بينظير؛ هڪ بينظير ڪردار جي سياستدان.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    703
    ورتل پسنديدگيون:
    638
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀٽو خاندان جي سياسي تاريخ رت سان ڀريل آهي.پاڪستان جي سالميت ۽ استحڪام جي دشمن ماڻهن 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري سندس جسماني وجود کان ته نجات حاصل ڪري ورتي پر هن جي مقبوليت،ماڻهن جي دلين تي حڪمراني، سندس طلسماتي ۽ ڪرشماتي شخصيت کي اڄ به مٽائي نه سگھيا آهن.بينظير جيڪا 21 جون 1953ع تي ڪراچيء ۾ ڄائي،ريڊ ڪلف ۽ هارورڊ يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم بعد آڪسفورڊ يونيورسٽي مان سياست، اقتصاديات ۽ فلسفي ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪيائين ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيء مان ئي بين الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاريء جو ڪورس مڪمل ڪيائين.بينظير آڪسفورڊ يونيورسٽي يونين جي چونڊجندڙ پهرين مسلمان عورت هئي.بينظير ڀٽو کي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم هئڻ جو اعزاز به حاصل رهيو.بينظير ڀٽو ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ ”دختر مشرق“ سندس مشهور تصنيف آهي.بينظير ڀٽو 1988 ۽ 1993 ۾ ٻه ڀيرا پاڪستان جي وزير اعظم بڻي.بينظير ڀٽو جي زندگيء تي نظر ڊوڙائبي ته سندس زندگي مصيبتن،پريشانين،غمن ۽ المن مان ڀري پيئي آهي.هن پنهن جي والد کي آمرن ۽ جابرن هٿان شهيد ٿيندي ڏٺو ۽ هي اهو وقت هو جڏهن بينظير ان قسم جو شديد صدمو برداشت ڪرڻ جي عمر ۾ نه هئي.اهو ڪو معمولي واقعو نه هو جو اسلامي دنيا جي هڪ عظيم ليڊر کي هڪ عدالتي قتل ذريعي ڦاهيء تي لٽڪايو ويو.3 اپريل 1979ع تي پنهنجي والد جي شهادت کان هڪ ڏينهن اڳ هن پنهنجي پيء سان ٿيل آخري ملاقات ۾ سندس جدوجهد کي جاري رکڻ جو وچن ڪيو هو ۽ بعد ۾ هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاء وقت جي ظالم حاڪمن سان مهاڏو پڻ اٽڪايو ۽ هڪ ڊگھي جدوجهد جي شروعات ڪئي.وقت جي آمر پنهنجو هر ستم آزمايو،ماڻهن جي اگھاڙين پٺين تي ڪوڙا ۽ ڦٽڪا وسايا ويا،سندس والده محترمه نصرت ڀٽو جو مٿو ڦاڙيو ويو پر وقت جي ڪا به ستم ظريفي ۽ حالتن جي ڪابه سختي بينظير جي جمهوري جدوجهد جو رستو روڪي نه سگھي.پيء جي شهادت بعد سندس ڀائرن کي به هڪ هڪ ڪري قتل ڪيو ويو پر اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود به آمر ۽ سندن ساٿاري ٽولا هن اڪيلي هٿين خالي نينگريء کان سدائين ڊڄندا رهيا.هوء رڳو مهراڻ جي واديء جو فخر نه پر سمورن صوبن جي زنجير هئي.8 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن هوء اٺن سالن جي جلاوطنيء بعد واپس وطن وري ته ڪراچيء جي گھٽين ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو.جمهوريت جي دشمنن سندس قافلي تي آپگھاتي حملو ڪيو جنهن ۾ هوء پاڻ ته معجزاڻي طور تي بچي ويئي پر سندس 170 جانثار مٿانئس قربان ٿيندي شهيد ٿي ويا.

    ان خوفناڪ ڌماڪي بعد محترمه بينظير کي ڪيتريون ڌمڪيون ڏنيون وييون ۽ کيس عوامي مشن کان هٽائڻ جون ڪوششون ڪيون وييون پر هن جي رڳن ۾ جيڪو خون هو سو پوئتي هٽڻ وارو نه هو.27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ پنهنجي چونڊ جلسي کي خطاب ڪرڻ بعد جڏهن هوء واپس موٽي رهي هئي ته سندس جانثارن رستي ۾ نعري بازي شروع ڪئي ته بينظير انهن کي جواب ڏيڻ لاء گاڏيء مان ٻاهر نڪتي ان وقت گھات ۾ ويٺل ڪٺور قاتلن کيس پنهنجن گولين جو نشانو بنائي ڇڏيو.اهو تاريخ جو نهايت ئي المناڪ لمحو هو جڏهن سندس پرستارن سان گڏ سندس سياسي دشمن به ڳوڙها ڳاڙي ويٺا.ظالم قاتلن ظاهري طور تي ته محترمه کي سندس چاهيندڙن کان ڌار ڪري ڇڏيو پر ماڻهن جي دلين مان ڀٽو خاندان جي محبت ختم ڪري نه سگھيا.

    27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو جي ڪيل آخري تقرير نهايت ئي اهم آهي.سندس تقرير جو هڪ هڪ لفظ اڄ به ماڻهن جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي.بينظير پنهنجي آخري تقرير ۾ به پنهن جي ملڪ کي سامهون آيل خطرن طرف اشارو ڪندي چيو هو ته ”اوهان جو ۽ منهن جو ملڪ خطري ۾ آهي، سهڻي ڌرتي مون کي سڏي رهي آهي ۽ اسان دهشتگردن آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين.قبائلي علائقن ۾ پاڪستاني جھنڊو سدائين ڦڙڪندو رهندو.پاڪستان لاء منهن جي والد کي شهيد ڪيو ويو،منهن جا ٻه جوان ڀائر قتل ڪيا ويا.منهن جي پارٽيء جي قيادت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، منهن جي ماء کي روڊن تي لٺيون هنيون وييون.مون کي جيل ۾ رکيو ويو پر اسان موت کان ڊڄڻ وارا ناهيون،اسان عوام جي طاقت سان انتها پسندن کي شڪست ڏينداسين.“ محترمه ڀٽو جي سڄي زندگي عوامي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليء واري جدوجهد ۾ گذري.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بعد جيئن ئي هن پارٽي قيادت سنڀالي ته هن ٽڙيل پکڙيل ڪارڪنن کي هڪ ڪيو ۽ آخري دم تائين عوامي ويڙهه وڙهندي رهي.ضياءالحق جي آمريت خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ بينظير ڊگھي جلاوطني بعد 1986ع ۾ جڏهن وطن وري هئي ته سندس عظيم الشان استقبال ڪيو ويو.محترمه جيڏانهن ويندي هئي عوام جو سمنڊ ان طرف اٿلي پوندو هو.1988ع ۾ جڏهن هن کي پهريون ڀيرو ملڪ جي وزير اعظم بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو ته هن عوامي خوشحالي توڙي عورتن جي ترقيء جا ڪيترائي وڏا منصوبا شروع ڪيا پر رڳو ويهن مهينن بعد سندس حڪومت کي ختم ڪري مٿانئس سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا.1993ع جي عام چونڊن ۾ ڪاميابيء بعد هوء هڪ دفعو وري وزير اعظم بڻجي ويئي.2002ع جي عام چونڊن ۾ ان وقت جي آمر پرويز مشرف هڪ منصوبي هيٺ پيپلز پارٽيء کي حڪومت کان ٻاهر رکيو.2007ع ۾ مشرف جي منع ۽ انٽيليجنس ادارن طرفان کيس ڪليئرنس نه ملڻ باوجود هوء پنهن جي جان جوکي ۾ وجھي واپس پاڪستان پهتي ۽ پنهنجي پارٽيء جي چونڊ مهم شروع ڪئي.مشرف جڏهن ٽين نومبر تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ته محترمه اڳيان وڌي ڪري مشرف جي ان قدم جي سخت مخالفت ڪئي.اها 27 ڊسمبر جي هڪ بد نصيب شام هئي جڏهن بينظير ڀٽو جي قافلي کي حملي جو نشانو بڻايو ويو ۽ هوء اسپتال پهچڻ کان پهرين پنهنجو دم ڌڻيء حوالي ڪري چڪي هئي.

    محترمه جي نظرين،پاليسين ۽ سندس حڪومتي قدمن تي سوين اختلاف ٿي سگھن ٿا ۽ ڪيترن معاملن تي تنقيد به ڪري سگھجي ٿي پر هڪ ڳالهه جيڪا هر قسم جي اختلاف کان مٿانهين آهي سا اها ته هوء نهايت ئي دلير،مضبوط اعصابن ۽ مستحڪم ارادن واري خاتون هئي.هن جنهن صبر، همت ۽ مستقل مزاجيء سان مصيبتن،مشڪلات،ڏاڍ،ڏمر،صدمن ۽ المن جو مقابلو ڪيوپاڪستان جي پوري سياسي تاريخ ۾ اهڙو ڪو ٻيو سياسي ليڊر سندس برابري ڪندي نظر نٿو اچي.دشمن ته دشمن پر دوستن به دوستيء جي پردي ۾ هن سان جيڪي سياسي دوکيبازيون ۽ مڪاريون ڪيون اهي بيان کان ٻاهر آهن پر سلام آهي ان اڪيلي عورت جي همت کي جنهن آخر تائين عوامي جدوجهد تان هٿ نه کنيو.جڏهن پنهنجي سياسي حريف نواز شريف طرفان قائم ڪيل ڪيسن ۾ هوء پنهنجي معصوم ٻارن سان هڪ عدالت کان ٻي عدالت جا چڪر هڻندي هئي تڏهن به سندس منهن تي دلفريب مرڪ ٽڙندي هئي.محترمه جي وڃڻ بعد پاڪستاني سياست ۾ قيادت جو جيڪو بحران پيدا ٿيو آهي انهيء حقيقت کي ڪو تسليم ڪري يا نه پر سچ اهو آهي ته بينظير هڪ بينظير تدبر،فهم، فراست، بالغ نظري ۽ وسيع القلبيء واري صلاحيت جي مالڪ هئي.هن سياست ۾ نفاست،نزاڪت،شرافت۽ وقار کي ڪڏهن به هٿان وڃڻ نه ڏنو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو