فياض جتوئي:نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    فياض جتوئي:نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر

    عزيز ڪنگراڻي

    فياض جتوئي جو اصل نالو فياض حسين ولد حاجي بشير احمد جتوئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي هن بهترين شاعر پهرين مارچ 1991ع تي ڳوٺ شادي جتوئي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ 2001ع ۾ پاس ڪئي. مئٽرڪ 2006ع ۾ گورنمينٽ هائير پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪيائين. انٽر سائنس جو امتحان 2008ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. فياض جتوئي ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري 2012ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. ۽ استاد جي پيشي سان سلهاڙجي ويو.
    فياض جتوئي شاعري جي شروعات سال 2013ع ۾ ڪئي پر محنت ۽ جاکوڙ سان شاعري جي فن کي سمجهندي منفرد انداز ۾ تخليقي صلاحيتون ڪم آڻيندي شعر لکڻ لڳو. ٿوري عرصي ۾ ڪافي پذيرائي حاصل ڪيائين. سندس شاعري ڪاوش ۽ ٻين مختلف معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي.
    هن شاعريءَ ۾ نه صرف تخيلاتي صلاحيتون ڪم آنديون آهن پر ٻوليءَ جو به تخليقي سطح تي استعمال ڪيو آهي. هونئن ته شاعري جي ڪافي صنفن ۾ شعر لکيو آهي پر هن غزل جي صنف تي تمام گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي.
    سندس غزلن ۾ جدت ۽ ندرت جو عنصر به آهي ته تغزل جو رنگ به جهلڪي ٿو. سندس غزل فني لحاظ کان نهايت پختا آهن:
    غزل

    زندگيءَ جي هزارِ سپنن کي.
    اچ مٺي! تون سنوارِ سپنن کي.

    اوکي منزل ڪٽي پُڳا آهن،
    ڇانوَ ۾ اُٿ! ويهارِ سپنن کي.

    آنءُ شادي ڪَرڻ گهران ٿو رب!
    ڪر سڻائي، سينگارِ سپنن کي.

    مون کي اولادِ جان مٺا آهن،
    اي زمانا! نه مارِ سپنن کي.

    تنهنجا رهندا سدا، دُعَاگُو هي،
    جي پُڄائيندي پارِ سپنن کي.

    منهن مُهين جي دَڙي ڪري، ويٺو،
    فياضَ!هردم پڪارِ سپنن کي.

    غزل

    عشق پيرن کي ڏاڍا ڪشالا ڏنا.
    سي ڪشالا به ڄڻ عشق اعلي ڏنا.

    ٿڪُ سارو ڪريو هيٺ ڦهڪو ڪري،
    جئن ڀري پيار جا يار پيالا ڏنا

    آنءُ لائون لهي گهوٽ ٿيان هان مگر،
    جڳ اميدن جي در تي ها تالا ڏنا

    پٽ کي ڪالهه اسڪول جي فيس لئه،
    ماءُ لاهي ڪنن جا ٻَه والا ڏنا.

    درد جيون کي اڇليو انڌيري ۾ هو،
    ڪجهه اچي ياد تنهنجيءَ اُجالا ڏنا

    بيوسي , مفلسي هرگهڙي, زندگيءَ،
    کي عجب روپ ۾ فياض نالا ڏنا.

    فياض جتوئي بنان وڌاءُ جي نئين ٽهيءَ جو منفرد شاعر آهي ۽ کائنس توقع رکي سگهجي ٿي ٿي ته اڃا به محنت ۽ مشقت جي بٺِيءَ مان گذري سنڌي شاعري ۽ ٻوليءَ جي آبياري ڪندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو