سهڻي تخليق سان هو سنڌ جي شاعر ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو پاڻ زندگي جي آخري گهڙين تائين شاعري جا ٻول لکندو سنڌ جي شاعري واري صنف کي زينت بخشيندو رهيو پاڻ شاعر جي سڀني صنفن منجهه ڪامل سان شاعري سان نڀائيندو رهيو پاڻ عوامي شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو هن جي دل منجهه وطن جي حب ۽ انسان دوستي ۽ امن جي امنگ جو آواز ملي ٿو سندس جي شاعر منجهه ثقافتي رنگ پڻ نمايا ملي ٿو هو چوي ٿو ته

    هڪڙو ناهيان آءَ

    سنڌ سموري سور آ

    ڪان ڪان ڪري ڪانءَ

    سنڌ سموري سور آ

    سنڌ جو هي بهترين شاعر ، اديب رئيس مهر علي خان ٽالير جي گهر جمعي جي ڀلاري ڏينهن 7 اپريل 1950ع تي ولادت خيرپور جي گمبٽ تعلقي جي پنهنجي والد جي نالي سان منسوب ڳوٺ مهر علي ٽالپور ورتي تنهن بعد ڇٽي ڏينهن سندس نالو ( عبدالرسول ) رکيو ويو بعد ۾ هو وڏو ٿيو سندس تعليم جي سلسلي منجه 6 سالن جي عمر ۾ اسڪول منجهه ويهاريو ويو بعد ۾ هن سلڇڻي ننيگر تعليم جون سندون عام رواجي طور حاصل ڪندو ڪندو وڃي هوائن واري شهر ڄامشوري منجه قائم سنڌ يونيورسٽي منجهه (فزڪس ) واري شعبي منجهه داخلا ورتي جتان هن بهترين نمبرن منجهه (ايم اي سي جي ) ڊگري حاصل ڪري درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙ جي ليڪچرار طور شروعات ڪئي بعد ۾ ترقي ڪندي نوابشاهه جي سچل سرمت ڪاليج جو پرنسپل جو اهم ذميواريون به پوريون ڪندي نظر آيو پاڻ سال 1970ع کان وٺي شاعر ڪندي نظر آيو سندس جي شاعر ريڊيو پاڪستان “ پاڪستان ٽيليويزن تي ناليوارن گلوڪارن ، فنڪارن عابده پروين صاحبه ، حميرا چنه ، ممتاز علي لاشاري ، انور وسطڙو ، وحيد علي ، محمد يوسف ، ڦوٽو زرداري ، برڪت علي ، مصري فقير ، منظور سخيراڻي ، ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي مير عبدالرسول مير ۽ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي سندس شاعري کي عوامي داد پڻ ملندو رهيو مير عبدالرسول مير پنهنجي شاعري واري زبان منجهه ٻڌائي ٿو ته

    اسان پنهنجا جذبا مٽيا ڪين آهن

    اوهان ساڻ ناتا مٽيا ڪين آهن

    ڪتن جي غريبن تي ساڳي اڃا پڇ

    وڏيرن جا واٺا مٽيا ڪين آهن

    مير عبدالرسول مير شاعري جي غزل واري صنف سان به واهه جو نڀايو آهي پاڻ پنهنجي غزل ۾ چوي ٿو ته

    مون کي تنهنجون سارون سهڻا !

    ڄڻ ڪي مينگهه ملهارون سهڻا !

    مير وصل جون واڳون واري ،

    دردن جو ڪردارون سهڻا !

    ڪنهن سنڌ جي ناليواري اديب پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته مير عبدالرسول مير جي شاعري جي خوشبو لاڙڪاڻي جي زيتونن ، ميرپورخاص جي انبن ، خيرپور جي کارڪنن ۽ گهوگهاري جي سڳداسي چانورن جهڙي لاجواب سهڻي من مهڻي شاعري هاڻ هميشه خوشبو نشاور ڪندي ٻڌي ويندي سنڌ جي ناليواري غزل واري صنف واري شاعر جناب اياز گل (دل ) مير عبدالرسول مير شاعر بابت لکي ٿو ته سندس جي شاعري جا غزل مونکي خوشگوار ۽ خوبصورت آهن سندس جي غزلن ۾ نوان سر ۽ ساز سمايل آهن ، سندس جي شاعري جا اولڙا چٽا ڏس ۾ اچن ٿا. سنڌ جي ناليواري اديب شاعر پروفيسر ملهار سنڌي سندس شخصيت ۽ شاعري بابت چوي ٿو ته مير عبدالرسول مير هن جديددور جي ڪافي گو واحد شاعر جنهن ڪافي جي نصف کي ڀرپوريت عطاءَ ڪئي ۽ پاڻ ڪافي جي فن ۽فڪر جي تحيق پڻ ڪئي ، هن ڪافي جي صنف کي سڄي سنڌ ۾ واهه جو نشابر ڪيو
    سنڌ جي هن سيبتي شاعر نظم جي مڙني صنفن سان بهترين نڀايو آهي ۽ سمورنصنفن سان انصاف پڻ ڪندي نظر آيو سندس جا نظم ، ٽي سٽا ، گيت ، غزل ، بيت ، وائي ، ڪافي ، چوسٽا ۾ بهترين خيال سمايل آهن سنڌ جي هن بهترين شاعر سنڌي ادب جي جهولي ۾ شاعري جو هڪ ڪتاب ( سونهن ورونهن ) سال 2007ع ڌاري روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو وارن ڇپرائي پڌرو ڪيو هو مير عبدالرسول مير صاحب پنهنجي زندگي منجهه ڪيترن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو پاڻ سال 2005ع ڌاري بردو سنڌي ايوارڊ ، 2005ع ۾ ئي جمال الدين ڀٽي ايوارڊ ، 2006ع ۾ (پوئٽ آف دي ييئر ايوارڊ ، ۽ 2005ع ۾ لطيف ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو سنڌ ڌرتي جي هن ناليوار شاعر ،اديب جي گهر منجهه ذاتي لئبريري پڻ موجود آهي جتي هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب پڻ زينت بڻيل آهن مڱر افسوس سان پاڻ هن جهان منجهه ته ناهن رهيا مڱر شاعري ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن بڻيل رهندا مير عبدالرسول مير صاحب زندگي جا 69سال 8 مهينا 12 ڏينهن زندگي جا پل گذاري هميشه لاءِ وڇڙي ويو پاڻ هاڻ ورسي واري ڏينهن ياد ڪيو ويندو سنڌ جي هن اديب شاعر پنهنجي زندگي منجهه ٻه شاديون ڪيون هيون جنهن منجهان سندس کي الله تعالي 3 پٽن ۽ 9 نيانيڻ جي اولاد سان نوازيو هو آءُ سندس جي وڇوڙي تي سمورن گهر وارن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان

    تنهنجي پيار جي لائق ناهيان مان

    ڪيڏو به کڻي تو کي چاهيان مان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو