درسگاهن سان دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو..

'لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2020۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    قاضي عبدالغفار پبلڪ لائبريري وارهه جي ٽئين سالگرهه جي مناسبت سان.....

    تحرير: شرف الدين مرکنڊ

    ڪنهن به معاشري ۾ لائبريري جي اهميت ۽ افاديت پنهنجي جڳھ تي انمول حيثيت رکندڙ آهي، جنهن کان ڪو به فرد، سماج، ملڪ انڪار نه ٿو ڪري سگھي، ڇو ته لائبريري ۾ انسان ذات جي تاريخ محفوظ ڪيل هوندي آهي، جنهن کي هر ايندڙ فرد پڙهڻ چاهيندو آهي. ۽ ان کي پنهنجي زندگي ۾ اپنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هڪ لائبريري جو در کولڻ سان ڪيترن ئي جيلن جا دروازا بند ٿي سگھن ٿا ۽ ڪيترن ئي معاشرن ۾ سڌارو اچي سگھي ٿو. پاڻ لائبريري جي اهميت ۽ افاديت کان ايترا آشنا ته نه آهيون پر پوءِ به مختلف پروگرامن ۾ وڃڻ سان، مختلف ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان ۽ دوست احبابن جي ڪچهري مان ٿورو گھڻو حاصل ڪيو آهي. لائبريري ڪاليج، مدرسه، يونيورسٽي، ۽ تعليمي ادارن جي بنيادي جز جي حيثيت رکي ٿي.

    لائبريري جو لفظ لاطيني ٻولي مان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ ڪتاب مراد ورتي وئي آهي. لائبريري ان جڳهه کي چيو ويندو آهي جتي ڪتاب، رسالا، اخبارون ۽ ٻيو تاريخي مواد، جنهن کي لائبريري ۾ محفوظ ڪيو ويو هجي. اسان جي سماج ۾ لائبريري جو قيام ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. اڄ ڪلهه ڪتاب پڙهڻ، ڪتابن سان دلچسپي جي شرح ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندي پئي وڃي. ڏٺو وڃي ته جنهن معاشري ۾ ڪتابن جو ڪثرت سان مطالعو ڪيو وڃي، ان معاشري ۾ امن، سڪون، معياري زندگي، برداشت، خوشي ۽ روحاني مسرت هوندي آهي، پر جنهن معاشري ۾ ڪتابن جو گھٽ مطالعو ڪيو وڃي، لائبريرون نه هجڻ جي برابر هجن ته ان معاشري ۾ غم، بي سڪوني، ڪاوڙ، عدم برداشت ۽ بدامني جو ڄار وڇايل هوندو آهي.

    پير ڪرم الله الاهي عرف دلبر سائين پنهنجي ڪتاب “تعليم ۽ تربيت” ۾ هڪ واقعو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته شفيق بلخي چيو ته اسان عبد الله بن مبارڪ کي چيو ته اوهان نماز پڙهي اسان سان ڪجهه وقت ويهو ڇو نه ٿا جو اسان توهان کان ڪجهه سکون؟ ان جواب ڏنو ته مان هتان اٿي وڃي صحابه ڪرام ۽ تابعين جي محفل ۾ ويهندو آهيان. شفيق بلخي چيو ته صحابي ۽ تابعين ڪٿي آهن؟ هن جواب ڏنو ته هتان وڃي ڪتابن کي کوليندو آهيان ۽ انهن جي اقوالن، آثارن ۽ عملن کي پڙهندو آهيان، اوهان سان ويهي ڇا ڪيان. امام زهري ڪتابن جا ڍير جمع ڪري پوءِ اُهي ويهي پڙهندو هيو ته سندس زال کيس چوندي هئي ته تنهنجا اهي ڪتاب مون کي ٽن پهاڄن کان به وڌيڪ ڳرا آهن. ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي، ڪتاب انسان جو اڪيلائي جو ساٿي آهي. ڪتاب علم جي ڦهلائڻ جو بهترين ذريعو آهي. ڪتاب اهڙو ٿانوء آهي جنهن ۾ علم ۽ حڪمت کي گڏ رکجي ٿو. ڪتاب هڪ بهترين صلاحڪار ۽ رهنما هوندو آهي، ڪتاب علم جو نور ۽ قلم جي عظمت جو اظهار هوندو آهي.

    ڪنهن عقلمند انسان کان پڇيو ويو ته توهان ڪنهن سان ڪچهري ڪندا آهيو؟ ان ڪتابن تي هٿ رکي چيو ته هنن سان ۽ جيڪو هنن کي لکي ويو آهي انهن سان ڪچهري ڪندو آهيان. ڪتابن ۽ لائبريرين جي جيتري تعريف ڪجي ٿي اوتري گھٽ آهي ڇو ته لائبريريون سماج ۾استاد جهڙو ڪردار ادا ڪنديون آهن ۽ لائبريريون علمي سرمائي جون مرڪز هونديون آهن.

    اڄ پاڻ جنهن لائبريري تي قلم هٿ ۾ کنيو آهي ان جي اڄ ٽئين سالگرهه ملهائي وڃي پئي، جنهن جي ترقي ۾ نوجوان دوستن ۽ ساٿين پنهنجو ڀرپور نموني سان ڪردار ۽ ساٿ نڀايو آهي، جنهن جي سارسنڀال نوجوانن پنهنجي ذمي پاڻ کنئي ۽ اڃا تائين اها ذميواري نڀائيندي اچي رهيا آهن. مان انهن نوجوانن کي لائبريري جي ٽئين سالگرهه جي موقعي تي خراج تحسين سان گڏ سلام پيش ڪريان ٿو. هن لائبريري جي شروعات سنڌي ادبي سنگت شاخ وارهه پاران ڪئي وئي هئي، جيڪا هن وقت به لائبريري سان ڳنڍيل آهي. جتي مختلف هنڌن تي پروگرام ۽ گڏجاڻيون ڪري ٿي. تازو ڊسمبر جي 29 تاريخ تي نوجوان ليکڪ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو جي ٻن ڪتابن “اعليٰ تعليم جا اعليٰ رجحان ۽ موقعا” ۽ “ڀاڳوند جو ملڪ ملائيشا” جي مهورتي تقريب رکائي وئي، جيڪا پهريو دفعو وارهه تعلقي ۾ منهنجي نظرن مان گذري آهي. هن لائبريري سان منهنجو تعلق 2018ع کان وٺي آهي جڏهن به مڪتب مان ڳوٺ موڪل تي ويندو آهيان ته هن لائبريري ۾ سڄو ڏينهن مختلف ڪتابن جي مطالعي سان گڏوگڏ دوستن سان ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي رهندي آهي. هن لائبريري جي شروعات 2016ع کان ٿي، جنهن ۾ نوجوانن، جن ۾ ڪامريڊ منان چانڊيو، حنيف سوڍر، عرفان منان، ابراهيم لاشاري، ساحل سڪندر، مهران تنيو، نجيب چانڊيو، آگم کهاوڙ، شيراز پريم، الطاف راجا ۽ ٻيا ڪافي سارا دوست آهن، جن پنهنجي شهر ۾ لائبريري جي بنياد رکڻ جي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي، شهر جي مک چوڪ فاضل راهو چوڪ تي لائبريري جي مالي سهائتا جي لاءِ ڪيئمپ قائم ڪري لائبريري جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. لائبريري جي فنڊ لاءِ پوري شهر جي عوام جن ۾ فقير فقراء، هاري ناري، شاگردن، سياسي، سماجي، تنظيمي، مذهبي اڳواڻڻ ۽ استادن ڀرپور نموني سان مالي سهائتا سان گڏ ڪتابن جي عنايت ڪئي ۽ نوجوانن جي محنت رنگ لاتو جو وارهه جي شهر ۾ خانگي “قاضي عبدالغفار پبلڪ لائبريري” جي نالي سان وجود ۾ آئي ۽ وارهه تعلقي جي عوام کي بهترين لائبريري جو شاندار تحفو مليو.

    هن لائبريري ۾ هن وقت اڍائي هزار کان مٿي مختلف موضوعن تي ڪتاب موجود آهن جن ۾ فلسفو، مذهبي، سياست، انگلش، نصاب، انگريزي ادب، اردو ادب، سنڌي ادب، ناول، ڪهاڻي، سفرنامه، اتم ڪٿائون ۽ هر مهيني ۾ مختلف ادارن مان ڇپجندڙ رسالا جن ۾ همسري، افيئر، سالار ۽ روزاني جي بنياد تي ڪافي اخبارون اينديون رهنديون آهن.

    جڏهن ته لائبريري جي افتتاحي تقريب 2017ع ۾ پهرين جنوري تي ڪئي وئي ۽ اڄ 12 هين جنوري تي ٽين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، ان موقعي تي نوجوانن پاران عيد محمد مارڪيٽ، فرسٽ فلور وارهه ۾ هڪ شاندار تقريب پڻ ڪوٺائي پئي وڃي، جڏهن ته وارهه شهر جي هڪ معزز شخصيت، سائين هدايت الله قريشي صاحب هن لائبريري کي ٽن سون کان مٿي ڪتاب جا تحفا ڏنا آهن جن جو اڄ پڻ افتتاح به ڪيو ويندو. هيء ته وارهه جي علم دوست نوجوانن پاران هڪ لائبريري جي ڪهاڻي اوهان پڙهي، پر وارهه تعلقي ۾ چونڊيل نمائندن توڙي حڪومت جي اعليٰ اختيارين پاران لائبيريري، پريس ڪلب ۽ ڪميونٽي هال جي منظور لاءِ پلاٽ ته مختص ڪري بلڊنگ تيار ڪيون ويون آهن پر ان لاءِ ڪي به فنڊز ناهن رکيا ويا، ته جيئن لائبريري فعال ٿي سگهي، ٽائون ڪاميٽي جي چئيرمين طرفان ڪافي دفعا اعلان ڪيا ويا آهن پر انهن تي عمل تر جيترو به ناهي ٿي سگهيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو