تعليم جو ڏينهن ۽اسان جون ذميواريون

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    تعليم جو عالمي ڏينهن: سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ذميوار ڪير؟؟؟
    ساجد مسڻ

    تعليم جيڪو انسان جو پيدائشي حق آهي,تعليم ذريعي ئي قومن جون تقديرون بلدبيون آهن,تعليم جي عروج سان ئي اڄ يورپي ملڪ دنيا جي گولي تي حڪمراني ڪندي نظر اچن ٿا.
    ماھرِ تعليم استاد مٺل خان مسڻ جو قول آهي ته "انسان علم جي ذريعي ئي ڪائنات جي گؙجھ\راز کي ڇھي چڪو آهي"
    ان قول جي اھميت کي نظر ۾ رکندي اڄ جيڪا سائنس جي ناقابل يقين ترقي ٿي آهي,اھا به علم جي ذريعي ئي ٿي آهي ۽ اڃا ته وڌيڪ حيرت انگيز ايجادون ٿيڻون آهن,جنهن سان انسان جو ذھن ۽ حواس ٽڪرائجي ويندا.
    ھن وقت ته اسان گھٽ ۾ گھٽ يورپي ملڪن جي ترقي جي راز جي باري ۾ ڄاڻي چڪا آھيون ته علم ئي ترقي جو واحد ذريعو آهي,پر جيڪڏهن اسان علم جي اھميت کي اسلامي نظريي جي نقطه نگاه سان ڏسون ته اسان کي ھي مشهور حديث نبوي ملندي ته "علم جي طلب ھر مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي"
    ڇا اسان جنهن اسلامي جمھوري ملڪ ۾ رھون ٿا ان ۾ عورتن کي تعليمي ميدان ۾ برابري جا حق ملن ٿا؟
    يا اسان جي اسلامي جمھوري پاڪستان ۾ عورتن لاءِ ڪي مخصوص اعلي' سائنسي تعليمي ادارا موجود آهن جتي عورتون پنهنجن بي مثال صلاحيتن جو اظھار کليل نموني سان ڪري نيون نيون تحقيقون ڪري عالمي برادري سان سائنسي ميدان ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھلڻ جي قابل ٿي سگهن؟پر افسوس جو اسان وٽ عورتن لاءِ اھڙي قسم جو ڪو به ادارو موجود ڪون نه آهي.
    پاڪستان جي تعليمي نظام ۽ سڌارن جي حوالي سان جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته اسان کي سڀني صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي تعليم جو معيار وڌيڪ ئي ڪريل نظر ايندو.
    ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر جيڪو وڏو سبب تحقيق ڪرڻ کان پوءِ سامهون آيو آهي اھو آهي استادن جون تعليم دشمن تنظيمون.
    جيڪڏهن ٿورڙو استادن جي تعليم دشمن تنظيمن جو جائزو وٺون ته اسان کي مڪمل خبر پئجي ويندي ته انهن تنظيمن جو اصل نصبؙ العين ڪھڙو آهي؟
    ھي جيڪي استادن جا اڳواڻ آهن ۽ سالن کان ھڪ ھٽي قائم ڪندا اچن ٿا,ھر ڀيري جبري طور پاڻ کي ڪامياب ڪرائيندا اچن ٿا,ائين کڻي چئجي ته لاڳاپيل عھدن ته عمر ڀر جو ٺيڪو سندن حوالي آهي,ٻئي ڪنهن کي موقعو ئي ناهي ڏيڻو ڄڻ عھدا سندن خانداني وراثت ۾ مليا ھجن.
    عھدن کڻڻ جو مقصد تعليمي ادران ۾ بھتري آڻڻ,استادن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ,شاگردن تي مڪمل توجهه ڏيڻ,پابندي سان ڪلاس وٺڻ,شاگردن کي گھرو ڪم ڏيڻ ۽ ڪلاس ورڪ ڪرائڻ,انهن کي مختلف ذھني ڪرت ۾ شامل ڪرائڻ بجاء,گوسڙو ثابت ٿيڻ,ھڪ به پيرڊ نه وٺڻ جو قسم کڻڻ,ايماندار بالا آفيسر جيڪو سندن احتساب جي ڳالهه ڪندو ھجي,ان خلاف جلسا جلسو ڪڍي نعري بازي ڪرڻ,ان کي بليڪ ميل ڪري من پسند ڪم وٺڻ ۽ جيڪو استاد حق سچ جي ڳالهه ڪري ان جي بدلي ڏورانھين علائقي ۾ ڪرائي انتقامي ڪروائي ڪرڻ,جيڪي استاد ميرٽ جي بنياد تي پروميشن ۾ اچن ٿا,انهن کان ئي رشوت وٺي پنھنجا ذاتي کيسا گرم ڪرڻ,ڊي پي سي ۾ وري پنهنجن من پسند
    ماڻهن کي شامل ڪرائڻ,ٻين بي پھچ ۽ عادل استادن جو حق کائڻ, سالانه امتحان ٿيڻ کان پوءِ مسڪين ٻارڙن کان رشوت وٺي پوءِ سرٽيفيڪٽ ڏيڻ,سرڪار جي پاليسي مطابق مفت داخلا ڏيڻ بجاءِ کين کان پئسه وٺي پوءِ داخلا ڏيڻ انهن نام نھاد استاد اڳواڻن جو منشور بڻجي چڪو آهي,
    ھا البته ڪجهه استاد علم دوست,سماج سڌارڪ,ادارن کي ٺاھيندڙ,سينگاريندڙ ضرور آهن,انهن جي ڪوششن کي ھن تعليم جي عالمي ڏينهن تي سلام پيش ڪجو ٿو,اھڙن استادن تي قوم کي ڪالھ به فخر ھو,اڄ به فخر آهي ۽ سڀاڻي به فخر رھندو.
    سندي ۾ چوڻي آهي ته پنج آڱريون برابر نه آهن سڀئي راشي,بدعنوان,ڊيوٽي چور ۽ وڳوڙي نه آهن,پر اڪثريت اھڙن استادن جي آهن,جنهن جي ڪري نه صرف سنڌ جي تعليم تباهه ٿي آهي پر ساڳي وقت سندن پيغمبري پيشي جي ساک به متاثر ٿي آهي.
    اھڙن بي ضمير استادن کي گھرجي ته ھو وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪن ۽ سنڌ جي باشعور ۽ اھل نوجوانـن کي موقعو ڏين,جيڪي استاد ھوندي ڪاروبار ڪرڻ ۾ پنهنجو وقت وڃائين ٿا باقي پڙھائڻ کان تپ ٿين ٿو,اھڙا استاد نه صرف حڪومت تي بار آهن پر ساڳي وقت ھن قوم لاءِ ناسور پڻ بڻيل آهن,جنھنـجي جيتري مذمت ڪجي ايتري گھٽ آھي.
    جيڪڏهن ھتي تعليم جي بھتري لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي تنظيم الف اعلان جي ڪيل سروري کي ظاھر ڪجي ته سنڌ صوبي جي تعليم سڀني کان پٺ تي پيل نظر ايندي.
    ھن سال 2019ع جي ڪيل سروي مطابق سنڌ جي 57℅ پرئمري;37℅ مڊل ۽ 15℅ ھاءِ اسڪولن ۾ بجلي جي سھولت ناھي.جڏهن ته 60℅ سرڪاري اسڪولن جون عمارتون ناقابل استعمال آهن,ان کان علاوه ℅66 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن جيڪو نه صرف اسان سنڌ وارن لاءِ وڏو مسئلو آهي پر ساڳي وقت چيلينج پڻ بڻيل آهي.
    اھو آهي سنڌ جي تعليم جو معيار ۽ اسان جي استاد تنظيمن جو ڪردار,ڇا اھڙي عمل ۾ سنڌ جي تعليم جو معيار وڌندو يا ڪرندو؟
    ڇا اھڙي عمل سان استاد تنظيمون سنڌ جي تعليمي ڪرندڙ معيار کي بچائڻ ۾ پنهنجو ڪليڌي ڪردار ادا ڪنديون يا صرف نالي ماتر تعليم جي عالمي ڏينهن تي صرف نالو ڳائڻ لاء ھٿن ۾ بينر کڻي ٻه نعرا ھڻي تعليم جي بھتري جو خواب ڏسنديون رھنديون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو