طالب الموليٰ کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش: مختيار ملڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,814
    ورتل پسنديدگيون:
    27,200
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    طالب الموليٰ کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش

    مختيار ملڪ

    مخدوم طالب المولٰي جي شخصيت ۽ خاص طور سمورين ادبي ڪاوشن کي هڪ مضمون ۾ ئي سهيڙي ادب جي نون پڙهندڙن سموري ڄاڻ ڏني وئي آھي جيڪو #جنوري2015 تي ماهوار وک شڪارپور ۾ ڇپيو۔ اڄ مخدوم صاحب جي ورسي تي سندن ياد ۾ اوهان سان ونڊيان ٿو:

    طالب الموليٰ کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش

    اُها شخصيت وڏي شانائتي هوندي آهي، جنهن جي ذات رڳو پنهنجو پاڻ تائين محدود نه هجي، پر انسانذات جي ڀلائي ۽ بهتري جهڙن اعليٰ مقصدن لاءِ ڪو ڪارائتو ڪردار به ادا ڪري، تاريخ انهن مانائتن ماڻهن کي سنهري لفظن سان پنهنجي ورقن ۾ ساريندي ۽ سنڀاريندي آهي.
    سنڌ جي سرزمين اُنهن اَمُلهه انسانن سان ڀريل آهي، جن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جهڙي دلربا شخصيت جو وڏي عزت ۽ احترام سان بيان ڪري سگهجي ٿو. هو پنهنجي طبيعت ۾ نهايت نماڻا، مزاج ۾ مُرڪندڙ ۽ ماٺيڻا رهيا، هو سُٺي گفتار جا صاحب ۽ سُهڻي ڪردار جا مالڪ هئا.
    مان اهو پنهنجو اعزاز سمجهندو آهيان جو مون کي مخدوم صاحب سان ڪيترا ڀيرا ملاقات جو شرف نصيب ٿيو. پهرين ملاقات ته هونئن به يادگار هوندي آهي پر مخدوم صاحب سان ته واقعي ئي اڻ-وسرندڙ ۽ ديرپا نقش ڇڏي ويندڙ ملاقات چئي سگهبي. اهو منهنجو ننڍي وهي ۽ منهنجي ادبي زندگيءَ جي اوسر يا شروعات جو زمانو هو، جڏهن مان پياري سوز هالائي جي ڪوٺ تي پراڻا هالا ۾ سندس شعري مجموعي ”رنگ رتا پيچرا“ جي مهورت واري تقريب ۾ 20 نومبر 1981ع تي شريڪ ٿيو هئس. جنهن جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ صاحب جن ڪرڻ پئي فرمائي. مون سندن آڏو سوز هالائي جي ڪتاب جي حوالي سان ويچار ونڊيندي ڪجهه اهڙيون سٽون چيون، جن سان مخدوم صاحب جو ڌيان مون ڏانهن ڇڪجي آيو، مون چيو ته ”سنڌي شاعري کي هڪ گروه فارسي ۽ عربي جي ور چاڙهي اجنبي بڻائي ڇڏيو ۽ ٻي گروه هندي ۽ سنسڪرت جي لاڙي سان سندس حليو مٽائي ڇڏيو آهي ۽ سنڌي شاعري کي پڙهندڙن کان پري ڪري ڇڏيو آهي“. منهنجن انهن فڪرن تي مخدوم صاحب جي واه واهه.. جو پڙلاءُ منهنجي ڪنن ۾ ٻُريو ته مون کي وڌيڪ حوصلو ۽ همت ملي.
    مقالي جي پڄاڻي کان پوءِ مخدوم صاحب ڳراٽڙي پائي مليا ۽ ان کان پوءِ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ منهنجي مقالي جو حوالو ۽ منهنجو نالو کڻي منهنجي موقف جي تائيد ۾ خيال آرائي ڪيائون ۽ تقريب جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مهمانن واري ڪمري ۾ خاص طور ياد فرمايائون. سُڌ ملڻ تي اُتي پهتس ته پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ چيائون. جتي سندن ئي مهماني طور ڪيڪ ۽ بسڪيٽ رکيا ويا آهن، پاڻ ڪيڪ ڪاٽي پهريان مون کي ڏنائون ۽ منهنجي مقالي تي داد ڏيندي چيائون ته اوهان ننڍي ڄمار ۾ شاعريءَ تي سٺي ڇنڊڇاڻ ڪريو ٿا. مقالي جي اهڙي پذيرائيءَ تي سائين نثارحسيني پنهنجي رسالي ماهوار ”نئون نياپي“ لاءِ گهري ورتو پر سوز هالائي صاحب هڪ ڪاپي هئڻ جو چئي، ڪاپي پڄائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.
    ڪجهه سال اڳ جڏهن ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه تي اسٽيشن ڊائريڪٽر مقرر ٿيس ته هالا جي دوستن سان ملاقاتن ۾ ان رهاڻ جون ساروڻيون ورجائبيون رهيون، خاص طور سوزهالائي، سهيل ميمڻ، مخمور بخاري، نيازميمڻ، ساجن فقير وغيره سان ماضي جا ورق ورائيندي مخدوم صاحب جن ذڪر هيٺ ضرور ايندا هئا.
    ذڪر ڪيل ملاقات کانپوءِ ساڳي سال 1981ع ۾ سُتت ئي سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن پاران ”سنڌي ساهتي سال“ جي سلسلي ۾سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ ڪوٺايل ”ڪُل سنڌ مشاعري“ جي موقعي تي مخدوم صاحب جيئن ئي پنڊال ۾ داخل ٿيا ته مُهڙ ۾ سائين ظفر حسن شاهه سان گڏ بيٺو هُئس ته آجيان وارن جي ميڙ مان مخدوم صاحب جي مون تي ديد پئي ته کيڪار Wish ڪيائون. مون تڪڙو اڳڀرو ٿي ساڻن مليس ته مون سان منهنجو نالو کڻي چاهه وچان مليا ۽ پوءِ اسٽيج ڏانهن وڌيا.
    ان کان پوءِ مشاعري جي ميزبان اياز قادري صاحب مهمان شاعرن کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني ته سڄي اسٽيج شاعرن سان ٽمٽار ٿي وئي، مشاعري شروع ٿيڻ سان جڏهن شاعرن کي سڏيو پئي ويو ته اُهي اڪثر پنڊال مان مٿي پئي آيا. هونئن ته شاعر مشاعرن جي ترتيب ۾ آخر هئڻ کي اعزاز سمجهندا هئا پر اتي ماجرا ڪجهه ٻي هئي، وڏن شاعرن به چاهيو پئي ته اُهي مخدوم صاحب جي موجودگيءَ ۾ شاعري پيش ڪن ۽ تڪڙا واندا به ٿي وڃن، مخدوم صاحب مشاعري ۾ طبيعت جي ناسازيءَ سبب ٿوري دير لاءِ ويهڻا هئا. مون کي به مخدوم صاحب جي موجودگيءَ ۾ شاعري ٻڌائڻ جو موقعو مليو. پهريان ته مون سمجهيو پئي ته نئون شاعر هئڻ ڪري تڪڙو سڏيو ويو هو، پر قادري صاحب جن ٻڌايو ته مون کي دراصل مخدوم صاحب جي خواهش تي ئي سڏيو ويو هو. اهو عمل مخدوم صاحب جي نئين نسل ڏانهن مثبت سوچ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن سان نئين ٽهيءَ جي رهنمائي ۽ حوصلي افزائي ٿئي ٿي.
    مخدوم صاحب پيراڻي گاديءَ جي شان ۽ شوڪت تي ڪوبه هٺ يا وڏائي ڪونه ڪندا هئا ۽ فقيري کي فضيلت ڀائيندا هئا، جن جو اظهار مختلف شعرن ۾ ڪندا رهيا.
    اوهان طالب الموليٰ کي سمجهڻ جي ڪجو ڪوشش،
    سندس ظاهر جي شانن شاهڪارن تي متان ڀُلجو.

    طالب الموليٰ صاحب جي حقيقت ڇا آهي، اها به هو پاڻ ٻڌائن ٿا:
    اوهان جو طالب الموليٰ حقيقت ۾ فقير آهي،
    مگر ظاهر ۾ هو مخدوم ۽ هڪ پيرُ سمجهيو ويو.

    مخدوم صاحب پنهنجي باطن کي جيترو پاڻ ڄاڻندا هئا، ان جو اولڙو سندن سٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو:
    ڪندي ڇا اسان کي پيري اميري،
    اسان لاءِ ڪافي، فضيلت فقيري.

    مخدوم صاحب ۾ هڪ سٺي انسان وارا گڻ گهڻائي گڏ هئا، جن جو تذڪرو ڪيترين لکڻين ۾ موجود آهي. مخدوم صاحب جي زماني ۾ ٻه مکيه ادبي ڌريون هيون، هڪ ڌُر جو ادب برائي ادب تي ڌيان رهيو، روايت پسندي ۽ فن پسندي کي ئي ادب ڄاڻندا هئا ۽ ساڄي ڌر جي سياسي نظرين جا طرفدار هئا، مذهبي لاڙن سبب عربي ۽ فارسي سان قربت رکندا هئا، جن کي رجعت پسند سڏيو ويندو هئو. ٻي ڌر جو ادب جي سماجي ڪارج تي ڌيان رهيو، روايت پسندي ۽ فن پرستي تي جدت ۽ نواڻ کي اوليت ڏيندا هئا، خيال کي قالب جو محتاج بڻائڻ نه چاهيندا هئا، کاٻي ڌر جي سياسي نظرين جا حامي هوندا هئا، انهن کي ترقي پسند سڏيو ويندو هئو.
    مخدوم صاحب جيتوڻيڪ پهرين ڌر سان ويجهڙا رهيا پر انهن جو ادبي وهنوار انهن کان مختلف رهيو. تڏهوڪا فن پرست علم عروض کانسواءِ ڪنهن به شاعري کي ويجهو نه ويا، غيرعروضي شاعري کي جهنگلي سمجهندا هئا پر مخدوم صاحب فن پسند هئڻ باوجود پاڻ کي محض علم عروض جي شاعري تائين محدود نه رکيو پر غيرعروضي صنفن تي طبع آزمائي به ڪئي ۽ ان ۾ ڀرپور ڪوششون ورتيون جن ۾ بيت، ڪافي، ڏهر ذڪر جوڳيون آهن. اهڙي ريت عروضي صنفن ۾ به هو سنڌي شاعري ۾ غيرضروري فارسي ۽ عربي اثر قبول نه ڪيائون، پر ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رَسُ ۽ چَسُ به برقرار رکيائون.
    سياسي فڪر ۾ هو انقلابي رهيا، سنڌ ڌرتيءَ سان ڏاڍاين کان وٺي زماني جي روش تي سندن قلم جنبش ۾ رهيو ۽ ادب جي سماجي ۽ قومي ڪارج کي اهميت ڏني.
    بي تحرڪ زندگي بيڪار آ.
    بي عمل انسان ڄڻ بيمار آ.

    مخدوم صاحب رجعت پسندي ۽ ترقي پسندي جي موضوع تي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ناليواري ليکڪ ۽ ادبي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف جي پُڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو ته لکڻ ته ماڻهن لاءِ گهرجي، حد کان وڌيڪ رجعت پسندي به ٺيڪ ناهي، نه ترقي پسندي لائين، لائين هڪڙي آهي، جنهن تي بيهڻ گهرجي، پنهنجو هڪ شعر ٻڌايان ٿو:
    اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،
    ته مخدومي به دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

    هاڻي هن کي رجعت پسندي ته ڪونه چئبو، تنهن ڪري منهنجي راءِ مطابق وچ واري حصو، موزون لائين تي بيهڻ گهرجي“.
    مخدوم صاحب فڪري ۽ عملي طرح ڪيترن معاملن ۾ ترقي پسند ڌر جو هم خيال رهيو، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ هجي يا ون يونٽ جي جدوجهد، مخدوم صاحب انهن کان پري نه رهيو. هن سموري وارتا ۾ مخدوم طالب الموليٰ حقيقت پسند ۽ اڻ ڌريو ليکڪ جي حيثيت ۾ نمايان آهي.
    شاعري ۾ فن جي روايت پسند ڪن ٿا ته فڪر ۾ غيرروايتي آهن، نين موضوعن، خيالن، فڪري جدت لاءِ ڪوشان آهن ۽ هن سموري حقيقت کي مخدوم صاحب جي شاعري ۾ پروڙي سگهجي ٿو. جتي هو جدت ۽ قدامت جو ڳنڍيندڙ آهن، هُو هڪ ئي وقت عروضي يعني موزون شاعري جي روايت جا پاسدار آهن ته ٻئي طرف عروضي لڏي کان مختلف مزاج رکندي قديم لوڪ ۽ عوامي شاعري جي صنفن ۾ لکڻ ۽ ترقي ڏيارڻ ۾ سنجيده آهن. هُو وچٿرائي ۽ اعتدال کان ڪم وٺندي غيرضروري ادبي تڪرارن کان پاسيرا رهيا. عروضي ۽ غيرعروضي شاعري ۾ هڪ ئي وقت قلم آزمائي ڪرڻ مخدوم طالب الموليٰ جن جي مکيه سڃاڻ آهي، جنهن سان هو پنهنجي دؤر جي شاعرن کان گهڻو نرالا نظر اچن ٿا. مٿين پسمنظر ۾ مخدوم صاحب جي شاعريءَ جي مجموعي صنفن جو سرسري جائزو ڄاڻايل حقيقتن کي چٽيءَ ريت پڌرو ڪري سگهبو.
    عروضي صنفن ۾ غزل مخدوم طالب الموليٰ جي محبوب صنف آهي، پاڻ غزل جي روايتي صنف ۾ ميرعبدالحسين سانگي ۽ خليفي گل محمد گل وانگر سنڌي ساءُ ۽ سڳنڌ سمايو آهي. سندن سهيڙيل چونڊ غزل ”ديوان طالب الموليٰ“ جي سري هيٺ 1982ع ۾ شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪل 451 غزل شامل آهن، جيڪي جولاءِ 1982ع تائين لکيل 1451 غزلن مان چونڊيل آهن. سندس غزل ۾ فارسي اثر کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇوته ان زماني ۾ ترقي پسند فڪر جا شاعر به ساڳي ٻوليءَ جي اثر هيٺ رهيا پر مخدوم صاحب جا غزل رومانوي رنگ کان سواءِ دنياوي روپ پسائن ٿا. هن ديوان ۾ 52 کان وڌيڪ حرفن کي رديف بڻائي غزليات ڏنا ويا آهن، جن ۾ لفظن جي سادگي ۽ تغزل جي خوبي پڻ موجود آهي. ان کانسواءِ موضوعن جي وسعت غزلن جي انفراديت بڻيل آهي، جن ۾ نئين دؤر جي لفظن ۽ مشاهدن کي سمايو ويو آهي:
    ورهن کان پوءِ وصل جو هُن آسرو ڏنو،
    ويٽو هلائي وعدهِ فردا ڪري ڇڏيئين.

    ويٽو VETO انگريزي لفظ آهي، جنهن جي هڪ قوت آهي. علم سياسيات جو هڪ TERM جو استعمال غزل جي روايتي مزاج کان مختلف آهي، ان طرح سياست جهڙي موضوع کي شامل ڪرڻ هڪ نئون تجربو آهي:
    سياست يعني هر انسان فراموشي جو ٻيو نالو،
    اثر زهريلو ان ۾، لذتن ۾ ڄڻ ڪلا ڪندي.

    اهڙي ريت هڪ ٻيو انگريزي لفظ HILL به غزل جي هڪ شعر ۾ شامل آهي ۽ ان شعر ۾ دنيا جي گرمي ۽ سردي کي موضوع بڻايو ويو آهي:
    تفريح وٺڻ جو وقت ويو سردي ۽ گرمي هڪ آهي،
    دلبر جي گلي جو سير آ بس، ڪنهن هِل جي تمنا ڪري.

    مخدوم صاحب جن غزل ۾ غمِ جانان جي نفاستن کانسواءِ غمِ دوران جي حقيقتن کي پڻ روايتن کان وڌي پنهنجي غزلياتي شعرن جي خيالن ۾ سموهيو آهي.
    مخدوم صاحب عروضي صنفن ۾ هڪ مشڪل ليکجندڙ صنف ”رباعي“ سان به روح رلايو ۽ سندس مخصوص وزن ۾ رهندي فني ۽ فڪري روايتن جو لحاظ رکندي، جدت ۽ انفراديت سان شاعراڻو اظهار ڪيو. سندن رباعين جو مجموعو ”رباعيات طالب“ 1946ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي سندن ابتدائي شاعري شمار ڪجي ٿو.
    عروضي شاعريءَ جي صنفن ۾ غزل ۽ رباعين کانسواءِ قطعات لکڻ ۾ به مخدوم صاحب جي قلمي مهارت قابل ذڪر آهي. سندن قطعن جو مجموعو ”چهنڊڙيون“ 1992ع ۾ شايع ٿيل آهي، جيڪي 1948ع کان 1970ع تائين لکيا ويا آهن. قطعو عروضي صنف آهي پر مخدوم صاحب ان صنف کي سهڻي ۽ سادي ٻوليءَ سان سجايو آهي. سنڌ ۾ قطعا مقبول صنف رهي آهي، خاص طور مشاعرن ۾ غزل يا ڪنهن ٻي صنف کان اڳ ٻه چار قطعا چوڻ جو شغل به عام رهيو آهي، ان کانسواءِ روزاني يا هفتيوار اخبارن ۾ قطعا ڇپڻ جي روايت پڻ موجود آهي. اردو جي اخبار جنگ ۾ رئيس امروهي جو روزانو قطعو شايع ٿيندو هئو، ائين سنڌي اخبارن ۾ به اهڙي رواج کي جاري رکيو ويو. جنهن سبب قطعن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو. قطعو روايتي صنف هئڻ باوجود هر دؤر هي شاعر پنهنجي موضوعن يا بيان جي انداز سان جدت پئي ڏني آهي.
    مخدوم طالب الموليٰ به وقت جو بهترين قطعو گو شاعر رهيو آهي، چئن سٽن ۾ زندگيءَ جي واقعن، معاملن ۽ مسئلن کي قطعن ۾ سمائڻ ۽ مختصر شعر نگاري سبب سولائيءَ سان ياد ڪيا وڃن ٿا ۽ عام پسند آهن. مخدوم صاحب جي قطعا ۾ جدت ۽ انفراديت آهي ۽ ان جا موضوع عام زندگيءَ سان سلهاڙيل آهن. ”چهنڊڙيون“ ۾ چُڀندڙ احساسن جا اولڙا آهن:
    صدارت کي امامت ڪونه چئبو.
    حڪومت کي خلافت ڪونه چئبو.
    اها ڪا ڳالهه ٻي آ يارو!
    سياست کي صداقت ڪونه چئبو.

    قطعا بامقصد شاعري آهي، ترقي پسند نظريات جا صاحب اهڙي شاعري وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن، جنهن جو ڪو سماجي ڪارج هجي ۽ مقصديت لاءِ هجي. ان آڌار کان مخدوم صاحب ترقي پسند نظريات جي حامي اديبن کي پنهنجي ويجهو ڪري ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن لڏي وارا اديب مخدوم صاحب تي ڪا تنقيد نه ڪري سگهيا.
    مخدوم صاحب عروضي شاعرن جي لڏي جا سرواڻ ۽ سرپرست رهيا. 1946ع کان ”جميعت الشعراءَ“ جا سرگرم اڳواڻ رهيا، 1952ع ۾ جيڪب آباد واري اجلاس ۾ سرپرست ۽ صدر مقرر ٿيا. هن لڏي جي شاعرن جو روايتي شاعري ڏانهن لاڙو رهيو ۽ ساڄي ڌُر حڪمران طبقي جا مدح سرا به رهيا پر مخدوم صاحب حڪمرانن سان سياسي اختلاف ۾ رهيو. اهڙو اثر سندس قطعن ۾ به ڏسي سگهبو، جيڪي آمريت جي دؤرن ۾ لکيا ويا پر انهن ۾ مخدوم صاحب جن بيباڪ اظهار ڪندا رهيا.
    مخدوم صاحب علم عروض جي لڳ ڀڳ مکيه صنفن تي قلم آزمائي ڪئي، غزل، رباعي ۽ قطعن کانسواءِ مثنوي، مرثيا، سه حرفيون پڻ لکيون. اهڙي سخن گوئي ۾ ڪا نه ڪا نواڻ ضرور آندي، جنهن سان سندن شعري گڻن ۾ واڌارو آيو.
    اهڙي ريت مخدوم صاحب پنهنجي دور جي نرالي ادبي شخصيت آهن، جن جو علم عروض جي موزون صنفن کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي اَساسي صنفن سان به گهرو سٻنڌ هئو، جن ۾ بيت شامل آهي. بيت سنڌ جي اوائلي صنف آهي، مخدوم صاحب جي خاندان ۾ بيت جي شاعري جو رواج هئو، سندن وڏن ۾ مخدوم نوح جا بيت بنيادي شاعريءَ جو درجو رکن ٿا. سنڌ جي ترقي پسند ڌر جي شاعرن عروضي شاعري کان بغاوت ڪندي اصلوڪين صنفن کي سگهه ڏني، ته جيئن فارسي ۽ عربيءَ بدران سنڌي ٻولي کي عام مقبول بڻائي سگهجي. مخدوم صاحب هِن ڏس ۾ پاڻ موکيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي موجب قديم زماني کان اڄ تائين بيشمار شاعرن سنڌي بيت چيا آهن ۽ چوندا رهن ٿا، ابتدا ۾ سَخين ۽ سُورهين جي ساراهه بيت جو مُک مضمون هو، موجوده دور ۾ به صوفي شاعر توڙي جديد شاعر بيت ذريعي پنهنجا جذبات، احساسات، امنگ، ارمان، اميدون، مايوسيون، محروميون بيان ڪري رهيا آهن. حضرت مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ بيتن جو وڏو ذخيرو ملي ٿو، سندس ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جو وڏو حصو عنوان وارن بيتن تي مشتمل آهي، ان کان سواءِ ڪتاب ”سدا وسي سنڌڙي“ ۾ سڀ بيت آهن، جيڪي مختلف عنوانن هيٺ آيل آهن. هي ڪتاب ڊسمبر 1990ع ۾ ڇپيو، هن مجموعي جا بيت 1954ع کان 1974ع تائين مختلف وقتن ۽ مختلف هنڌن تي لکيا ويا.
    مخدوم صاحب جا 96 بيت شامل آهن، سندن مجموعي ”آب حيات“ جي ٻئي حصي ۾ جن کي هڪ عنوان آب حيات چئي سگهجي ٿو. مخدوم صاحب پنهنجي بيتن ۾ نوان مضمون به آندا ۽ پراڻن مضمونن ۾ بيان جي جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي. سندن شاعري جو اڀياس ڪندي محقق سهيل ابڙو موجب سندن ڪُلي شاعري خصوصاً ”بيت“ ۾ ٽي موضوع ملن ٿا:
    (1) روحانيت (2) وطن سان محبت (3) رومانوي
    برک محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري جي لفظن ۾ ” مخدوم طالب الموليٰ جي بيت جي مطالعي سان جيڪا ڳالهه سامهون اچي ٿي ته هن پاڻ کي روايت سان ڳنڍيل رکندي نج ديس صنف بيت کي ديسي ئي رنگ ۾ رهڻ ڏنو آهي ته ساڳي وقت ان ۾ موضوعاتي وسعت به پيدا ڪئي.
    مخدوم صاحب جون غيرعروضي صنفن ۾ بيت کان سواءِ ڪافيءَ سان وڏيون قربتون رهيون. هن صنف سان سندن دلي لڳاءُ هو، انڪري هن وساريل صنف جي مالڪي ڪيائون ۽ ڪافي جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ ضخيم تحقيقي ڪتاب ”ڪافي“ آندائون، جنهن ۾ ڪافي جي تاريخ، فن ۽ موضوعن تي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿائون. جيڪا ڪافي جي هڪ مفصل تاريخ آهي.
    مخدوم صاحب ڪافيءَ جو مقبول شاعر ڄاتو ويندو آهي ۽ ڪافيءَ جي صنف ۾ سندن حيثيت موجوده دؤر ۾ سڀني کان مٿاهين آهي. سندن ڪافيون سندن چئن مجموعن ۾ پکڙيل آهن. سندن ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جي ٻئي حصي ۾ 22 عنوانن سان 1955ع کان 1998ع تائين لکيل ڪافيون شايع ٿيل آهن. جڏهن ته ڪافين تي ٻڌل مجموعو ”بي پير اکيون“ سندن اکرن ۾ 1978ع ڌاران پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ 1991ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”آب حيات“ جي پهرين حصي ۾ 1980 کان 1991ع تائين لکيل 12 ڪافيون موجود آهن. ساڳيءَ ريت ”ڪِچڪول طالب“ 1955ع ۾ پڻ ڪافيون شامل آهن.
    مخدوم صاحب جي ڪافي جا موضوع اڳ ۾ لکيل ڪافين کان مختلف آهن، جن ۾ فني تجربا ڪري نواڻ آندي وئي آهي، جن سان شعري دلڪشي ۽ رنگيني پيدا ڪئي آهي.
    سندن ڪافين ۾ ترنم، نغمگي ڀرپور آهي، بقول مخدوم صاحب ڪافيءَ جو دارومدار آهي ئي راڳ، سُريلي آواز ۽ راڳ سمجهندڙ شاعر تي.
    مخدوم صاحب پنهنجي ڪافين کي راڳ ۾ موزون ڪيو، جيڪي ڪلنگري، آسا، ڌناسري، بلاول، سدا سهاڳڻ ڀيروي، گنڌاري، ديسي، گور سارنگ، تلنگ، تلنگ جي بهار يعني لوڙائو، پيلو، ڪرارا، ايمن، ٻيا ڪلياڻ، ديس، کنڀات، بهاگ، مارو بهاگ، ڪوهياري، پهاڙي، سانجهه، جوڳ، راڻي، مالڪونس، ڪونسيو، تلڪ ڪاموڏ، باگيشوري، راگيشوري وغيره ۾ ٻڌل آهن. اهي ڪافيون نين تار، دادري، چنچل، مغلئي، ڪلواڙي ۾ ڳائبيون آهن. ڪيتريون ئي ڪافيون هڪڙي گهاڙيٽي ۾ لکيل نظر اينديون، مگر سندن ڌنون مختلف راڳن ۽ جدا جدا ٺيڪن ۾ ٺهيل آهن. مخدوم صاحب ڪافي لکڻ وقت راڳن کي گهڻي اهميت ڏين ٿا. ان بابت ”ڪافي ۽ ان جو فن“ سري سان مقالي ۾ مخدوم صاحب ڄاڻائن ٿا ته ”ڪافي لکڻ وقت، ڪافي جي ڪا نه ڪا طرز دماغ ۽ ذهن ۾ موجود هئڻ گهرجي ۽ ان کي جهونگاريندو رهڻ گهرجي، ڇوته ان طرز تي ئي ڪافي لکڻي آهي، جيڪڏهن ڪابه نئين طرز آهي ۽ ڌيان ڪافي ٻڌائي آهي ته اها طرز جهونگار ۾ هجي ۽ ڌيان ڪافي لکڻ ڏي رهي“.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو