مشرف،ماضي ۽ ” گھٻرائڻو ناهي“ ...!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هيء بدنصيب قوم هن وقت تائين اوڻيهه وزير اعظم ۽ ڪئين آمر حڪمران ڀوڳي چڪي آهي پر اقتدار جي ان مست محفل مان جيڪو به نڪتو سو بي آبرو ٿي نڪتو پر ان ۾ چسڪو ڪجهه اهڙو آهي جو اڄ به ان واٽ ۾ آسوندن جي قطار لڳي پيئي آهي،اميدن جون ٽنگيل شيروانيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن.اقتدار جي ڪرسين تي ويهندڙن جي بدقسمتي اها ئي رهي جو اهي پنهنجو اقتدار دائمي سمجھڻ لڳا جڏهن ته دائمي اقتدار ته رڳو رب ڪريم جي ذات کي حاصل آهي.ايوب خان جڏهن ڏهه سالا ترقيء جو جشن ملهائي رهيو هو ته خلق خدا ” ايوب ـــــــــ هائي هائي“ جا نعرا لڳائي رهي هئي.هن اقتدار سندس ”پٽي ڀائي“ يحيٰ خان حوالي ڪيو ۽ گمناميء جي اونداهين کيس هميشه لاء ڳهي ورتو.نشي ۾ ڌت يحيٰ خان ڪيئي چيل ۽ اڻ چيل ڪهاڻيون تخليق ڪري،پاڪستان کي ٻه ٽڪر ڪرڻ جو داغ پنهنجي پيشانيء تي سجائي هن جهان مان لڏي ويو.سندس موت تي نه ته آسمان رنو ۽ نه ئي زمين ماتم ڪيو.جناب ڀٽو جنهن ڪرسيء تي مڪ هڻندي چيو هو ته ” آئون مضبوط ناهيان پر منهنجي ڪرسي مضبوط آهي.“ وقت جي اک ڏٺو ته اها ڪرسي کيس ڪنهن ”تارا مسيح” کان نه بچائي سگھي.ضياء الحق جو دور آيو ته هر طرف ”اسلامي نظام“ جو شور برپا ٿيڻ لڳو،ڪرتي، شلوار ۽ شيروانيء جو رواج پيو،مٿي تي رئو نه ڍڪيندڙ خواتين کي ” پوپٽيون“ چوندڙ اسلام جي آڙ ۾ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو،مظلومن جي اگھاڙن پٺن تي ڦٽڪا وسائيندو رهيو پر سندس انجام اهو جو موت بعد سندس مڙهه کي مٽيء به قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندس جسم هوائن ۾ ئي دز بڻجي اڏامي ويو.افغان جنگ ۾ سندس انڌي شرڪت بعد پاڪستان ۾ جيڪو ڪلاشنڪوف ڪلچر آيو قوم اڃا تائين اهو ڀوڳي رهي آهي.وري ٽٽل ڦٽل جمهوريت آئي.1988ع کان 1999ع تائين قوم چار وزير اعظم ڏٺا.پهرين بينظير ڀٽو جي حڪومت آئي جنهن کي غلام اسحاق خان روانو ڪيو وري ميان نواز شريف وزير اعظم بڻيو ته ميان نواز شريف پاڻ سان گڏ صدر اسحاق کي به وٺي ويو.محترمه بينظير ڀٽو کي ٻيهر اقتدار مليو ته کيس پنهنجي ئي جماعت جي صدر فاروق لغاري سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي.ٽيئي ڀيرا چونديل وزارت عظميٰ جي سسي آئين جي 58 ٽو بي جي تلوار سان ڪپي ويئي.نانگ ۽ سيڙهيء جي ان سياسي راند جو انجام نيٺ اڪٽوبر 99 ۾ ان وقت ٿيو جڏهن آمر پرويز مشرف ميان نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ميان نواز شريف جلاوطن ٿيو ۽ مڪا لهرائيندڙ مشرف اسان جو مقدر بڻيو.جلا وطني ڪاٽڻ بعد ميان صاحب جڏهن وطن وريو ته هڪ ڏينهن هن مزاح جي موڊ ۾ چيو ته ” ماڻهو چوندا هئا ته قدم وڌاء نواز شريف! اسان توسان گڏ آهيون پر جڏهن مون قدم وڌايو ته پويان نهاريم ته ڪو به نه هو.“


    اسان جو هاڻوڪو وزير اعظم لاڳيتو چئي رهيو آهي ته ” اڙي چورو ۽ ڌاڙيلو! اڙي مودي جا يارو! اڙي رهزنو! هاڻي آئون اوهان کي نه ڇڏيندس.“ جيڪڏهن هن حڪومت ڏيڍ سال ۾ ڪجهه ڪري ڏيکاريو هجي ها ته شايد قوم به سندس فرمان تي جيڪار چوي ها پر هاڻي ها ۾ ها ملائڻ وارا رڳو ڪجهه چمچا ۽ مفادپرست ماڪوڙا رهجي ويا آهن جيڪي پنهنجن مفادن جي مٺائيء کي چنبڙيل آهن.حڪومت ۾ ويٺل هڪ مائي مشير ” ماسي مصيبتي“ جيڪا خبر ناهي ڪيترن سياسي درٻارن جي سلامي ڀري خان صاحب جي خدمت ۾ پهتي آهي اها ٽي وي تي اچي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ بدران سياسي مخالفن جا پٽڪا لاهڻ ۾ مصروف رهي ٿي ۽ هر وقت خان صاحب جي خوشامد جا قصيدا پڙهندي نظر اچي ٿي.جيڪر خان صاحب کي اهڙن ئي اقتدار جي پوڄاري سورج مکين کان مشورا وٺڻا آهن ته پوء ملڪ هليو! عثمان بوزدار کي شير شاهه سوري سڏيندڙ فياض چوهاڻ جو ماضي به گھڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو ته هن جو به تڙ تڙ جو پاڻي پيتل آهي .سندن پنجاب حڪومت جي نااهلي جو جواب ڳولهڻ بدران سندس چوڻ آهي ته ”شهباز شريف پنهنجا جيڪي چمچا ڪڙڇا ڇڏي ويو آهي اهي بوزدار کي ڪم ڪرڻ نٿا ڏين.“ سچ اهو آهي ته فياض چوهاڻ جي نوڪري پڪي ئي اهڙن بيهودن بيانن ۽ مخالفن جا پٽڪا لاهڻ سبب آهي ڇو ته بدقسمتيء سان خان صاحب کي ان قسم جا ”وفادار“ گھڻو پسند آهن.خان صاحب جي چوڌاريء اڄ ڪلهه اهڙن ماڻهن جو ميڙو متل آهي.انهن مان گھڻا هن وقت ٻيا ڪم ڪار ڇڏي رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي مدحت ۾ ترانا ڳائي رهيا آهن،ريلوي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ” مشرف نه غدار آهي نه ئي ڪرپٽ،هو اسان جو هيرو آهي.” وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ” اسان پرويز مشرف جا احسانمند آهيون جنهن نواز شريف مان اسان جي جان ڇڏائي.“ پرويز مشرف جي تعريف ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪندڙ وفاقي وزير داخلا اعجاز شاهه جوچوڻ آهي ته ” پرويز مشرف تي غداريء جو الزام غلط آهي. هن ملڪ لاء تمام گھڻيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن“ اهو سمورو شوراڳُوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جناب آصف سعيد کوسا جي ان بيان کان پوء اٿيو جنهن ۾ هن چيو هو ته آئين ٽوڙيندڙ ڊڪٽيٽر خلاف فيصلو اچڻ وارو آهي جنهن بعد حڪومت پاڻ اهو فيصلو روڪرائڻ لاء اسلام آباد هائي ڪورٽ پهتي هئي جنهن مان اهو ته ثابت ٿي ويو ته هيء حڪومت هڪ ڊڪٽيٽر جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي.حيرت آهي ته نومبر 2007ع ۾ ايمرجنسي لڳائڻ تي جنهن کي سپريم ڪورٽ آئين ٽوڙيندڙ قرار ڏنو هن وقت سڄو حڪمران ٽولو ان جي حمايت ۾ بيٺل آهي،چيو پيو وڃي ته پرويز مشرف ملڪ لاء تمام وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون پر ڪيترين ئي سخت حقيقتن بابت نه پيو ٻڌايو وڃي ته ”سڀ کان پهرين پاڪستان“ جو نعرو لڳائيندڙ مشرف هڪ ئي امريڪي ڪال تي ليٽي پيو هو ۽ هو آمريڪا کي اهو ڪجهه به ڏيئي ويٺو جنهن جو کانئس مطالبو ئي نه ڪيو ويو هو.امريڪي محبت ۾ گرفتار پرويز مشرف ڪو ر ڪمانڊرس کي اعتماد ۾ وٺڻ سواء امريڪا کي فوجي اڏا مهيا ڪيا ۽ راهداريء جي سهوليت به ڏني.محب وطن اڪبر بگٽيء کي بمن سان اڏايو ۽ لال مسجد جي بي گناهه نياڻين جي رت سان پنهنجا هٿ رڱيا.بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جو مکيه جوابدار پرويز مشرف 12 مئي 2007ع تي ڪراچيء ۾ پنجاهه کان مٿي معصومن جي رت سان ٿيل راند بعد پنهنجي مڪ لهرائيندڙ پرويز مشرف تي بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي نالي تي ڀارتي وزير اعظم من موهن سنگهه سان ڪشمير جو سودو ڪرڻ جا به الزام آهن.

    ليفيٽنٽ رٽائرڊ جنرل شاهد عزيز لکيو آهي ته ” مشرف هندستان سان ڳالهين جي اوٽ ۾ ڪشمير کي خيرباد چوڻ گھريو ٿي.“ مشرف جي ”خدمتن“ جو داستان ته وڏو آهي پر اڳتي هلون ٿا وزير اعظم صاحب بار بار قوم کي چوندو رهي ٿو ته ” گھبرائڻو ناهي.“ هن هي به فرمايو ته ”پنجن سالن تائين اوهين مون کان اهو ئي ٻڌندا رهندا ته اسان کي ڪيڏو نه وڏو خسارو مليو آهي.“ عرض اهو ته جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي ته اهو ئي ماتم ڪندي آهي پر خان صاحب وارو قصو ڪجهه گھڻو ئي ڊگهو ٿي ويو آهي.قوم ماني گراهه جي گھر ٿي ڪري ته اوهان نون ليگ ۽ پي پي دور جا سور ٻڌائڻ شروع ڪريوڏيو پر اهو سچ به ته ماڻهن کي ٻڌايو ته جيترو قرض نواز ليگ حڪومت پنجن سالن ۾ ورتو اوهان جي حڪومت چوويهن ملڪن ۽ ادارن کان رڳو پندرهن مهينن ۾ ايترو قرض وٺي چڪي آهي ۽ گڏيل قرض ۾ 9.3 ٽرلين روپين جو واڌارو ٿيو آهي جيڪو هڪ ريڪارڊ آهي.اوهان فرمايو ته معيشت ۾ ”بهتري“ جا آثار شروع ٿي ويا آهن پر زميني حقيقتون ڪجهه ٻيو ٻڌائي رهيون آهن.غريب جي معيشت ته پيٽ کان شروع ٿي پيٽ تي ئي پوري ٿئي ٿي.جتي پيٽ خالي هجن،اتي قوم گھٻرائي نه ته ٻيوڇا ڪري؟ شماريات جي رپورٽ مطابق نومبر مهيني ۾ ٽماٽا 436 روپيا ۽ بصر 159 روپيا ڪلو وڪاميو جڏهن ته اوهان جي هڪ وزير با تدبير فرمايو ته ماڻهن کي ٽماٽن بدران ٻوڙ ۾ دهي وجھڻ کپي پر روزمرهه جي سمورين شين جي اگھن ۾ واڌاري جو علاج به ان وزير وٽ آهي؟ گذريل هڪ سال دوران ڪڻڪ ۽ اٽو 18 سيڪڙو،مسور جي دال 57 سيڪڙو،ماش جي دال 35 سيڪڙو ۽ چڻن جي دال 15 سيڪڙو مهانگي ٿي.خان صاحب کي ڪا خبر آهي ته اهي شيون غريب ٿا استعمال ڪن يا امير؟نئين پاڪستان جي بانيء کان قوم وڏيون اميدون لڳائي رکيون هيون جيڪي مايوسين جي اونهين کڏن ۾ دفن ٿي چڪيون آهن.جيڪر حڪومت ڪنهن هڪڙي شعبي ۾ ئي ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري هجي ها ته قوم آئنيدي جي بهتريء جي ڪا اميد رکي ها هتي ته لڏو ئي لٺ تي آهي.سواء بيوروڪريسي جي روز روز جي اٿل پٿل جي ٻيو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي.سياسي ٽيم موجود ڪانهي،ڪارڪردگي زيرو،تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ وعدو ڪيل سڌارن جو پري پري تائين ڪو ڏس پتو ناهي.گڊ گورنس نالي ڪا صورت اڃاتائين ته ڏسڻ لاء ناهي ملي.پوليس ۾ هن وقت تائين جيڪي سڌارا آيا آهن اهي به سڀني جي سامهون آهن،وي آئي پي ڪلچر جو ڪيترو خاتمو آيو آهي اهو به سڀني پنهنجي اکين سان ڏسي ورتو آهي.سادگي ۽ بچت جا اصول منهن مٿوپٽيندي رهجي ويا آهن.ڇا وزير اعظم هائوس ۽ گورنر هائوس يونيورسٽين ۾ بدلجي چڪا آهن؟جيڪا حڪومت اهو چوي ته سرديون اينديون ته ڊينگي مڇر پاڻهي ختم ٿي ويندو،انهيء حڪومت مان اها اميد لڳائڻ ته اها ملڪ ۽ قوم کي سمورن بحرانن مان ڪڍي پار پوندي ڪنهن ديواني جو خواب ئي ٿي سگھي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو