پيارو فقير محمد سنڌي هڪ ئي وقت گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ...

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    پيارو فقير محمد سنڌي ھڪ ئي وقت گھڻ زخي شخصيت جو مالڪ آهي.....!
    ساجد مسڻ

    پاڻ بھترين ليکڪ,وقتائتو تجزيي نگار,ڪالمنگار,ريڊيو ڪمپيئرر,اديب,تاريخ جو ڄاڻو ۽ ناليورو صحافي آهي.
    ھن جي قلم مان ڪيترن ئي بي پھچ انسانن کي انصاف مليو آهي,ڇاڪاڻ جو پاڻ سماج سڌارڪ واري سوچ رکندڙ ۽ انسان دوست نظريي جو حامي آهي.
    اسان جو ھي پيارو فقير محمد سنڌي ھن وقت ٻن ڪمن جي ڪري خاص مقبوليت ماڻي چڪو آهي
    ھڪ ته ھر نئين ڪتاب تي بھترين ۽ وقتائتو جائزو ڪري ٿو
    ٻيو سنڌ جي علمي,ادبي ۽ تاريخي شخصيتن کي سندن جنم ڏينهن ۽ ورسين تي ڀيٽا پيش ڪندو رھي ٿو,اھڙو منفرد ۽ قابلِ داد ڪم صرف فقير محمد سنڌي ئي وڏي چاھ ۽ شوق سان ڪري ٿو.
    اڄ سندس ئي جنم ڏينهن آهي,پر مون کي اڃا تائين ھن جي ڪيڪ ڪٽڻ واري رسم جي خبر جي سڌ نه پئي آهي,
    يا ته لڳي ٿو يارن جو يار عيسي' ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ موجود ناھي,جو اھڙي پنهنجي دلبر دوست ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ شخصيت جي سالگره جي ڪيڪ ڪٽڻ واري رسم جو بندوبست نه ڪري سگھيو آهي!
    پياري فقير محمد سنڌي جي سڃاڻپ جو ھڪ ٻيو پھلو نوجوان نسل کي اڳتي کڻي اچڻ سان گڏوگڏ نون سيکڙاٽن سان وقتائتو تعاون ۽ سھڪار ڪرڻ ڪرڻ پڻ اھم حيثيت رکي ٿو.
    اسان وٽ اڪثر ائين ٿيندو آهي جو جيڪي سينيئر ھوندا آهن,اھي ئي پاڻ کي علمِ کؙل ۽ عقلِ کؙل سمھندا آهن,جونيئرس کي ڪجهه نه سمجهڻ,نه ئي انهن کي ڪا اھميت ڏيندا آهن.
    پر فقير محمد سنڌي اھڙي نيچ سوچ ۽ ڪريل عمل کان مٿانھون آهي,جيڪا ڳالهه ھن جي اعليٰ شخصيت جي ضمانت پڻ ڏئي ٿي.
    جنم ڏينهن جي موقعي تي ھن پياري فقير محمد سنڌي لاءِ کوڙ سارين دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو دلي اظھار ڪجي ٿو ۽ آخر ۾ اھا ئي اميد ڪجي ٿي ته پاڻ روايتي طور اڳتي به مظلوم ۽ بيـپھچ عوام جو آواز اعلي' ايوانن تائين پھچائڻ ۾ پنهنجو ڪليڌي ڪردار ادا ڪندو رھندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو