وائي جو خوبصورت سرجڻھار، جيئند علي مھر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏25 ڊسمبر 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    وائي جو خوبصورت سرجڻھار، جيئند علي مھر...!
    ففقير محمد سنڌي
    وَار خوشبوءِ ۾ ڄُھٻيل آهن،
    پير مينديءَ ۾ رتل آهن.
    اُتي ڀونئر جو ڪيڏو ڳاهٽ آ،
    وکون جنهن جاءِ تان کڄيل آهن.( تاجل بيوس)
    جيئند علي مھر پنهنجي ٽھي ۾ وائي جو خوبصورت سرجڻھار آهي، انهيءَ سان گڏ بهترين دوست ۽ ادب جو دلربا ڪوي پڻ آهي. وائي سنڌ جي ڪلاسيڪل صنف آهي، جنھن تي جيئند علي مھر مسلسل طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. جنهن جو چٽو مثال سندس ئي وائين جو ڪتاب اوسيئڙي ۾ شام آهي. جيئند علي مھر وائي ۾ پنهنجو مزاج روح جي رڌم سان تخليق ڪيو آهي، جنھن جي ڪري سڄيء سنڌ جا شاعر کيس وائي جي صنف حوالي کان سڃاڻڻ ٿا. جيئند علي مھر جي وائي ۾ ٻولي ڏاڍي سليس، سادي۽ فڪري اسلوب ۾ بهترين انداز سان پيش ٿيل آهي. جيئند علي مھر جي وائي جا هي سرا ڏسو :
    ساھ سرير کي،
    ڳڀي جي ڳولا.
    سفر زندگيءَ جو،
    اڪيلو ڪٽجي نٿو.
    رات سپني ۾،
    وهم ٿم ورائي ويا.
    جيئند علي مھر سنڌي ادب جو سڃاڻ ڪوي ،استاد ۽ بهترين نثر نويس به آهي ۽ مھر صاحب جي شخصيت گھڻا ئي پاسا آهن، جنھن ۾ انيڪ گل آهن ۽ انهن گلن جي خوشبو سڄي سنڌ کي معطر ڪيو آهي.
    تنوير عباسي جون سٽون ياد اچن ته :
    تنهنجي گھٽيءَ جي مٽي ميڙي،
    پنهنجو ڪعبو ٺاهيو آ مون.
    دل جي مقدس معبد خاطر،
    مسجد مندر ٺاهيو آ مون.
    شالَ وڌي سچ، سونهن، محبت،
    عمر سڄي ائين چاهيو آ مون.
    چاھ جي ڀرجهلي انسان جيئند علي مھر شڪارپور ضلعي ۾ جنم ورتو آهي، انهيءَ شھر کي سنڌ جو دبستان جي حيثيت حاصل آهي. جنهن ۾ سامي، شيخ اياز سان گڏ ڪيترائي ئي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خوبصورتي لاءِ ڏيئا روشن ڪندا رهيا آهن ۽ روشنيءَ جو دڳ سنڌي ادب ۽ قوم کي ارپي ويا آهن. جيڪي حال حيات آهن، اهي انهيءَ مشعل کي وسائڻ ڪونه ٿا ڏين، اهڙن فردن ۾ جيئند علي مھر به شامل آهي، جيڪو پنهنجي وت وس آهر ادب جي ميدان ۾ پنھنجا فرض سر انجام ڏئي رهيو آهي. جيئند علي مھر 26 ڊسمبر 1982ع تي ڳوٺ جيئو مھر، ميرواھ جي علائقيءَ ۾ جنم ورتو، 26 ڊسمبر جيئند علي مھر خاندان لاءِ باوفا جو ڏينهن آهي، ان لاءِ ته سندس شخصيت ۽ مزاج سنڌي ادب سان سلهاڙيل آهي. جيئند علي مھر وائي سان گڏ شاعريءَ جي ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. مهر جيئند غزل به سٺي پيراءَ ۾ لکيا آهن.
    نٿو روح رلجي نه ئي دل ٿي پلجي،
    سزا ڪاٽي سهڻل سڏڪيوهان مان در تي.
    هلي ڪانه هجت هيئين مانڌاڻ متل ڏس،
    دڳ پنهنجي پيرن جو کٽندو پيو وڃي.
    چاھ چميو پئي چڪور تڪي،
    پڪ! پرين هن چنڊ ۾ آهي.
    ڀاڳ وري پيو ڀتڙي جو،
    پوڙهيءَ هٿ ۾ جنڊ آهي.
    ڪيترائي اهڙا خيال آهن جن کي جيئند علي مھر جي قلم، ذهن ۽ اک پنهنجي حسناڪيءَ سان قلمبند ڪيا آهن. جيئند مهر جھڙو زندگيءَ ۾ سھل پسند آهي اهڙي سهپ ۽ سنجيدگي سندس شاعريءَ ۾ به موجود آهي.
    ميڪلن چواڻي ته :
    قدرت انسان ۾ جن به سرمدي شين کي امانت ۾ رکيو آهي، تن جي اظهار کي ئي ادب چئجي ٿو.
    خواجه محمد زمان جون سٽون، موقعي جي مناسبت سان ذهن ۾ هرکر ڪري رهيون آهن.
    اُسُر اُڀن ڏانھن، مڇڻ رهين رُڄَ ۾،
    جُزي جائز ناھ، ڪُلَ ريءَ ڪٽڻ ڏينھڙا.
    زندگي حقيقت جو پردو آهي، ان کي سھل پسنديءَ سان ٿورائي انسان آسان ڪري پيش ڪندا آهن، آخر ۾ جيئند علي مھر جو هيءُ غزل جنهن ۾ جذبا تڙپن ٿا.
    ڀورا ڀورا سپنا نظر ايندا رهيا،
    ڌار پنهنجا رستا نظر ايندا رهيا.
    خوشي ايندي ڪڏهن اڱڻ منهنجي،
    اکين ۾ الڪا نظر ايندا رهيا.
    ڪالھ کان پاھ بک تي غريب جو گھر،
    چوطرف سڏڪا نظر ايندا رهيا.
    تنھنجيءَ دل ۾ به وئي انسانيت مري آ،
    خيال ڪي پٽڪا نظر ايندا رهيا.
    تون ٿو سارينس هو پيو وسارئي جيئند،
    تات طبل تنڪا نظر ايندا رهيا.
    حساس ۽ درد مند دل رکندڙ جيئنڊ علي مھر سدائين سنڌي ادب ۽ پنهنجي قوم لاءِ اهڙا خيال سرجيندو رهي رب پاڪ کيس خضري حياتي نصيب ڪري.
     
    آخري ترميم: ‏26 ڊسمبر 2019

هن صفحي کي مشهور ڪريو