خط. حميد شڪيل گوزائي ڏانهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2020۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    12/12/2019 تي حميد شڪيل گوزائي ڏانهن موڪليل
    خط
    پنھنجو حال اوریان ٿو
    سنڌ جي سونهن جيان رهين سدا حميد شڪيل گوزائي
    جئين ته رات پنهنجا پر پکيڙي چڪي هئي آسمان ۾ تارا ڪنهن رلي جي ٽُڪ جيان پنهنجي سونهن بخشي رهيا هئا آئون پنهنجي گلن جهڙن پيارن ٻچڙن سان گڏ ڪمري ۾ هيم منهنجي زندگي جي ڪل ميراس ننڊ ۾ ستل هئي مگر ننڊ نه هئي ته فقط منهنجي نيڻن ۾ نه هئي آئون پنهنجي اندر بيچيني ڪنھن ڀٽڪيل مسافر جيان محسوس ڪري رهيو هيس جئين رات پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهي هئي ڄڻ اهيو پيغام ڏئي رهي هئي ته مان انڌرن کان پوء روشني آڻيدي آهيان مان مشڪلاتن کان پوء آساني آڻيدي آھيان ڄڻ رات جي اونداهي مون سان مخاطب ٿي چئي رهي هئي ته آئون ناميدون جا ڏيئا وسائي هن اوندهه ۾ به پاڻ ۾ محبوبن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ڪو رهزن انهن مٿان ڪهاڙي يا ڪنهن جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه مان ته هاري جي فصلن جي مٿان سرد راتيون ۾ به ماڪ ڀرسائيندي آهين ڪٿي هاري کي رات جاڳي نانگن بلائون جي لتاڙ ڪري پنهنجا فصل ڀرائڻ لاءِ بيچيني مان مشڪلاتون مان نه گذرڻو پوي تنهن هوندي هاري مزدور کي بيچيني واري ڪيفيتون مان گذرڻو پوي ته مان ڇا ڪيان. بس منهنجي ڪيفيت ۾ خبر ناهي ڇو اچي بي سڪوني ٿي هئي نه ان جي مون کي ڪاخبر پئي هئي نه رات جي ان سناٽي ۾ ڪو آواز ڪنن سان ٽڪراجي مون کي ٻڌائي ته مون کي ڪهڙي سبب جاڳ آهي بس مان پنهنجي ان ڪيفيت کي مٽائڻ لاءِ ايوب کوسي جو ڪتاب.( ويساهن جا وچن. ) پنهنجي هڪ ننڍڙي لائبريري مان کڻي پڙهڻ شروع ٿو ڪيان جنهن ۾ ايوب کوسي جو روح ڀٽڪندو محسوس ٿئي ٿو ان ڪتاب ۾ ايوب کوسو لکي ٿو ته "اسان پنهنجي صنف خط واري کان گهڻو پري ٿي ويا آهيون ڪو دور هوندو هو جو هڪ ٻئي ڏي خطن جي ذريعي حال احوال پيا لکبا ۽ وٺبا هئا. " سا ته حقيقت ئي آهي پيارا سالن مهينن کان پوءِ جڏهن خط ڪنهن محبوب جو پهچندو هو ته ان کي بار بار پڙهڻ کان پوءِ اکين تي بار بار گهمايو ويندو هو سالن تائين ان هڪ ننڍڙي پني جي حفاظت ڪئي ويندي هئي جيڪو هڪ پنو سنهي جي صورت ۾ ملندو هو. اڄ اسان ان سنهي جي اهميت مان ڄڻ نا واقف ٿي ويا هجون جئين حضرت يعقوب عليه السلام جن کي حضرت يوسف عليه السلام جو جبو مبارڪ مليو ته اهو فقط حضرت يعقوب عليه السلام جي لاءِ جبو نه مگر هڪ محبت ڀريو سنهيو به هو جيڪو اکين تي رکڻ سان اکين جو نور واپس به ڪرائي ويو هو. مون به ان خط واري صنف کي ڪنهن حد تائين جيارڻ جو عزم ڪيو آهي مگر ڪنهن نئين انداز سان جئين اڳ ۾ خط ٽپالي کڻي ايندا هئا مگر اڄ مان هي پنهنجو خط فيس بڪ جي ذريعي موڪلي رهيو آهيان. منھنجي هٿ ۾ ڪَتل آهي جيڪا منهنجي لاءِ منهنجو هڪ دوست عبدالوحید وساڻ گمبٽ مان کڻي آيو آهي ۽ هي دوست هميشه منهنجي لاءِ ڪَتل گيفٽ ڪري موڪليندو رهندو آهي جنهن جو آئون حقيقتن دل و جان سان شڪر گذار هوندو آهيان ۽ ڪَتل منهنجي پسند جي خوراڪ به آهي ۽ آئون وڏي شوق سان کائيندو رهندو آهيان مگر هڪ احساس جيڪو اڄ ڏياريو آهي ڃڻ ڪَتل مون سان مخاطب ٿي چوندي هجي ته توهان مون کي ڪيتري شوق سان کائو ٿا مگر ان شيء جو به خيال ڪيو ٿا ته منهنجي اندر هڪ کيکڙي ( يعني هڏي ) به آهي مون کي کائڻ مهل احتياط ڪيو ٿا متان ڏاٺ يا ڏند نه ڀڃي ڇو ته مون ۾ هڏي آهي توهان ڇو انهن ماڻهن سان ملڻ مهل راز سلڻ مهل ٽهڪ ڏيڻ مهل پنهنجي جاءِ تي وهيارڻ مهل اهيو ڇو ناهيو سوچيندا ته هنن جي اندر ۾ به لا تعداد هڏيون آهن مون ۾ ته هڪ هڏي هوندي به احتياط ڪيو وڃي ٿو مگر جنهن جو ڍانچو ئي هڏين جو آهي انهن کان بچاءِ لاءِ ڪا تدبير ڇو ناهيو وٺندا. تڏهن توهان کي خبر پوندي آهي جڏهن اوهان جي ٻٽيهه ئي هيٺ ڪري پوندي آهي .
    پيارا سائين محبوب جي مرڪ جهڙا...... !!!
    ماڻهو اسان کي تمام گهڻا مٺا محسوس ٿيندا آهن جئين مصري نباتون گڙ مگر هئي سڀ شيون تمام گهڻيون سخت هونديون آهن جن جي لذت ته وڻندڙ هوندي آهي مگر ان سختي جي ڃاڻ هوندي به اسان انهن سان بي پناهه محبت ڪندا آهيون . ٿوري احتياط جي ضرورت کي به مدي نظر رکڻ جي ڪوشش ڪجه ته بهتر آهي ڇو ته آئون بظاهري خود گهڻا ڌڪ کائي چڪو آهيان. اسان اوستائين ماڻهن لاءِ ڀلا هوندا آهيون جيستائين انهن جي مفادن ۾ آهيون . پيارا سدا آباد هجين.
    آئُون تنهنجو پنهنجو
    اصغر علي جمالي/ دادو
    12/12/2019
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو