خط ساجد سومرو ڏانهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2020۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    خط.
    07/01/2020 تي موڪليل
    پيارا ساجد سومرا
    منڇر جي وچ ۾ ڪنول جيان نکرندو رهين

    پاڻ کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڃڻ پاڻ نامطمئني جي عالم ۾ ڪنھن عجنبي سان ٻيڙيءَ ۾ سوار هجو انهن ٻيڙين جي ته ڀٽائي سرڪار گهڻي ئي چاھ سان بيان ڪندو رهيو هو مگر خبر ناهي اسان هن سماج جي ظلمن ستمن جا دستان ڏسندي ٻڌندي ڃڻ انڌا گونگا هجون اسان جي آھ ۾ قوت نه رهي آهي اسان جي لکڻين ۾ اها جوت ناهي رهي پوءِ به نا اميد نه آھيون مگر سفر جاري رکيو اچون
    اسان جي احتجاجن ۾ اها صداقت نه آهي اسان روين کي ڏسندي ڏسندي پاڻ کي اڻ پورو محسوس ڪندو آهيان منهنجي نگاه هلندڙ A. K. C جا شيشا ٽوڙي سنڌو درياهه جي سيني تي ڪجه پلن لاءِ ڄمي وڃن ٿيون ڃڻ درياءَ مون سان مخاطب ٿيندي چوندو هجي اي اجرڪن جا رکوالا اي اجرڪ جي ڦلڙيون سان عشق ڪرڻ وارا تون ڪڏهن منهنجي ڪنٺ تي بيٺل سونهن ڀري سرنهن جي گل جي گلشن تي اقبالي شاهين نه ويٺل ڏٺو هوندو پر پوءِ به منهنجي پريم ڀري سنڌ جو زمزم انهن پيلي گلن کي ارپڻ کان ڪڏهن ڪونه ڪيٻايو هوندو درياءَ مون کي پنهنجي محبوب جهڙي آسيس ڏيندو رهيو آهي.
    ساجد سائين.. !!!
    پنهنجي اکڙين ڪڏهن هڪ ٻئي جي نگاهون جا پوتر پيار ناهين چميا پنهنجون آڱريون ڪڏھن تنھنجي نازڪ هٿن سان ته ميلاپ ناهي ڪيو پوء به مون کي تنهنجي آڱرين سان عشق آهي ڇو ته انهن هٿيار هلائڻ سکيو آهي تنھنجي هٿ ۾ قلم جو هٿيار آهي خوشي جو رقص مان دادو کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ محسوس ڪري رهيو آهيان پنهنجي محنت کي جاري رکيو اچ اها به ظاهري ته گهڻن لاءِ وقت جو زيان هوندو پر پڪ سمجه پرين تاريخ جي ورقن ۾ هر دوست اهيو ضرور لکندو تنهنجي لکڻين ۾ سماج جي ستم ظريفي کي اجاگر ڪرڻ ۾ ناڪام نه ٿي سگهي آهي
    آئُون پنهنجي چوڌاري ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهيان جن کي اڳواڻ يا رهبر طور اڳيان آندو ويو آهي اهي ٻه ٻه ڪلاڪ حريم شاھ ۽ سندل جي بي حيائي تي ته ڳالهائيندا آهن مگر انهن کي ڳالهائڻ نه ٿو اچي ته ماروي جي ماروئن سين ماڻيان شال مندائتي هجي واري موضوع تي ڇو نه ٿا ڳالهائين مارون وٽ پنهنجي لڄ ئي لوئي محفوظ رکي پهتي هو رهبر ڇو نه ٿا ڳالهائين سسئيء تي جا جبلن جا خطرناڪ گس لتاڙي پنهل پائڻ لاءِ ڪنھن شئي جو خوف نه رکيو انهن جي زندگيون تي بهس ڇو نه ٿا ڇڙن اهي مون اکي ڳواڻ جماڻ( وحشي) رهبر رهزن صفت انسان محسوس ٿيندا آهن
    پرين تنهنجو ڪتاب مون محفوظ ڪري ورتو آهي ڪجهه ڏکين وقتي حالتن جي ڪري پڙهي ناهيان سگهيو سو آئون پاڻ کي ڏوهاري محسوس ڪندي تنهنجي ئي عدالت ۾ پيش ڪيان ٿو جيڪا سزا سان منهنجي لاءِ دوا هوندي
    محبوب سائين!!!!
    توهان سان ملاقات ڪڏهن ته ناهي ٿي مگر پوءِ به توهان جي سونهن ۽ سيرت منهنجي لاءِ قابل رشڪ آهي تنهنجي گچي ۾ ڪارو سڳو مون کي خبر ناهي ته ڪهڙي عقيدي ڪهڙي باس خاطر تو پاتو آهي مگر اهي تنهنجي سونهن ۾ وڌيڪ نکار ۾ رونقون آڻي ٿو ڇڏي. منهنجي آخر ۾ رب پاڪ در دعا آهي ته هر ڏينهن اوهان لاءِ عيد جو ڏينهن هجي هر خوشي رب پاڪ اوهان کي نصيب هجي ضياء جي موت جي خبر جيان منهن ۾ مسڪراهٽون آڻيندو رهين
    آئون تنهنجي چاهتن جو شڪر گذار رهندس هميشه تنهنجي پنهنجو روح جيان
    اصغر علي جمالي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو