فقير محمد سنڌي ،فن ۽شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    فقير محمد سنڌي (شخصيت ۽ فن)
    غفار عباسي

    سنڌي ادب جي دنيا ۾ ڪيترائي ناليوارا اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن ته ڪي جديد دؤر ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر جي ڏات سان ڪائنات ۾ علم جا روشن ڏيئا ٻارن پيا. اهڙن نامور اديبن شاعرن ۽ ڪمپيئرن ۽ ڪيترن ئي اخبارن ۽ مئگزين جي سنواريندڙن مان ففير محمد سنڌي به هڪ آهي. پاڻ هڪ سٺو شاعر به آهي ته ليکڪ به پڻ، سندس خدمتن جو دامن وسيع آهي.
    تعليم:
    فقير محمد سنڌي 7 جنوري 1983ع تي شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ٿيو. ٻاراڻي دنيا کان ڪتابي دنيا سان واڳيل رهيو جنهن اسڪولي تعليم پرائمري شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو. ميٽرڪ 1998ع ۾ گورنمينٽ پائليٽ هاء اسڪول لاڙڪاڻي مان. انٽر 2000ع ۾، ۽ بي اي 2003ع ۾ سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۽ ايم اي سنڌي ادب 2005ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائون. ان کان علاوه فقير محمد سنڌي صاحب انگريزي تعليم سان گڏ ديني تعليم به پرايائين جنهن ۾ مولوي عالم فاضل جو امتحان 1998ع ۾ پاس ڪيائين ۽ درس نظامي جو ڪورس 1995ع کان 2001 تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان سند الفراغ سان فارغ التحصيل ڪيائين.

    پاڻ جيترو گھڻين ڊگرين جي نالن ۾ ورهايل آهي ايتروئي مختلف رخن ۾ لکڻ جي دنيا ۾ ڪيترين ئي صنفن تي لکي چڪو آهي. جنهن ۾ شاعر، محقق، مضمون نگار، ڪالم نگار، سنوانح نگار ۽ سهيڙيندڙن ۾ به شمار آهي. پاڻ هڪ ئي وقت ليکڪ به آهي ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي خوبصورت لفظن جو جوڙيندڙ ڪمپيئر به رهيو آهي ۽ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ڪيترن ئي روزاني ۽ سلسليوار اخبارن جو ايڊيٽر ۽ ڪاميٽي ميميبر رهيو آهي. فقير محمد سنڌي روزانه قلمڪار ۽ ارادو اخبار ۾ هر روز شاعرن، اديبن ۽ نامور انسانن جي جنم ڏينهن ۽ وفات جي ڏهاڙن تي تحقيق ڪري روزانو سھڻي معلومات پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. جيڪا هر روز ڪيترن ئي علمي ادبي ماڻھن کي ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي.
    هر سٺو ماڻهو پنهنجي، پنهنجي شوق جي صلاحيتن مطابق پنهنجي پسڪردائيء ۽ قوم ۾ پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪندو آهي. مثلا؛ هڪ ٻڪرار وڌيڪ ٻڪرار ئي پيدا ڪندو آ، هڪ چور وڌيڪ چور ماڻهو پيدا ڪندو آ، ۽ هڪ نشائي گھڻا نشائي پيدا ڪندو آ، ائين ئي هڪ سٺو علم شناس ۽ ليکڪ ماڻهو گھڻا علم جا ڏيئا ٻاريندو آهي. ۽ انهن علم جي روشن ڏيئن مان فقير محمد سنڌي به علم ادب جي راھ ڏسيندڙن رهبرن مان هڪ آهي.
    جيڪو مون جهڙن ڪيترن ئي ادب جي شاگردن ۾ اتساھ پيدا ڪري وڌيڪ پڙھڻ ۽ لکڻ لاء آمانده ڪندو آهي. تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو اٿائين مٺي طبيعت جو مالڪ فقير محمد سنڌي هر هڪ سان سهڻي نموني پيش اچڻ حال احوال وٺڻ سندس سھڻو اخلاق سڀني لاء پيار پيدا ڪندڙ آهي. پاڻ روزانه ارادو ۽ ٻين سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن ۾ مختلف ادبي سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي سهڻي نموني سان سوانح سهيڙي پيو. پاڻ نه صرف رڳو تحقيق ۽ سنوانح تي ڪم ڪيو آهي، پر فقير محمد سنڌي سٺو شاعر به پڻ آهي. جنهن جي قلم مان ڪيترائي سهڻا شعر سرجيا آهن. جن ۾ ڪيٿرائي آس پاس جي ماحول کان متاثر ٿي ڪمال جا احساس اميج ڪري قلم بند ڪيا اٿائين. فقير محمد جي قلم مان جيڪي لفظ جنم وٺن ٿا اهي آفاقي تخلي (Divine Creation ) ۽ لطيفي احساسن جو سرچشمو آهن.
    هر تخليقار پنهنجي تخليق جي پاڻيء سان نفرت جي باھ کي وسائيندو آهي. نفرت کي تير جهڙي تشبيھ ڏيندي چوي ٿو۔

    جاني جيون جوڙ،
    مون کان منهن نه موڙ.

    نفرت آ ڇا لاء،
    من ۾ تير نه کوڙ.

    پيارن جي ڌار ٿيڻ سان دل به يتيم ٻار جيان پنهنجن کان پري بي سهار هوندي آهي. پوء ايندڙ ڏک به اڳيان رڙيون ڪري سڏيندا آهن، اهڙي سمي پيار ڏيڻ جي تند ٽٽڻ جي ايزاء کي نظم کي هنن لفظن ۾ تصوير ورتي اٿائين

    جن پيار ڏنو ٿي دوست سڏي
    سي يار ويا ڇو مون کي ڇڏي

    مون ساھ ڏنو ويساھ ڪري
    يارن نه نڀايو هائو ڪري
    دل مون کان وٺي ويا غم گڏي.

    پرچڻ ۽ رسڻ به حياتيء جا حصا رهيا آهن، رسڻ ڪڏهن دوست جو رسڻ ڪڏهن گھر ڀاتين سان رسڻ ته ڪڏهن ويجھن پيارن سان رسڻ ڏکيو هوندو آهي. جن کانسواء اسان کي ساھ کڻڻ به اوکو محسوس ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جون جايون جيء ۾ جڙيل هونديون آهن. ۽ پوء اهڙي ئي ڪيفيت ۾ فقير محمد سنڌي جي نظم جون سٽون آهن.

    تون بن دلڙييار ٻي آ
    دانهن به دل جي ڪنهن نه ٻڌي آ
    مايوسي پئي نسري جانا

    اسري ويا ٽھڪ سڀئي
    پن پن ٿي ويا سپنا سي ئي
    وهم پيا هن اسري جانا

    تخليقار پنهنجي آرٽ ۾ زندگيء جي هر ڏک ۽ سک، سميت اک جي دري مان نظر ايندڙ اڪيلائي جي ڪائنات کي جو چٽو عڪس ڪڍندو آهي، جنهن ۾ سندس يادن ۽ سنڀارن جي هڪ ننڍڙي تاريخ جڙندي آهي. ۽ بلڪل ائين ئي اڪيلائي جي گھڙيء کي فقير محمد پنهنجي پيار کان وڇڙي سهاري لاء پنهنجي وائي ۾ سهاري جو سڏ هيئن ڪيو آهي

    تتل رڻ تي راڻا مران ٿو اڪيلو
    مران ٿو اڪيلو
    ٿي اچي واهرو
    مئا بک ۾ مارون
    ڪٺو ڪنهن نه ڇلهيو
    ٿي اچي واهرو

    ڪهڙو ته درد ۽ درمانن جو سهڻو اميج ڪري آندو اٿائين جنهن ۾ مارن جي بک ۽ بي سهاري جا، ساٿ لاء سڏ ئي سڏ آهن. فقير محمد سنڌي جا شاعري، تاريخ، ريڊيو اسڪرپٽ ۽ مضمونن ۽ مقالن تي سندس ست 7 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن جا نالا هن ريت آهن. جن ۾ شاعري جا مجموعا ”وچن وفا جا“ 2004ع ۾ ٻيو ”جاتي جيون جوڙ“ 2008ع ۾ ۽ ٽيون گڏيل شاعري جو ڪتاب ”قلمڪار قوي“ 2009ع ۾ ۽ چوٿون دنيا جي عظيم ڏاهن جي سهڻن قولن جو سهيڙيل ڪتاب ”عظيم هستين جا عظيم قول“ 2012ع ۾ قلمڪار پبليڪيشن پاران شيع ٿيو. ۽ سندس پنجون ڪتاب تاريخ تي ”سنڌ جي تاريخ“ (سهيڙيل تاريخ وارا) آڪٽوبر 2013ع ۾ شايع ٿيو. ڇهون ڪتاب شخصيت تي لکيل ”حفيظ کوهارو فن ۽ شخصيت“ ستون ريڊيو اسڪرپٽ تي لکيل ڪتاب ”سونهن سنبارا“ 2016ع ۾ شايع ۽ سندس تاريخ جو ڪتاب ”سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق“ (جي ايم رئيساڻي جي زندگي بابت ترتيب هيٺ آهي.
    علمي ادبي خدمتون:
    فقير محمد سنڌي نه صرف سنڌي ادب کي 6 ڪتاب ڏنا آهن، پر پاڻ ٻين ڪيترين ئي علمي ادبي تنظيمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻ مختلف عهدن تي رهي علم ادب جي خدمتن ۾ پاڻ ملهايو آهي. جيڪي خدمتون سندس زندگي جو هڪ سهڻو باب آهن.
    جن ۾؛
    1.نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻو جو (رابطه سيڪريٽري).
    2.اياز ادبي اوطاق، سنڌ )سيڪريٽري جنرل).
    3.قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو (نگران).
    4. ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2006ع.
    5. ايڊيٽر قلمڪار مئگزين (لاڙڪاڻو).
    6. ايڊيٽر سجاڳ مئگزين (لاڙڪاڻو).
    7. ايڊيٽر سلسليوار قلمڪار اخبار (لاڙڪاڻو).
    8. ايگزيڪيوٽر روزاني ارادو اخبار (لاڙڪاڻو).
    هي گھڻ رخن تي قلمي ۽ علمي خدمتگار فقير محمد سنڌي پنهنجي فن فڪر جي ڏات جي ذريعي ڪيترن ئي پڙهندڙن ۽ سندس ٻڌندڙن ڪيترن ئي مداهن جي دلين ۾ جاء ورتي آهي. اڄ هن سهڻي آرٽيسٽ ۽ پياري شخص سائين فقير محمد جو جنم ڏينهن آهي. سندس جنم ڏڻ جون اڻڳڻيون وڌايون هجن. ۽ پاڻ سدائين جيان پنهنجي قلم سان سهڻا ليک لکندو رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو